book: qazi faiz mohd, ruk sindhi

78
Qazi Faiz Mohammed A Political Leader of Sindh Author: Ruk Sindhi

Upload: sindhiadab

Post on 04-Feb-2020

22 views

Category:

Documents


0 download

DESCRIPTION

Book: Qazi Faiz Mohd (A Socialist Leader of Sindh) Author: Ruk Sindhi Year: 2010 Publisher: Qazi Faiz Mohd Academy

TRANSCRIPT

Page 1: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

Qazi Faiz Mohammed A Political Leader of Sindh

Author: Ruk Sindhi

Page 2: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

سنڌ ۾ هاري هلچل جو هڪ اهم ڪردار

قاضي فيض محمد

)سوانح حيات(

مصنف: رڪ سنڌي

بادحيدرآسوجهرو ۽ سارنگ منگي، ميڊيا لنڪ ڪمپوزرس، ڪمپوزنگ: 2007يشن: ايڊ

Page 3: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ترتيب

ٻه اکر شروعات

ننڍپڻ ۽ تعليم سياسي زندگيء جي شروعات

مسلم ليگ ۾ شموليت هاري ڪاميٽي ۽ ان بعد

ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ عوامي ليگ ۽ نعپ

االٽي تحريڪ ايوبي مارشل ال

عوامي ليگ ۾ اهم ڪردار سنڌي ٻوليء جي بقا الء جنگ

زندگيء جا آخري ڏينهن ادبي ۽ ثقافتي زندگي

حواال ۽ سمجهاڻيون ماخذات

Page 4: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ٻه اکر

سنڌي ٻوليء ۾ سوانحي ادب تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. اڄ تائين سنڌ ۾ ڪنهن سياستدان، شاعر يا اديب جي باضابطا طور تي ڪابه جامع ۽ مستند سوانح ڪانه لکي وئي

هنجي نوجوان نسل کي پنهنجن رهبرن ۽ آهي. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهربو هو جو اسان پناڳواڻن جي ڪارڪردگين، فتحن ۽ شڪستن کان واقف ڪرڻ الء انهن جون سوانح عمريون

ترتيب ڏيون ها.ائين ڪرڻ سان هڪ ته اسان جي قومي اڳواڻن جا ڪارناما ۽ ڪارروايون محفوظ ٿي تاريخ

ي تجربن ۽ مشاهدن مان جو حصو بنجي وڃن ها ۽ ٻيو ته اسان جو نوجوان نسل ماضيء ج سبق پرائي مستقبل الء صحيح رٿابندي ڪرڻ جو اهل ٿي سگهي ها.

مان جڏهن سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ته مٿيون حقيقتون ذهن ۾ رکي پنهنجي پروگرام ۾ سنڌ جي همعصر دور جي عظيم شخصيتن جي سوانح حيات مرتب ڪرڻ

جو ڪم پڻ شامل ڪيو.( جي ايم 2( ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي )1قومي اڳواڻن ) 6تدا ۾ سنڌ جي ان پروگرام هيٺ اب

( ڪامريڊ 6( قاضي فيض محمد ۽ )5( موالنا عبيداهلل سنڌي )4( شيخ عبدالمجيد سنڌي )3سيد )غالم محمد لغاري جي سوانح حيات لکڻ جو ڪم شروع ڪيو. هن سلسلي جو پهريون

باقي پڻ جلد ڇپائي پڌرا ڪيا ويندا. توهان جي هٿن ۾ آهي.“ قاضي فيض محمد”ڪتاب قاضي فيض محمد، سنڌ وطن جو سچو خادم ۽ پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو. پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاء جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به،

اڳواڻي جتي به، هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصالت الء جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾

Page 5: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي ۽ هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هيا، زندگيء جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ الء جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم

ندا.جاء واالرياهڙي قابل فخر ۽ عزت الئق انسان جي سوانح حيات لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي. ان جي شاهدي هي ڪتاب ڏيندو. مان ڪا ٻٽاڪ هڻڻ نه ٿو گهران، پر ايترو ضرور چوندس ته اڄ تائين سنڌ جي سنڌي ادب ۾ ههڙي جامع ۽ مستند سوانح حيات شايد ڪا لکي

وڌ کان وڌ تصديق ٿيل مواد ڪتب آڻيندي، تمام ٿورن صفحن وئي هجي. مان ڪوشش ڪري ۾ قاضي صاحب جي زندگيء جي هر پهلو سميت سندن دور جي سياست جو مختصر نقشو پڻ چٽيو آهي. جيئن پڙهندڙ نه صرف قاضي صاحب جي زندگي، پر ان دور جي اهم سياسي

الهن چاڙهن ۽ واقعن کان پڻ واقف ٿي سگهن. منهنجي هيء محنت سنڌ جي سڄڻن کي پسند پوندي. مون کي اميد آهي ته

رڪ سنڌي ع1985مئي 25

Page 6: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

قاضي فيض محمد )سوانح حيات(

ع هاالڻي تعلقو ڪنڊيارو1908نومبر 23جنم: ع هاالڻي تعلقو ڪنڊيارو1982آڪٽوبر 13وفات:

Page 7: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ـون ڪـــــيتــــــريــــــون، ساهڙ ساهڙ ڪن،ڪنــڌي اڀيــــ ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،

ساهـــــــــڙ سندو تـــــن، سر سهـــــائي جي گهــــــڙيـــــــــون! )شاهه لطيف(

Page 8: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

شروعات

هن ئي صدي جي صدي پوري انسانذات الء انقالبي ۽ تيز رفتاري جي صدي رهي آهي. 20پيٽ ۾ ٻن عالمي جنگين جنم ورتو. غالم قومن پنهنجيون آزاديون ٻيهر حاصل ڪيون. پورهيتن پنهنجيون پهريون ڀيرو عالمي نقشي تي سماجوادي رياستون قائم ڪيون. دنيا ٻن نظرياتي ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. هن صدي پنهنجي ڪک مان جتي ڪيترن جابرن، ظالمن ۽

الء ڪم ڪندڙ وحشي انسانن کي جنم ڏنو. اتي ڪيترائي مظلوم قومن انسانيت جي تباهيء۽ انسانن، پيڙيل پورهيتن ۽ مزدورن جا همدرد ۽ هڏڏوکي، رهبر ۽ سرواڻ جنم وٺي، سڀ الڳاپا الهي، زندگي جي آسائشن ۽ آرائشن کي خيرباد چئي ميدان عمل ۾ نڪري آيا. پاڻ

هيڻن جا همراهه ۽ ڏکويلن جا ڏڍ بڻيا.ئي صدي ۾ لينن، مائو، چي گويرا، هوچي منهه، فيڊل ڪاسٽرو ۽ ٻين بي انتها عظيم هن

انقالبي انسانن جنم ورتو. جن مظلوم پورهيتن ۽ مظلوم قومن جي آزاديء ۽ خودمختياريء، خوشحاليء ۽ آبياريء الء ڪٺن جدوجهد ڪئي. منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ڪري، پنهنجن

هن ئي صدي ۾ اسان جي سنڌ، اسان جي هن سرزمين به پنهنجي حقن الء وڙهڻ سيکاريو. ڪک مان اهڙن ارڏن ۽ اڙٻنگ انسانن کي جنم ڏنو. جن پنهنجي امڙ جي سينڌ ۾ سينڌور ڀرڻ کان وسان ڪين گهٽايو. جن سنڌ جي حيثيت مڃرائڻ ۽ سنڌين کي هڪ مستقل ۽ ترقي

پنهنجي قومي وقار بحال ڪرڻ الء يافته قوم بنائڻ الء سڄي برصغير جي ذهنن کي ڌونڌاڙيو. جاکوڙ ڪئي. پنهنجي ڀٽڪندڙ قوم کي صحيح ۽ سائنسي سچائي سان ٺهيل واٽ وٺائڻ الء

ڪوششون ورتيون.صديء جي سنڌ ۾ اسان کي اهڙا ڪيترائي ناال ملندا، جن کي ڏيهين ته ڇڏيو پر پرڏيهه -20

ن عظيم هستين جي عالمي وارن به مڃيو ۽ سندن جذبي ۽ ڪم جي واکاڻ ڪئي. اڄ به انهسياست ۾ ادا ڪيل ڪردار کي زندهه دل قومون عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿيون. اهڙن ماڻهن

Page 9: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

مان قاضي فيض محمد به هڪ آهي. سندس مڙئي ڪارناما ۽ عمل سنڌ توڙي پوري عالم جي 'عوامي تاريخ' ۾ نهايت اهم جاء واالريندا.

چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر قاضي صاحب جي زندگيء جي مطالعي بعد ائينبخش جتوئي کان پوء قاضي فيض محمد ٻيو شخص هو، جنهن سنڌي قوم ۽ هتان جي پورهيت عوام جي خوشحاليء الء هلندڙ هر جدوجهد جو ساٿ پئي ڏنو آهي ۽ اهڙين سنڌ دوست تحريڪن ۾ قاضي صاحب جو ڪردار نرالو پئي رهيو آهي. جڏهن به، جتي به سنڌ ۽ هتان جي پورهيتن جي مفادن سان هٿ چراند ٿي آهي، يا ڪنهن ميري اک سان هن سرزمين کي تڪيو آهي ته اهو قاضي صاحب جي تيزڌار واري تلوار جو نشانو بڻيو آهي. پاڻ وقت جي هر جابر ۽ ظالم سان ٽڪر کائيندا ۽ ان اڳيان سينو ساهيندا آيا آهن. اهڙي مرد مجاهد جي

شڪ وڏي ڪارج وارو ٿيندو.زندگي جو مطالعو بالقاضي صاحب جن بااصول سياستدان، اعلي دانشور، ماهر تعليم، برک قانوندان، ترقي پسند اديب، ڪالسيڪي راڳ جا ڄاڻو ۽ پورهيتن جا بهترين ساٿي هئا. سندن حياتي جو پل پل نهايت مصروف ۽ قومي ڪاز الء صرف ٿيندڙ هو. پاڻ اصولن تي سودي بازي ڄاڻيندا ئيڪونه هئا. ڪنهن به ڳالهه تي سچ کي لڪائي مصلحت ڪانه ڪيائون، ڪڏهن به وڏيرڪي سياست جي چڪر ۾ ڪين آيا. هميشه هيڻن جا همراهه ۽ پورهيتن جا پاسبان رهيا. سندن سياست اليڪشن رستي ظالم سامراج جي مشنري ۾ گهڙي، ان جي پرزي طور ڪم ڪرڻ

واري “ سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي”ودو هيو. جي نه هئي، پر رت جي راند هئي، سر جو سڪار هئي. پاڻ سياست کي وڏيرڪي وندر جو ذريعي ۽ شغل نه پر مڪمل سائنس سمجهندا

سياست هڪ اهم سائنس ۽ زندگي جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو عمل ”هئا. پاڻ لکن ٿا ته، (1“ )آهي.

سياست ۽ ان قسم جي سياستدانن پاڻ پنهنجي دور جي جاگيردارانه ۽ سرمائيدارانه طرز جي جي ڪٽر دشمن ۽ مخالف رهيا. برصغير ۾ غالميء وقت جيڪا وزارتن وٺڻ ۽ سياسي تنظيمن رستي فيصله ڪن جنگ ڪري جدوجهد ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ بجاء سامراج جي چمچاگيري ڪري ڪجهه رعايتون ۽ منافعا حاصل ڪرڻ واري سياست هلندڙ هئي. پاڻ ان

سياست قومن جي نه پر سڄي انسانذات جي زندگي آهي، خبر ”فرمائن ٿا ته، سياست بابت ناهي ته ماڻهو سياست کي ڇا ٿا سمجهن، ڪن وري ان کي بازيگري تصور ڪيو آهي. مگر انهن سڀني روپن وارا ماڻهو جاهل آهن. جن سياست جو جنازو ڪڍي، انسانذات کي تباهي

Page 10: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ت هڪ تمام اوچي سائنس آهي، جيڪا منطقي جي در تي اچي بيهاريو آهي. حقيقت ۾ سياسطور تي انسانذات جي ڀالئيء الء ڪم آڻڻي آهي. مگر افسوس جو هتي، خاص طرح مسلمانن جي ملڪن ۾ خودپرستيء جي الء سياست هڪ اوزار آهي. جنهن جي معرفت پنهنجن کي ته

سورما بنجي رهيا تباهه ڪري ڇڏيائون پر هاڻي ته سڄي دنيا جي تباهي جو ڪارڻ هي سياسي (2“ )آهن.

قاضي فيض محمد، شخصيت پرستي ۽ خودپرستي کان مٿانهون رهيو. پاڻ هميشه چوندو ماڻهو چوندا آهن ته پنهنجي نالي کي قائم ڪجي ۽ ڪجهه ڪري وڃجي. پر ”رهندو هو ته،

(3“ )پاڻ اهڙي منزل تي پهتا آهيون، جو سمجهان ٿو ته اهڙو خيال به وڏي نفس پرستي آهي.شخصيت پرستي کان مان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. عوامي شخصيت کي اجاگر ”ٻئي هنڌ لکن ٿا ته،

ڪرڻ گهرجي. عوام جي هر هڪ ماڻهو کي موتي ۽ هيرو بڻائجي ....... شخصيت پنهنجي ليکي ڪابه شيء نه آهي. انهيء کي بت بڻائي پوڄا پاٺ شروع ڪجي. خود تخليق جي پوڄا

نهن وسوسن ۾ گهٽجيو مريو وڃن. هر هڪ شخصيت پنهنجي ڪرڻ بيماري آهي، ماڻهو ا (4“ )وقت ۽ سندس جفاڪشين جو نتيجو آهي.

برطانوي سامراج جي ڇتپڻي جي ڏينهن ۾ پاڻ کلئي عام انقالبي رنگ ۽ ڍنگ سان غالم قومن ۽ پيڙيل طبقن جي حمايت ڪري، سياسي فضا ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي. انگريز

“ آهه نه سليائون عام سان.”يشه شڪار رهندا آيا. پر ته به سامراج جي غصي ۽ غضب جو همڪنهن سان شڪايت ڪونه ڪيائون، ۽ نه وري ايئن ئي دانهون ڪيائون ته مان هيترو ڪي هيترو سٺو، هيڏيون تڪليفون ۽ عذاب ڀوڳيا آهن. پاڻ خاموشيء سان پنهنجي فرض جي بجا

باڪي جا دوست توڙي دشمن مداح آوري ڪندا رهيا. سندن سچائي ۽ خلوص، بهادري ۽ بي رهيا آهن. ڪوبه سندن انقالبي ڪردار تي پردو وجهي نه ٿو سگهي.

قاضي صاحب، جنهن پيشي سان تعلق رکندو هو، اهو پيشو مال ملڪيت ميڙڻ الء، بنگال ۽ ماڙيون ٺهرائڻ الء وڏي اهميت وارو آهي. وڪيل هن ملڪ ۾ سڀ کان سکيا ستابا، پنهنجن

ارا امير ليکيا ويندا آهن. هن ملڪ ۾ وڪيلن جون ڇنون ڏسندي ڏسندي ڪارن موٽرن وبنگلن ۾ تبديل ٿي ويون. پر قاضي صاحب جي جڳهه ۽ مال ملڪيت ارتقا ڪري نه سگهي. پاڻ وڪالت صرف پيٽ پالڻ الء ڪندا هئا، نه ڪارن ۽ بنگلن جي حاصالت الء، پاڻ هميشه

سادي زندگي گذاريندا رهيا.

Page 11: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

جيڪي ڪجهه ڪمايو، سو سياست ۾ اچي ملڪ ۽ قوم الء خرچ ڪري قاضي صاحب جن ڇڏين. پاڻ جهڙا اڳ هئا، آخري گهڙي تائين اهڙا ئي رهيا. پاڻ جيڪي ڪجهه وڪالت مان ڪمائيندا هيا، ان مان ڪجهه پيٽ قوت الء ڪڍندا هئا، باقي ڪتابن ڇپائڻ، پمفليٽ ڪڍي

دين جا ڪيس لڙڻ، انهن جون جيل ۾ ورهائڻ، هارين، مزدورن ۽ ٻين پارٽي جي سياسي قيمددون ڪرڻ، پارٽي فنڊ ۾ چندا ڏيڻ، غريبن ۽ گهرجائن جي مدد ڪرڻ تي خرچ ڪندا هئا. پاڻ

مان هن وقت بلڪل ”پنهنجي آخري زندگيء جي معاشي حالتن جو نقشو هن طرح چٽيو اٿن، ن جي فقير ٿي چڪو آهيان، يعني جيڪي سموري عمر ۾ وڪالت جي ڌنڌي مان لکن روپي

انداز ۾ ڪمايو، سو سڀ وطن ۽ وطن جي ماڻهن جي بهتريء الء سياست ۾ اچي خرچ ڪري ڇڏيم. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ سچي سياست جي ميدان ۾ پنهنجي جان، مال، سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو پوي ٿو. وقت سر زماني جون حڪومتون گهر ۽ زمينون به سياست ۾ عداوت ڪري

(5“ )سو روپيه ۽ گندي ڪپڙا اٿم. 15 کسي کنيو وڃن. هن وقت مون وٽ

Page 12: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ننڍپڻ ۽ تعليم

23قاضي صاحب جن سنڌ جي ضلعي نواب شاهه جي ننڍڙي پر اهم تاريخي شهر هاالڻيء ۾ ع تي قاضي نبي بخش صديقي جي گهر ۾ جنم ورتن.1908نومبر

يو. ان بعد قاضي صاحب، جن اڃا ڇهن مهينن جا مس ٿيا ته سندن والد صاحب فوت ٿي وسندن وڏي ڪٽنب ۾ اچي موتن جو سلسلو شروع ٿيو. چند مهينن ۾ گهر جا مڙئي ڀاتي فوت

(6ٿي ويا. گهر ۾ صرف قاضي صاحب اڪيلو ۽ چند عورتون ئي وڃي بچيون. )پاڻ تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ جي سرڪاري سنڌي اسڪول ۾ گهڙڻ سان ڪئي. اڃان

ع ڌاري برصغير ۾ 1919ي پهرين عالمي جنگ ڇڙي وئي ۽ ع ڌار1918سالن جا مس ٿيا ته 10خالفت ۽ ڪانگريس هلچل پڻ زور ورتو. ان وقت قاضي ٻين هندو شاگردن ۽ ڪانگريسي

سالن جي 11ڪارڪنن جي صحبت ۾ اچي قومي اسڪول ۾ داخال ورتي ۽ اهڙي طرح پاڻ جو پڙهندا هئا ننڍڙي عمر ۾ ئي قومي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيائون. جڏهن پاڻ ٽيون در

ته پاڻ کاڌي پائڻ، چرخو ڪتڻ، اسر وقت ڦيريون ڪڍڻ ۽ قومي ترانا ڳائڻ شروع ڪين.قاضي صاحب جن مختلف اسڪولن مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون. پهريان هاالڻي ۾، بعد

ع ۾ خيرپور هاء اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺا. ان بعد وري پاڻ نوشهري فيروز جي مدرسي 1922۾ کان 1927. جتان ئي سندن سياسي زندگيء جو صحيح معني ۾ آغاز ٿيو ۽ پاڻ ۾ داخل ٿيا

)انڊيا خالي ڪريو( واري تحريڪ جي “ ڪئٽ انڊيا”عملي سياست جي ميدان ۾ داخل ٿيا. پاڻ (7)سائمن ڪميشن واپس وڃ( تحريڪ ۾ حصو ورتن. )“ سائمن گوبيڪ”وچ وارن مرحلن ۾

جان سائمن جي اڳواڻي هيٺ هڪ ڪميشن مقرر ڪري ع ۾ انگلينڊ جي پارليامينٽ سر 1927جاچ الء موڪلي ته هندستان جي حڪومت جي انتظام ۾ ڪهڙي بدل سدل ڪجي، جو اتان

هلچل “ انڊيا خالي ڪريو”اڀرندڙ آزادي جون تحريڪون ڪجهه وقت الء ٿڌيون ٿي وڃن ۽ ڳيان سنڌ جي ( جڏهن هيء ڪميشن ڪراچي ۾ آئي ته هتان جي عوام سندن ا8دٻجي وڃي. )

بمبئي سرڪار کان علحدگي جو مطالبو رکيو ته هن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ۽ هتان جي عوام جي ان گهر کي ٺڪرائي ڇڏيو. ان الء ملڪ جي ٻين حصن وانگر سنڌ جي سامراج

جي ميمبرن جي اچڻ تي سنڌ ۾ “ سائمن ڪميشن”دشمن ترقي پسند سنڌين پروگرام رٿيو ته

Page 13: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ن. ۽ اها ڳالهه سندن ذهنن تي آندي وڃي ته بر صغير جو عوام آئيني سڌارا يا مظاهرا ڪيا وڃآزاديء جي هلچل کي نقصان رسائيندڙ ٻيا سڌارا برطانوي سامراج جي غالمي هيٺ رهي وٺڻ الء تيار نه آهي. ان ڪري سائمن ڪميشن جا سڌارا اسان کي منظور ناهن. عوامي ردعمل

نهن ڏسي واپس ٿي وئي.ڪري سائمن ڪميشن ناڪامي جو مان وقت قاضي صاحب جن نوشهري ۾ پڙهندا هئا. پاڻ سنڌ جي قومي اڳواڻن جي فيصلي کي اثرائتي موٽ ڏيندي، پنهنجي هم عمر ساٿين کي ان ڳالهه تي متفق ڪيو. پنهنجي اسڪول ۾ تقريرون ڪري، هٿ لکيل پمفليٽ ورهائي، بينر لڳائي ڪافي دوست تيار ڪري پنهنجي

هيٺ وٺي وڃي، پڊعيدن اسٽيشن تي نڪتا. جتان سائمن ڪميشن جا ميمبر ريل اڳواڻيء“ سائمن گو بيڪ”گاڏيء رستي اڳتي لنگهي رهيا هئا. پاڻ مڙني ساٿين سان گاڏي اچڻ وقت

( ۽ ميمبرن جو ڪارين جهنڊين سان استقبال ڪيو.9جا نعرا هڻايا، )۾ آئي ۽ استاد عثمان علي قاضي صاحب کي گرفتار ڪرڻ الء پوليس نوشهري اسڪول

انصاري سان ملي ته هو قاضي صاحب جي ٻانهن ڏئي. پر هڪ شفيق استاد نه گهريو ته ائين سندن موجودگي ۾ هڪ ننڍي نيٽي نينگر کي گورن جا دالل پوليس وارا کنڀي کڻي وڃن. سو هن قاضي فيض محمد کي ڪنهن طريقي سان اسڪول جي حدن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

ليس سڄو اسڪول ڳولي ناڪام ٿي واپس هلي وئي.( پو10)ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ساماري ۾ ڪالرڪ مقرر ٿيو. پر کين 1929قاضي صاحب جن

سرڪاري نوڪري ڀانء ڪانه پئي، سو پاڻ ماء جي مدد سان علي ڳڙهه ۾ داخال ورتن. جيڪا هه پڻ هيو. ان وقت برصغير جي سياست جو اڏو بڻيل هئي ۽ مختلف قومي اڳواڻن جو آمجگا

علي ڳڙهه ۾ رهڻ ڪري پاڻ ڪافي ڪجهه پراين ۽ سندن ذهني سوچ ۽ فڪر ۾ وڌيڪ سال رهڻ بعد اتان واپس اچي ڪراچي انجنيئرنگ 2پختگي پيدا ٿي. پاڻ علي ڳڙهه ۾

ڪاليج ۾داخال ورتن، ان بعد اتان ڇڏي سائنس ڪاليج ۾ داخال ورتن. ڪراچي ۾ پڙهائي ون پنڊت نهرو، موالنا ابوالڪالم آزاد، عالمه آء آء قاضي ۽ واري عرصي دوران سندن مالقات

ٻين سان ٿيون. ڪراچي ۾ جڏهن اهڙن رهنمائن جو اچڻ ٿيندو هو ته پاڻ دوري دوران قاضي صاحب کي گڏ کڻندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ سباش چندر بوس جي جلسن ۾ وڃڻ ۽ سندن

کان گهڻو متاثر ٿيا ۽ سندن جلسن ۾ پراثر تقريرون ٻڌڻ جو موقعو ملين. پاڻ سباش بوس (11وڃي، اتي پوليس جا ڏنڊا ۽ مارون پڻ کاڌن. )

Page 14: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

پاڻ ننڍي هوندي کان ئي وطن دوست ۽ پورهيت دوست هوندا هئا. جتي به وطن ۽ ان جي ڏتڙيل عوام جي آزاديء جي چڻنگ دکندي ڏسندا هئا، اتي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ الء

گرديء واري دور ۾ شهيد الهه بخش سومري، مذهبي قومي نظريي حاضر ٿيندا هئا. سندن شاجي مخالفت ڪندي، قومن جي لساني ۽ جاگرافيائي خطن جي بنياد تي آزاديء جو نعرو بلند ڪيو ۽ سنڌ کي مڪمل قومي خودمختياري وٺي ڏيڻ الء ميدان هموار ڪرڻ لڳو، ته قاضي

مايتي بنجي پيا. الهه بخش شهيد، مسلم صاحب جن کانئن ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ الهه بخش جا حليگ کي انگريزن جي ڪٺپتلي جماعت ڪوٺيندو هو. جنهن طرفان مليل مذهبي بنيادن تي

-36آزادي کي پاڻ حقيقي آزادي ڪونه سمجهندو هو ۽ ان جي شديد مخالفت ڪرڻ لڳو. سال هن ۾ عالمه ۾ شهيد الهه بخش جي حمايت ۾ هڪ جلسو ٿيو. جن“ خالق ڏني هال”ع ڌاري 1935

آء آء قاضي پڻ شريڪ ٿيو. قاضي فيض محمد ۽ محترم جي ايم سيد ان جلسي ۾ وڏي شد مد سان بهرو وٺڻ لڳا. جلسي جي انتظام ڪندڙن، قاضي فيض محمد کي عالمه آء آء قاضي جي ڪرسي پويان محافظ ڪري بيهاريو. ڇو جو حڪومت جي ڪارندن ۽ مسلم ليگي غنڊن

و. نيٺ اهو ئي ٿيو، جنهن جو شڪ هيو. جلسي هلندي حڪومت جي جي حملي جو خطرو هيڪارندن ۽ مسلم ليگين جلسي ۾ مداخلت ڪري، ان کي درهم برهم ڪيو ۽ ماڻهن کي مارڪٽ ڪرڻ لڳا. قاضي فيض محمد ۽ ٻين محافظن کي غنڊن مارڪٽ ڪري ڌڪي، جلسي

ا ۽ پاڻ رت ۾ رڱجي ( جنهن ڪري کين جسم تي اونها زخم رسي12گاهه کان ٻاهر ڦٽو ڪيو. ) ويا.

جي ڊگري حاصل ڪئي. (B.Sc)ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان بي ايس سي 1935قاضي صاحب ع تائين 1940ع کان 1933پاڻ بي. ايس. سي ڪرڻ بعد مختلف نوڪرين ڪرڻ ۾ لڳي ويا،

(L.L.B)ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان ايل ايل بي 1940تعليم کاتي ۾ مالزم رهيا. ان بعد ع کان باقاعدي وڪالت شروع ڪيائون. اهڙي طرح قاضي صاحب سنڌ 1941گري ورتن ۽ جي ڊ

هاء ڪورٽ جا مرڻ گهڙي تائين سينئر وڪيل رهيا.

Page 15: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

سياسي زندگيء جي شروعات

قاضي فيض محمد، جڏهن پڙهي ڳڙهي باشعور ٿيو ته سندن ذهن ۾ سوچن جا سال اسريا. پاڻ ن کي ڏٺائون. پنهنجي وطن جي اپمان ٿيندي ڏٺائون. مارن جي پنهنجي زمين تي ڌارين ڦور

منهن تي مايوسي ۽ نراسائي ڏٺائون. قوم جي مٿئين طبقي کي لقب القاب وٺندي ڏٺائون. جاگيردارن ۽ پيرن کي اسيمبلين ۾ هڪ ٻئي جون پڳون الهيندي ۽ هڪ ٻئي کان وڌيڪ

ندي ڏٺائون. غريب جيئن پوء تيئن انگريز سامراج سان وفاداريء جي بدلي انعام اڪرام وٺغريب تر ٿيندو رهيو. امير وڌ کان وڌ امير ٿيندو رهيو. غريبن سان زور آوريون ۽ ڏاڍايون، پورهيتن جي ڦرلٽ پاڻ ڏسي نه سگهيو. ڀال هڪ حساس دل انسان ڪيستائين ٿي برداشت

ڪامورا ڪري سگهيو ته هيئن ٻڪرين جيان عوام جا ولر روز بروز جيلن ۾ سٿبا رهن،پنهنجن پيٽن کي اڃا به ڦوڪيندا رهن. ست سمنڊ پار جو گورو پنهنجي فوجي بوٽن سان پنهنجي جنم جو حق گهرندڙ کي چٿيندو ۽ چيڀاٽيندو رهي. پرائي پئسي تي هڪ ننڍڙي ٻيٽ کي دنيا جو شاهوڪار ۽ امير ترين گريٽ برٽين بڻائيندو رهي. قاضي صاحب جڏهن انهن

تائين پهتو ته پاڻ سڀ الڳاپا الهي، دنيا جي دستور کي ڌڪو ڏيندي، ٻين مڙني ڳالهين جي تههآزادي الء وڙهندڙ سرويچن سان گڏجي پيو. پاڻ شاگرديء واري دور کان ئي سياست ۾ گهڙيا

۽ آخري گهڙي تائين مختلف هنڌن تان مظلومن جي حمايت ۽ ڏاڍ خالف جنگ وڙهندا رهيا.مل دخل وڪالت جو پڻ رهيو. ڇو جو وڪيل ئي ان وقت کين سياست ۾ پير پارائڻ ۾ وڏو ع

اهڙو طبقو هيو، جيڪو پڙهيل ڳڙهيل هجڻ سان گڏ باشعور پڻ هيو. وڪيل قانون جي ڄاڻ هجڻ ڪري پنهنجي قوم جو بچاء آئيني طريقن سان بهتر نموني ڪري ٿي سگهيا. هو دنيا

جدوجهد جي الڙن جي الهن چاڙهن، قومن جي عروج ۽ زوال جي سببن، قومي ۽ طبقاتيکان واقف هيا. پاڻ به پنهنجي غالمانه حيثيت ختم ڪرائي، انگريز سامراج جو ڳٽ پنهنجي

ڳاٽ مان ڪڍڻ الء هر وقت ڪوشان رهيا.

Page 16: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

خاڪسار تحريڪ

ع ڌاري ڪئي. اها پهرين 1933قاضي صاحب، باقاعدي ڪنهن سياسي پارٽيء سان وابستگي ع تائين 1945ع کان 1933ر تحريڪ. پاڻ هن تحريڪ ۾ پارٽي هئي، عالمه مشرقيء جي خاڪسا

ع ڌاري جڏهن سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي ۽ خاڪسار تحريڪ زور ورتو ته سنڌ 1936( 13رهيا. )مان خاڪسار تحريڪ ۾ قاضي صاحب، عبدالرحيم ميمڻ ۽ الهداد شجراهه پهريان ماڻهو هئا،

لچا کڻي ڪراچي شهر ۾ جيڪي خاڪي وردي پائيندا هئا ۽ ٻين دوستن کي ساڻ ڪري بي (14مارچ پاسٽ ڪندا هئا. )

ڌاري بنگال ۾ سخت ڏڪار پيو ته کين ۽ ٻين 1942پاڻ جڏهن خاڪسار تحريڪ ۾ هئا ته پارٽي ڪارڪنن کي مشرقي صاحب حڪم ڪيو ته پاڻ والنٽيئر ٿي ڪلڪتي وڃن. قاضي

دد ڪندا صاحب جن پارٽي حڪم تي ڪلڪتي پهتا ۽ اتي ٻه مهينا رهي متاثر ٿيلن جي م( بنگال مان موٽڻ وقت پاڻ سنڌ جي روايتي مهمانوازيء جو ثبوت ڏيندي هڪ 15رهيا. )

يتيم ٻار پاڻ سان سنڌ آندا. انهن کي هتي نه صرف پنهنجي 3ڀاتي ۽ 8بنگالي ڪٽنب جا خرچ تي رهاين، پر ننڍن ٻارن کي تعليم پڻ ڏياريائون. جن مان ڪي هتان پڙهي ڳڙهي

(16نگال واپس ويا. )ڊگريون حاصل ڪري ب

سنڌ هاري ڪاميٽيهيء سياست جو اهو دور هيو، جنهن ۾ ملڪي اڳواڻ جيڪي مٿئين طبقي سان واسطو

رکندڙ هئا، سي سياست کي پنهنجي نالي ۽ ناموس، ٻاهرين وٽ عزت ۽ وقار حاصل ڪرڻ رن جي جو ذريعو سمجهندا هئا. ملڪ جي ججهي آبادي جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ پرڏيهي ڦو

ڏاڍ ۽ ڏهڪاء جو شڪار هئي. هاري ۽ مزدور پنهنجن توڙي پراون جي ٻٽي ظلم جو شڪار هيا. سنڌ ۾ ظلم ۽ ستم جي بازار گرم هئي، سرڪار ۽ هتان جا ڪامورا انڌ جي گهوڙي تي سوار هئا. سنڌ ۾ ڪا به اهڙي تنظيم يا پارٽي ڪو نه هئي، جا هيٺين طبقي جي حقن الء آواز

وڇڙ هارين ۽ مزدورن کي گڏ ڪري کين پنهنجا حق ڇڪائڻ جو صحيح شعور بلند ڪري، ڇڙسنڌ هاري ”ع ۾ ميرپورخاص ۾ 1930عطا ڪري. اهڙي ئي ڪاري دور ۾ سنڌ جي ڪن سڄڻن

جو بنياد وڌو ويو.“ سنڌ هاري ڪاميٽي”جو اجالس سڏايو. جنهن ۾ “ ڪانفرنس

Page 17: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ٽي، سنڌ هاري ڪاميٽي ئي سنڌ اندر مسلم ليگ ۽ ڪانگريس کان پوء ٻيو نمبر وڏي پارهئي. جيڪا صحيح نموني انقالبي بنيادن تي ڪم ڪري رهي هئي. قاضي صاحب کي هاري

ع ۾ نواب شاهه ۾ ڊاڪٽر هاسانند، ڪامريڊ 1941ڪاميٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جي دعوت عبدالقادر ۽ جمال الدين بخاري ڏيڻ آيا. پاڻ جيئن ته هاري ڪاميٽي جي ڪم ۽ ان جي مقصد

ن اڳ ئي متاثر هيا. ان ڪري اها دعوت خوشيء سان قبول ڪيائون ۽ هاري ڪاميٽيء ۾ کا( قاضي صاحب سنڌ جي هارين کي بيدار ڪرڻ ۽ سندن 17باقاعدي ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. )

حقن الء جدوجهد ڪندڙن سان گڏجي پنهنجون صالحيتون استعمال ڪرڻ لڳو. کين پنهنجي ڻ الء سنڌ هاري ڪاميٽي هڪ ميدان مهيا ڪري ڏنو. پاڻ آدرش کي پايه تڪميل تي پهچائ

انتهائي سچائي ۽ خلوص سان هارين ۽ پورهيتن جي خدمت ڪندا رهيا. ان فرض بجا آوري ڪندي کين جيڪي جسماني ۽ مالي تڪليفون پهتيون ۽ مٿن جيڪي مٿئين طبقي جي

ندا رهيا. ڪڏهن به ڪارندن طرفان عذاب نازل ٿيندا رهيا، سي پاڻ کلندي ۽ خوش ٿيندي سهقربانيء کان سواء نجات ملڻ نهايت ”پڻ انهن جو ذڪر ڪونه ڪيائون. پاڻ هڪ هنڌ لکن ٿا ته:

مشڪل آهي.... هن زمين کي صحيح قرباني جي تمام گهڻي ضرورت آهي. منزل مقصود جي (18“ )گاڏي قرباني آهي، قرباني ڏجي ته گاڏي هلي.

ع ڌاري هاري ڪاميٽي طرفان بٽئي تحريڪ شروع 1945-46انگريزن جي دور ۾ قاضي صاحب حصا کڻڻا هئا ۽ 2حصا ۽ زميندارن کي 3ڪئي. ان موجب هاريء کي زمين جي اپت مان

( ان تحريڪ، قاضي صاحب 19خرچ، الپن ۽ پاڻي وغيره جو پڻ زميندار کي حصو ڏيڻو هو. ) جي نگراني هيٺ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.

جون چونڊون ٿيون ته هاري ڪاميٽي طرفان پنهنجا اميدوار ع ڌاري سنڌ اسيمبلي1945بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ قاضي صاحب کي ڪنڊيارو تڪ مان اميدوار بيهاريو ويو. ان دور ۾ جلسن جي لحاظ کان هاري ڪاميٽي، ڪانگريس کان پوء ٻيو نمبر ڪاميابي حاصل

اميدوارن کي چونڊن ۾ ڪئي. پر پوء به وڏيرن ۽ حڪومت جي ملي ڀڳت سان هاري (20شڪست نصيب ٿي. کين پولنگن تان کڻايو ويو، سندن ووٽرن کي ماري ڀڄايو ويو. )

ع کان پوء سڄي زندگي رهندا آيا. ان وچ ۾ 1941قاضي فيض محمد، هاري ڪاميٽي ۾ مخلتف پارٽين ۽ تحريڪن ۾ پڻ حصو ورتن. پر ان هوندي به بددستور هاري ڪاميٽيء جا

سال 40رم ڪارڪن رهندا آيا. هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تي پاڻ لڳ ڀڳ ميمبر ۽ سرگڪم ڪندا رهيا ۽ ڪيتريون ئي مختلف تحريڪون ۽ هارين جي حقن الء جدوجهدون سندن

Page 18: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

هٿ هيٺ هلي فتحياب ٿيون. جڏهن پاڻ خاڪسار تحريڪ ۾ هيا، تڏهن به هاري ڪاميٽي جا عوامي ليگ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ميمبر رهيا ۽ پوء جڏهن مسلم ليگ کان ويندي

بچاء جي جنگ لڙيا، ان وقت به پاڻ هارين سان گڏ رهيا.

Page 19: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

مسلم ليگ ۾ شموليت

مسلم ليگ، جيڪا ڪافي وقت کان ملڪ ۾ ٻه قومي نظرئي تحت برصغير جي ورهاڱي الء ي ماڻهن تي اثر وڌو. ڪيئي تحريڪ هالئي رهي هئي. ان جي سياسي فڪر ۽ نظرئي ڪاف

ماڻهو ان طوفان ۾ گهلجي ويا ۽ وڃي هندو مسلم ٻه قومي نظرئي جي حمايت ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. ان وقت جي سياسي فضا تي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ڇائنيل هيون.

۾ خودپرست جاگيردار ۽ سرمائيدار ئي ڪم ڪري رهيا هئا. بدقسمتيء سان ٻنهي پارٽينريزن جي اشاري تي هلي، صحيح نموني ڪم ڪندڙ، ڪمزور جماعتن تي حمال جيڪي انگ

ڪري انهن کي نيست نابود ڪري رهيا هئا.قاضي فيض محمد ۽ سندن ٻين هم خيال ساٿين جڏهن ڏٺو ته ماڻهو مذهبي وهڪري ۾ وهي مسلم ليگي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي مفادن الء استعمال ٿي رهيا آهن ۽ انگريز پڻ

صغير کي مذهبي بنيادن تي ورهائڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. انهي ڪري مڙني وقت برجي تقاضائن کي سامهون رکندي فيصلو ڪيو ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿي، ان جي قيادت رت چوس جاگيردارن ۽ زميندارن جي خوني چنبن مان ڇڏائجي ۽ نئين ٺهندڙ ملڪ جي واڳ

نه ڏجي. پورهيت دوست اڳواڻ عوام جي ائين سولي طرح مٿئين طبقي جي هٿ ۾ وڃڻ رهنمائي ڪندي، نئين ٺهندڙ ملڪ جي واڳ پاڻ سنڀالن. ان خيال سان قاضي صاحب ۽ ٻيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. سندن اهو منطق ڪيتري قدر درست هيو، اهو فيصلو تاريخ ئي ه صحيح طرح ڪري سگهي ٿي. باقي ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته پاڻ پورا صحيح ڪو ن

هيا. ڇو جو نئين جڙندڙ ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ الء رڳو مسلم ليگ جو پليٽ فارم ئي ڪين هو، ٻيا به طريقا هئا.

پر پوء به پاڻ مسلم ليگ جي هڪ اهڙي گروپ ۾ شامل ٿيا، جيڪو محمد علي جناح جي مسلم ليگ گروپ کان وڌيڪ ترقي پسند هيو. اهو گروپ هو، سوشلسٽ خيال رکندڙ ۽

Page 20: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

( اهڙي طرح 21يونسٽ پارٽيء جي ويجهو رهندڙ موالنا حسرت موهاني جو گروپ. )ڪمع ۾ مسلم ليگ جي موالنا حسرت موهاني واري گروپ ۾ شامل ٿيا. 1946قاضي صاحب

موالنا، کين سنڌ جو اڳواڻ مقرر ڪيو. موالنا پنهنجي گروپ رستي سڄي هندستان جي يگ جي ٻئي ڌڙي، جنهن تي وڏيرا ۽ پير سوشلسٽن کي گڏ ڪري رهيو هو ته جيئن مسلم ل

قابض هئا، اقتدار انهن جي چنبي ۾ اچڻ نه ڏجي ۽ نه ئي وري کين اهڙو موقعو ئي ڏجي، جو هو انگريزن جي مدد سان اڇي ڪاري جا پاڻ مالڪ ٿي وهن. پر پوء تجربن ثابت ڪيو ته ايئن

ڪو چڱو ڪم ڪو نه ٿي سگهيو، جو اهڙي طرح رجعت پسندن جي قيادت هيٺ رهندي، ڪري سگهجي.

جي اصول تحت برطانيه سرڪار سنڌ ۾ آزاديء الء هلندڙ -“نانگ مئو ته ڇا، دشمن مئو ته ڇا”جدوجهد کي هتان جي مسلم ليگي وزيرن هٿان ڪچالئڻ پئي گهريو. سنڌ جا مسلم ليگي

هئا. وزير عهدن جي اللچ ۾ اچي سنڌ جي فرزندان آزاديء جي سينن ۾ سنگينون ٽنبي رهيا جيڪا ان وقت برصغير ۾ نرالي نموني آزادي الء هٿياربند جدوجهد هالئي “ حر تحريڪ”

ع ۾ سنڌ 1942رهي هئي. ان کي تباهه ڪرڻ الء مسلم ليگي وزيرن وسان ڪين گهٽايو. مارچ پاس ڪرائي، هزارين حرن ۽ هنن جي همدردن کي ڪوٽن ۾ قابو “ حر ائڪٽ”اسيمبلي مان

12ع تي سنڌ سان مارشل ال الڳو ڪيو ويو. جيڪو 1942( ۽ جون 22ن، )ڪرائي اذيتون ڏياريومهينا هليو. ان ئي دور ۾ مسلم ليگي وزيرن جي سامهون سنڌ جي آزادي الء وڙهندڙ اڳواڻ

ع تي شهيد ڪيو ويو.1943مارچ 1صبغت اهلل شاهه کي يز گورنر سنڌ جي ع تي نيون چونڊون ٿيون ته ان بعد برطانيه جي انگر1946جنوري 21جڏهن

هڪ جاگيردار سر غالم حسين کي نئين وزارت ٺاهڻ جي آڇ ڪئي. سر غالم حسين وزير اعلي ٿيو، ان سان گڏ ايوب کهڙو به وزير ٿيو. انهن ٻنهي ماڻهن سنڌ ڌرتي جي سرفروش حرن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ کان وسان ڪين گهٽايو. اهڙيون حالتون ڏسي قاضي صاحب

قاضي صاحب پنهنجي گروپ جي ڪارڪنن کي ان ظلم خالف جدوجهد جي دل ڪڙهڻ لڳي.الء تيار ڪيو. مسلم ليگ ڪائونسل سندن اڳواڻي ۾ ڪائونسلرن جو هڪ جٿو ٺاهيو ۽ ان تي اهو ڪم رکيو ته هو محمد علي جناح سان ملي ان جو ڌيان سندس مسلم ليگي وزيرن

براهه مقرر ڪيو ويو. جڏهن جي ڪرتوتن ڏانهن ڇڪائين. قاضي صاحب کي ان جٿي جو سرگڏ ٿي ۽ جناح ان جي صدارت ڪئي ته قاضي صاحب اتي پنهنجن “ سنڌ ڪابينه”پوري

ميمبرن سان گڏ پهتو. قاضي صاحب جناح سان وزيرن خالف سخت لفظن ۾ ڳالهايو ۽ ان جو

Page 21: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ان وقت منهنجي روش ايڏي سخت هئي، جو ”ذميوار جناح کي بڻايو. پاڻ ان بابت لکن ٿا ته ن هاڻي هتي ٿئي ٿو، مون کي جيل ۾ اماڻيو وڃي ها، پر منهنجي خالف ڪو به قدم نه جيئ

(23“ )کنيو ويو. کهڙو صاحب ۽ ٻيا ان تي راضي ٿيا ته زيادتين جو ازالو ڪيو ويندو.انگريزن جي سازش ۽ برصغير جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي عوام دشمن سازش ڪري

نهن برصغير جي مڙني قومن جي اتحاد ۽ ڀائپي کي وڏو ع وارو مشهور ورهاڱو ٿيو. ج1947هاڃو رسايو. ان ورهاڱي سنڌ کي ڪافي نقصان رسايو. سنڌي قوم، سنڌي زبان، سنڌي ڪلچر وڃي اونهي غار ۾ ڪريو. هتان ڪيئي ڏيهي هجرتون ڪري هندستان ۾ وڃي شرنارٿي بڻيا

۽ اتان جا وري هتي مهاجر بڻجي آيا.هن ۾ مسلم قومپرستي جو جنون چڙهيل هو. جنهن جو اظهار پاڻ قاضي صاحب تي انهن ڏين

خير اسان ڏاڍا جذباتي ماڻهو هئاسين. قاضي صاحب )آء آء قاضي( پڻ چوندو هو ته ”ڪيو اٿن، پاڪستان جي بنجڻ ڪري انديشو آهي ته ماڻهو دربدر ٿين.... پر پاڻ کي ليگ جي اهڙي پٽ

(24“)و نه ڏنوسين.چڙهي وئي، جو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي ڪورهاڱي کان پوء جڏهن سنڌ ۾ هندن جي لڏپالڻ ۽ قتل و غارت ڏٺائون ته سندن دل رجهڻ لڳي. پاڻ هندن کي هجرت ڪرڻ کان روڪڻ لڳا ۽ اهڙي تحريڪ شروع ڪين. هندن کي سنڌ نه ڇڏڻ الء اپيلون ڪندا رهيا ۽ کين هر طرح جون آڇون ۽ مددون ڪيائون. هندن ۽ مسلمانن

ڏيل جلسا ڪين، گانڌي کي اچڻ الء تارون ڪين. ان تحريڪ کان مفاد پرست مسلم جا گجاگيردار ۽ سرمائيدار ڏاڍا خفا ٿيا ۽ قاضي صاحب کي حڪومت دڙڪا ڏنا ته تحريڪ بند ڪريو نه ته جيل ۾ موڪليا ويندؤ. ان هوندي به پاڻ سنڌ جي دوري تي نڪري پيا ۽ هندن کي

هيء ملڪ توهان جو ۽ اسان جو گڏيل آهي. سنڌ اسان سڀني جي بابا ” -تقريرن ۾ چوڻ لڳا ته (25“)آهي، توهان پنهنجو وطن نه ڇڏيو.

جڏهن حالتون خراب ٿيڻ ڪري سنڌي هندو هندوستان ويا ته انهن جون زمينون جن جا اصل وارث هتان جا سنڌي هاري هئا، سي سرڪار ٻاهران آيلن کي ڪوڙن ڪليمن رستي ڏيڻ لڳي.

قانون به پاس ڪيا. جن مهاجرن وٽ هند ۾ ڪي ڪين هيو، انهن ڪوڙا ڪليم سرڪار اهڙا لکرائي ڪيئي جايون ۽ زمينون هٿ ڪرڻ شروع ڪيون.

سرڪار طرفان سيٽلمنٽ جي قانون ۾ اهو فقرو شامل ڪيو ويو ته هر اهو گهر جنهن جي دڪانن هزار روپين کان وڌيڪ آهي، سو ڪنهن به مقامي ماڻهو کي نه ڏنو ويندو. 10قيمت

جي باري ۾ اهو فقرو رکيو ويو ته ڪو به دڪان ڪنهن مقامي ماڻهو کي نه ڏنو ويندو. سنه

Page 22: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ هيء ٺهراء پاس ٿيو ته سنڌ ۾ مسلمانن جون هندن وٽ جيڪي 1949گروي رکيل زمينون آهن، سي اصل مالڪن )سنڌي مسلمانن( کي واپس ڪيون وڃن. اهو

گورنر جنرل ان تي صحيح نه ڪئي. جنهن ڪري اهو ٺهراء قانوني ٺهراء منظور ٿيو، پر صورت اختيار ڪري ڪو نه سگهيو. حاالنڪ پنجاب اهو قانون نافذ ٿيو ۽ ان تي پوري ريت

(26عمل ٿيو ۽ گروي رکيل زمينون مالڪن کي مليون. )دخل سنڌي هندن جي زمينن تي وڏيرا، زميندار ۽ ڌاريا ماڻهو قبضا ڪري، هارين کي بي

ڪرڻ لڳا. قاضي فيض محمد هندن جون ڇڏيل زمينون هارين کي ڏيارڻ الء تحريڪ شروع جي نالي سان مشهور ٿي. ان تحريڪ جو مقصد هو “ االٽي تحريڪ”ڪئي. جيڪا اڳتي هلي

ته اڌ زمين مقامي هارين کي ملي. ان ڪري زميندارن ۽ ٻاهرين نوآبادڪارن کي اچي ڦڦڙي هنجا مفاد مٽيء ۾ ملندا نظر آيا. سو رجعت پسند طبقن ۽ لڳي ۽ کين ان تحريڪ ۾ پن

جي ڪيس ۾ قيد 107سرڪار سازباز ڪري وزيراعلي کهڙي تي بار آڻي، قاضي صاحب کي ڪرايو.

هندڪيون زمينون سنڌي هارين کي وٺي ڏيڻ واري تحريڪ کي پڻ وڏيرن ئي نقصان پهچايو. هارين جي تحريڪ کي غلط موڙ نواب شاهه ضلعي ۾ اتان جي ڊي سي مسعود کدر پوش،

ڏئي، هارين کي هندڪين زمينن تي زوري قبضا ڪرائڻ شروع ڪرايا. ان دور جو هڪ مايوس ڪن حادثو اهو ٿيو جو هاري ورڪرن هڪ اهڙي هتي رهيل هندو جي زمين تي

( ان ڪري خطرو 27قبضو ڪيو، جيڪو سنڌ اسيمبليء ۾ هارين جي نمائندگي ڪندو هو. )اها تحريڪ پڻ هندو مسلم نفرتن جو روپ نه وٺي وڃي. ان ڪري جلد ئي هي جاڳيو ته متان

تحريڪ ناڪام ٿي وئي. تحريڪ جي ان غلط موڙ قاضي صاحب کي ڏاڍو رنجايو. پاڻ مفاد پرستن جي ان چال کان واقف ٿيڻ بعد هاري ڪاميٽي جي ورڪرن تي ڪڙي نظر رکڻ لڳا ۽

ڪن ماڻهن کي هاري ڪاميٽي مان نيڪالي ڏنن.

ڪراچيء جي جدائيسنڌ جا مسلم ليگي وڏيرا ۽ ڌاريا هميشه ان سوچ جا رهيا آهن ته سنڌي پورهيتن جي ايڪي ۽ اتحاد کي ختم ڪرڻ الء سنڌ جي وطني حيثيت ختم ڪري، سنڌي قوم کي اقليت ۾ آڻي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪيا وڃن. سندن حريص نگاهن جو پهريون شڪار سنڌ جو آسودو ۽

Page 23: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

اهه ڪراچي بڻيو. جتان ڪروڙين روپين جي آمدني ٿيندي آهي. ان آمدنيء کي اڪيلو بندرگڦٻائڻ الء هنن هٿ پير هڻي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو. اهو سنڌ کي ڇني ٽڪرا ٽڪرا

ڪرڻ طرف پهريون قدم هيو.ع ۾ پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪرڻ جو فيصلو 1948

جي ان سنڌ دشمن چال جي مڙني طبقن ۽ خيالن جي ماڻهن طرفان ڪيو. مرڪزي حڪومتمخالفت ٿيڻ لڳي. حڪومت جي ان فيصلي خالف سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل ٺهراء پاس ڪري وزيرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪراچي جي معاملي تي سخت ٿين ۽ ضرورت پوڻ تي

چونڊ لڙن. ڪراچي جي وزارتن تان استيعفائون به ڏين. پوء ڪراچي جي مسئلي تي ٻيهر (28علحدگيء جي فيصلي جي سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي پڻ مخالفت ڪئي. )

سنڌ جي محب وطن ڪارڪنن، ڌارين آبادڪارن جي ان چال کي ننديندي عمل جي ميدان ۾ لهي آيا. مرڪزي سرڪار تي زور آندن ته اهو حڪم واپس وٺي، ڪراچي کي ٻيهر سنڌ ۾

چيني دور ڪري. ان تحريڪ ۾ ٻين سان گڏ قاضي فيض محمد به شامل ڪري، وڌندڙ بي حصو ورتو. قاضي صاحب، ان وقت جي وڏي وزير ايوب کهڙي کي ڌارين جي ان سڄي سازش کان واقف ڪري، سندس حمايت حاصل ڪئي. سنڌ اسيبملي جي ميمبرن ۽ وزيرن کي

ارين جي ان چال کان ( ڌ29سنڌ جي ان قسم جي ورهاڱي خالف اڀاري اهڙو بل پاس ڪرايو. ) سنڌ جي عوام کي واقف ڪرڻ الء سنڌ ۾ نڪري پيو. تقرير ۽ تحرير جو سلسلو جاري رهيو. کهڙي تي قاضي صاحب جي بحث مباحثي ايترو ته اثر ڪيو جو پاڻ صوبي سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبي سنڌ جي مسلم ليگ جي صدر هوندي به پنهنجي وزيرن سميت ڪراچي کي

ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مرڪز سنڌ صوبي جي گورنر سر غالم حسين جي مرڪز جي حوالي مدد سان مير غالم علي ۽ پير االهي بخش کي کهڙي جي مخالفت ۾ اٿاري، سنڌ ۾ ميمبرن کي ان راء جو ڪرڻ ۽ مخالفت کان باز اچڻ الء موڪليو. پر هو اڪثريت حاصل ڪري نه

کهڙي جي وزارت ڊسمس ڪئي وڃي ( مرڪز سر غالم حسين کي حڪم ڪيو ته 30سگهيا. )ع 1948۽ ان جي جاء تي پير االهي بخش کي وزيراعلي مقرر ڪيو وڃي. جنهن ڪري اپريل

جي آرڊيننس “ سنڌ اسپيشل ڪائونسل”تي کهڙي کي وزيراعلي جي عهدي تان هٽائي مٿس (31هيٺ ڪيس هاليو ويو. ) 2نمبر

ي منظوري کان سواء ڪراچي کي پير االهي بخش وزيراعلي ٿيڻ شرط سنڌ اسيمبلي ج ( ۽ عارضي طرح سنڌ دشمن پنهنجي چال ۾ ڪامياب ويا.32مرڪز جي حوالي ڪري ڇڏيو. )

Page 24: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ڪراچيء جي جدائي جي قاضي صاحب سخت مخالفت شروع ڪئي. جنهن ڪري پير االهي بخش وزرات اعلي جو عهدو سنڀالڻ سان ئي قاضي صاحب ۽ سندس چئن ٻين عزيزن تي

داخل ڪرائي، کين جيل ۾ اماڻي ڇڏيو. ڌاڙي جو ڪيسقاضي صاحب جن جڏهن جيل مان آزاد ٿي آيا ته وري اچي پنهنجي ڪم کي لڳا. زميندارن ۽ ڌارين پنهنجي راهه مان هيء رنڊڪ هٽائڻ الء ۽ هميشه آرام ۽ سڪون سان ملڪ جي ڀينگ

۾ سندن گهر ع جي آخري مهينن1948ڪرڻ الء قاضي صاحب کي مارائڻ جو منصوبو سٽيو. ۾ ڌاڙيل موڪليا ويا. جن کي حڪم ڪيو ويو ته ڌاڙي جي بهاني سان وڃي، قاضي فيض محمد کي قتل ڪري اچو. هڪ رات ڌاڙيل قاضي صاحب جي گهر ۾ گهڙيا. پر اتفاقا قاضي صاحب جن بچي ويا. ڌاڙيلن گهر ۾ گهڙي ڦر ڪئي، زيور کنيا. قاضي صاحب جي ماء کي

دن ڀاڄائيء کي ايترو ماريو جو سندس پيٽ ۾ ٻار مري ويو. قاضي لٺين جا ڌڪ هنيا ۽ سنصاحب جي زال کي پڻ سخت مارڪٽ ڪئي وئي. هي واقعو انهن ڏينهن ۾ ٿيو، جڏهن قاضي صاحب جن اڃا مسلم ليگ جي سينٽرل ڪاميٽي جا ميمبر هيا. قاضي صاحب جن لکن

دڪيون زمينون سنڌي هارين کي منهنجو ڏوهه صرف اهو هيو ته، مون گهريو ٿي ته هن”ٿا ته: (33“ )ملن.

مسلم ليگ کان علحدگي

مرڪزي حڪومت جي اهڙين چالبازين ۽ مسلم ليگ جي وڏيرن جي اهڙن سنڌ دشمن سازشن کان قاضي صاحب جن ڏاڍو بيزار ٿيا ۽ پاڻ مسلم ليگ ڇڏي ڪنهن ٻئي پليٽ فارم

تان ڪم ڪرڻ الء سوچڻ لڳا.ع ڌاري پير االهي 1950ليگ ان وقت ڇڏي، جڏهن قاضي صاحب، جن مڪمل طرح مسلم

بخش جي خالي ٿيل جاء تي ضمني چونڊ ٿيڻ واري هئي. ۽ صوبي سنڌ مسلم ليگ جو صدر کهڙي پنهنجي سالي عبدالطيف پنهور کي بنا مقابلي چونڊائڻ الء مخالفت ۾ بيٺل اميدوارن

( پاڻ 34فارم ڀرڻ نه ڏنو. )ڪامريڊ جتوئي، شفيع محمد آخوند ۽ ٻين کي غير قانوني نموني جلد سنڌ جي ظالم وزيرن جي ڪڌن ڪرتوتن ڪري ليگ ڇڏڻي پئي ۽ ”ليگ بابت لکن ٿا ته،

(35“ )جيلن جي دروازن کي کڙڪائڻو پيو.

Page 25: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

مسلم ليگ مان سندن نڪرڻ ان ڳالهه جو واضع اعالن هيو ته پاڻ ڪنهن به قيمت تي مسلم ايمانداريء سان ڄاڻي رهيا هئا ته مسلم ليگ ليگ جي قومي تصور سان متفق نه هيا ۽ پاڻ

جو هيء فلسفو ۽ خيال، سازشون ۽ مڪاريون، چاالڪيون ۽ چالبازيون سنڌ ديس کي اڳتي هلي تباهيء ۽ برباديء جي اونهي غار ۾ اڇلي ڇڏينديون. جتي اسان مڙني سنڌين کي هٿ

آئي ۽ پاڻ پنهنجي مهٽڻا پوندا. قاضي صاحب جي اڳين خيالن ۽ نظرين ۾ وڏي تبديلي ماضيء ۾ ڪيل ڪم تي نهايت پڇتايو. پاڻ پنهنجن نظرين ۽ خيالن ۾ ڦير اچڻ کان پوء لکن

اسان نه ته ڪنهن پروگرام واسطي ۽ نه اهڙي ليڊر شپ هيٺ ۽ اهڙي قربانيء سان ”ٿا ته، آزادي حاصل ڪئي. جيئن دنيا جي ٻين ملڪن آزادي حاصل ڪئي. ڇو ته هنن وٽ مخصوص

ام هو. جنهن کي هنن مروج ڪرڻ گهريو ٿي. ٻيو ته ليڊرشپ سچي ۽ باهه مان نڪتل پروگرهئي ۽ ٽيون ته هنن وڏين قربانين سان يعني رت ڏئي آزادي ورتي. پر هتي ان جي ابتڙ ڳالهه هئي. هتي شروعات تعصب سان ڪئي وئي ۽ انگريزن پنهنجي نقطي نگاهه سان ايترو ته

ي خاطر آزادي اسان جي ڳاٽي مان ظاهري انگريزن جي غالميء اسان کي گمراهه رکيو، جو نالجو زنجير ڪپي اهڙي ته اوڙاهه ۾ اڇلي ڇڏيو، جو اڄ ڏينهن تائين اسان سڙندا ۽ پچندا

(36“)رهون ٿا.ليگ ڇڏڻ بعد قاضي صاحب جي سياسي نظرين ۾ وڏو انقالب آيو. پهريان پاڻ مسلم

ظرئي قومپرستيء جا حامي بنجي پيا. هتي جڏهن قومپرستيء جا حامي هئا، پر پوء جديد نهندو مسلم ٻه قومي نظرئي تي اردودانن اهو تاثر ڏيڻ شروع ڪيو ته سنڌ، بنگال، سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب جي زمين مسلم قومپرستيء ۽ مسلم ملڪ جي بنياد تي هندستان مان

ي. جنهن کي ٻين آيل مهاجرن جي ملڪيت آهي ۽ اردو هن ملڪ جي واحد قومي زبان آهزبانن کي ختم ڪري پاڻ کي قائم ۽ دائم رکڻو آهي. قاضي صاحب جن اردو ڳالهائيندڙن جي ان نظرئي جي شديد مخالفت ڪئي ۽ پاڻ اردو دانن جي انهن دعوائن کي ڪوڙ، فريب ۽

(37ڌوڪو سڏيو. )ح جنا”پاڻ پنهنجي مضمون ۾ پاڪستان جي جوڙجڪ ۽ ورهاڱي بابت تفصيلي لکن ٿا ته؛

نڪتن موجب هندستان جي مسلمانن الء حق گهريا ويا هئا ۽ نه علحده وطن. جيڪي 14جي هندن قبول نه ڪيون. شيخ عبدالمجيد سنڌيء جي صدارت هيٺ هندن مسلمانن جي گڏيل صلح ڪانفرنس ٿي، مگر جدائيء جي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي. فقط مسلمانن جي حقن جي

۾ سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي، جتي پاڪستان جو ع1932حفاظت جو مسئلو هو. آخر

Page 26: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

تخيل پيش ٿيو ۽ وري الهور ۾ اهڙو ٺهراء پاس ڪيو ويو. ڪٿي به، ڪهڙي به هنڌ، ڪنهن به ڪاغذ تي اهڙو ذڪر ڪونه آهي ۽ نه هئو ته هندن، سکن کي پنجاب، بنگال، سنڌ ۽ ٻين صوبن

ي ڪو خدا جو بندو! جو هنن مان ڪڍي هندستان جي مسلمانن کي پاڪستان ۾ آباد ڪبو. آهاردو اخبارن وارن کي سمجهائي ته پاڪستان، هندستان جي سڀني مسلمانن جو گهر ڪونه آهي...... جيڪڏهن پاڪستان فقط مسلمانن جو گهر هئو ته ورهاڱي کان اڳ هيء لڏپالڻ ڇو نه

(38“ )ڪرائي وئي.ن نظريو ۽ اهو هو سندن اهو هو قاضي صاحب جو پاڪستان بابت بعد ۾ تخيل، اهو هو سند

پروگرام جو نقطي نگاهه. پوء پاڻ ان نقطي نگاهه سان ئي اڳتي وڌي ڪم ڪرڻ لڳا.

Page 27: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

هاري ڪاميٽي ۽ ان بعد

مسلم ليگ ڇڏڻ بعد، قاضي فيض محمد اڳيان سنڌ هاري ڪاميٽي ئي اهڙو پليٽ فارم هيو، گهيو. پنهنجي آدرشن کي عملي جامو پهرائي ٿي جتان پنهنجي نظرين جي پرچار ڪري ٿي س

سگهيو. پاڻ هاري ڪاميٽيء ۾ ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهيا هئا. جڏهن پاڻ وري هاري ڪاميٽيء ۾ سرگرم ٿي ڪم ڪرڻ لڳا ته ڪاميٽيء جي ڪارڪنن، سندن اعلى صالحيتن مان

اڻ ان عهدي تي ع ۾ هاري ڪاميٽيء جو صدر چونڊيو. پ1951فائدو حاصل ڪرڻ الء کين ( ان عرصي ۾ هارين جي ڀالئيء ۽ بهبود الء ڪيئي 39ع تائين ٻه سال ڪم ڪندا رهيا. )1953

ڪم سرانجام ڏنن. هاري ڪاميٽيء ۾ رهڻ دوران کين سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب ( جيئن پاڻ 40ع ۾ قيد ڪرايو ۽ کين ڪنڊياري تعلقي جي الڪپ ۾ باندي رکيو. )1951کهڙي

حقن الء جدوجهد کان باز رهن. پنهنجي صدارت جي دور ۾ پاڻ هندن جون ڇڏيل هارين جيزمينون، جن تي زميندار ۽ ڌاريا قبضو ڪري رهيا هئا، اهي هارين کي االٽ ڪرائي ڏنائين. سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان بي زمين زمين هارين کي زمينون ڏيارڻ الء ڪوششون تيز

ڌواڌ بٽئي جي تحريڪ شروع ٿي ته ان کي ڪامياب ڪيائين. جڏهن هاري ڪاميٽي طرفان ابنائڻ ۾ ٻين سان گڏ قاضي صاحب جو پڻ وڏو هٿ هيو. ان کان سواء ٽيتسي ايڪٽ جو قانون پاس ڪراقئڻ واري عمل دوران ڪامريڊ جتوئي سان گڏ، قاضي صاحب ٻانهن ٻيلي

رهيو.ريڪ شروع ڪئي. قاضي صاحب، ان دور ۾ سانگهڙ ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ هاري حقدار تح

هارين کي صحيح، صاف بٽيون ۽ ٻيا هارپ جا حق ڏياريائين. جڏهن پاڻ هاري ڪاميٽي جا

Page 28: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ٺاهي وئي. ان جي سب ڪاميٽي تي قاضي صاحب “ سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن”صدر هيا ته سان گڏ جي ايم سيد ۽ ميران محمد شاهه ميمبر طور کنيا ويا.

سنڌ جي خانه بدوش قبيلن، هارين، مزدورن، هن سب ڪاميٽي مٿان ڪم رکيو ويو ته هو پناهگيرن ۽ ٻين رولو ماڻهن جي مستقل آبادڪاري الء ۽ کين هميشه دائمي ڳوٺن ۾ رهائڻ

الء بل تيار ڪري.قاضي صاحب، جڏهن هاري ڪاميٽي ۾ هئو ته سندن اختالف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان

صاحب جيئن ته مذهبي قسح جو ماڻهو به ٿي پيا هئا. جيڪي مذهبي نوعيت جا هئا. قاضيهئو ۽ پاڻ مڪمل سوشلسٽ خيالن جو ڪونه ٿي سگهيو هو. ان ڪري پورهيتن الء ڪم ڪندي، کائنس اڻ ڄاڻائي ۾ ڪيئي غلطيون به ٿي ويون. سندن سوچ ۽ فڪر تي عالمه آء آء

مددگار قاضي جي فڪر ۽ فلسفي جو وڏو اثر هو. ان ئي اثر ڪري پاڻ پورهيتن جو حامي ۽ ليتي نقطي نگاهه وارو سائنسي ڊڳ وٺي ڪونه -ته هئو پر پاڻ سندن ڇو ٽڪاري الء مارڪسي

سگهيو هو. عالمه صاحب سان گهڻو رهڻ ڪري پاڻ ذهني مونجهارن جو شڪار رهندو آيو. ( پاڻ ڪلجهه وقت الء 41انهن مونجهارن هاري ڪاميٽي ۾ پڻ پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو. )

اسالمي ”توئي سان اختالف ڪري عالء الدين سمي سان گڏجي وڃي، ڪامريڊ حيدربخش جٺاهين. پر ترت ئي کين سمجهه اچي وئي ۽ اسالمي هاري ڪاميٽي جا پرڪار “ هاري ڪاميٽي

پڌرا ٿيڻ لڳا. پاڻ پنهنجي غلطي جو ازالو ڪندي وري اچي ڪامريڊ جتوئي سان شامل ٿيو. ڪونه ڪين ۽ نه ئي ڪو ماڻ۾هو کين ان ( ان بعد ڇاڻ ڪڏهن به ڪامريڊ سان اختالف42)

حڪمت عملي تان ڦيرائي سگهيو.قاضي صاحٻ جن جڏهن هاري ڪاميٽي ۾ هيا ته ان وقت -آل پاڪستان عوامي جماعت:

عوامي جماعت مرڪزي سياست ۾ سٺو ڪردار ادا ڪري رهي هئي ۽ حڪمران پارٽي جي قاضي صاحب جن ڏٺو ته هي مخالفت ۾ وطن جي خوشحالي الء پاڻ پتوڙي رهي هئي. جڏهن

جماعت جديد قومي نظرئي جي جماعت ڪندڙ هئي ۽ صوبن کي صوبائي خدمختياري وٺي ڏيارڻ الء جدوجهد ڪري رهي هئي. ۽ ٻيو ته هن پارٽي جو اقتصادي ۽ معاشي پروگرام پورهيتن جي ڀالئي وٽان هو. ان ڪري پاڻ هن تنظيم ۾ شامل ٿيا ته جيئن مڙني صوبن جا

ند گڏجي ملڪ ۾ وڏيرا شاهي ۽ جاگيردار طبقي جو تختو اونڌو ڪري هڪ ترقي پس سوشلسٽ معاشرو تعمير ڪري سگهجي.

Page 29: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

قاضي صاحب، بجثيت هڪ ميمبر جي، عومي جماعت ۾ سٺو ڪم ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي عالئقي ۾ عوامي جماعت کي خاصو مقبول ڪيو. پر جلد ئي سرڪار، عوامي جماعت جي

ان رسائڻ ۽ ترقي پسندن جي اتحاد کي ٽوڙڻ الء عوامي جماعت جي وڌندڙ مقبوليت کي نقص ليڊرن کي ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيو.

ٺاهي. ميان افتخار مڙني “ آزاد پاڪستان پارٽي”انهن ڏينهن ۾ ميان افتخاري الدين قومپرست ڪارڪنن کي هن پارٽي ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو ته ٻين ڪارڪنن سان

اضي فيض محمد به ميان افتخار جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڪم ڪرڻ لڳو. گڏ ق( ڇو جو ان وقت عوامي جماعت جو ڪم مڪمل نموني بند ٿي چڪو هو ۽ سرڪار، 43)

عوامي جماعت جي ڪارڪنن کي اک ۾ رکيو ويٺي هئي.وئي ته ۾ ٽين ليجسليٽيو اسيصمبلي جي چونڊ ڪرائي 1953جڏهن اپيرل -سنڌ عوامي محاذ:

تي چند ڪارڪنن حڪمران پارٽي مسلم ليگ جي مخالفت ۾ هڪ گڏيل 1953مارچ 17قائم “ سنڌ عوامي محاذ”پروگرام جي بنياد تي ٻين سنڌ جي ترقي پسند جماعتن سان گڏجي

ڪري چونڊ لڙڻ جو فيصلو ڪيو. هن محاذ جي قائم ڪرڻ جو مقصد سنڌ ۽ پاڪستان اندر ( ننڍن صوبن کي صوبائي خود 44وشش ڪرڻ هئي. )جمهوري حڪومت جي قيام الء ڪ

مختياري وٺرائي ڏيڻ الء ڪوشش ڪرڻي هئي. جيڪي نقطا قاضي صاحب جي بنيادي اصولن ۽ سياسي پاليسي توڙي سنڌ هاري ڪاميٽي جي پروگرام سان ملندڙ جلندڙ هئا. ان ڪري

ريڪ ٿيو. هن قاضي صاحب، پنهنجي پارٽي سنڌ هاري ڪاميٽي سان گڏ هن متحده محاز ۾ شمحاز ۾ عوامي جماعت، آزاد پاڪستان پارٽي ۽ عويم ليگ جي سنڌ شاخن پڻ شموليت

(45اختيار ڪئي ۽ گڏجي اليڪشن ۾ اميدوار بيهاريا. )قاضي فيض محمد هن محاذ ۾ سرگرم ڪارڪنن جيان ڪم ڪندورهيو ۽ پاڻ محاذ جي

لڳو. مڙني مخلص ڪارڪنن پروگرام کي وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچائڻ الء ڪوششون وٺڻميمبر چونڊجي آيا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف 7جي همت سان عوامي محاذ جي ٽڪيٽ تي

( هنن ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي سنڌ جي حقن جي بچاء الء آواز بلند 46بئنچن تي ويٺا. ) ڪيو ۽ مخالفن کي سنڌ جي حقن جي حاصالت الء متحرڪ ڪيو. هنن ميمبرن سنڌ جي حقنجي حفاظت الء، ڪراچي جي واپسي الء ۽ ٻين سنڌ جي اهم مسئلن الء سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراء

پاس ڪرايا.

Page 30: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

اليڪشن ٿيڻ بعد قاضي صاحب عوامي محاذ جي پهرين ڪنوينشن -عوامي محاذ ڪنوينشن:نواب شاهه ۾ سڏائي. ان ۾ محاذ جو دستور ڪرايو ويو ۽ محاذ کي جماعتي صورت ڏياري

وينشن ۾ شيخ الميج سنڌي کي محاذ جو صدر ۽ قاضي صاحب کي سيڪريٽري وئي. ان ڪن۾ نواب شاهه ۾ سڏائي وئي ۽ 1953آڪٽوبر 27-26( هي ڪنوينشن 47جنرل مقرر ڪيو ويو. )

قاضي صاحب کي ڪنوينشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.هن ڪانفرنس سڏائڻ جو اصل مقصد سنڌ کي آئيني حق ڏيارڻ ۽ سنڌ صوبي جي

ختياري بحال ڪرائڻ هئي. هن ڪنوينشن ۾ پوري ملڪ مان ڪافي وڏا وڏا ليڊر خودمڪارڪن پهتا. سنڌ ۽ پاڪستان جي مسئلن تي کلي دل سان ڳالهايو ويو ۽ ڪيئي قراردادون

( هي ڪنيونشن ڪرائڻ ۽ ان جو مڪمل انتظاسم رکڻ ۽ ان کي 48پاس ڪيون ويون. ) ڪارنامو هو. ملڪي سطح تي ڪامياب بنائڻ قاضي صاحب جو وڏو

* * *

Page 31: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ونيوٽ ٽوڙ تحريڪ

پاڪستان جي حڪمران ڌر، هميشه کان پنهنجي طبقاتي مفادن کي بچائڻ الء ۽ عوامي احتجاج کي روڪڻ الء ملڪ مٿان بدترين قسم جي آمريت مڙهندي آئي آهي. خاص ڪري

سجاڳي، سندن ايڪي ننڍن صوبن جي پيڙيل ۽ پوئتي پيل ذهني طرح اڳتي وڌيل عوام جي۽ اتحاد ۽ پنهنجن حقن جي حاصالت الء جنگ رجعت پرست طبقي جي ننڍ حرام ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري رجعت پسند طبقا ۽ انهن جا ساٿياري وڏي صوبي ۽ هڪ مخصوصو قسم جي اقليت جا مفاد سالمت رکڻ ۽ کين ننڍن صوبن جو کلئي نموني استحصال ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي

از ڳوليندا رهيا آهن. هنن ننڍن صوبن جي استحصال کي وڌيڪ هم گير ڪرڻ الء قانوني جوالء ضروري سمجهيو ته صوبن جا سڀ اختيار پاڻ وٽ هٿيڪا ڪري، انهن جي معيشيت تي ڪنٽرول ڪري، ملڪ ۾ انتظامي طرح مضبوط مرڪز قائم ڪيو وڃي ۽ ڏنڊي جي زور تي

رين قسم جي آمريت مڙهي وڃي، ننڍين قومن کي پنهنجون بيٺڪيتون سمجهي، اتي بدتجيئن ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري اوڀر پاڪستان ۾ عوامي احتجاج نه وڌي سگهي. ۽ ان ئي

۾ اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي مالئي ونيونٽ قائم 1954مقصد الء حڪمران ڌر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان مان حڪمران ڌر کي هڪ فائدو اهو ٿيو جو مغربي پاڪستان ۾

صوبا مرڪزي انتظاميه جي ڪنٽرول هيٺ اچي ويا ۽ کين دٻائڻ ۽ سندن ڦرلٽ ڪرڻ سمورا آسان ٿي پئي. ٻيو ته اولهه ۽ اوڀر پاڪستان هڪ جهڙي يونٽن ۾ ورهائي، اوڀر پاڪستان جي عددي اڪثريت کي ختم ڪرڻ ۽ اتي جي جمهوري ۽ عوامي هلچل کي ڪچلڻ الء جواز پيدا

ڪري، ننڍن صوبن جي ڌار قومي وجود، سياسي ۽ ڪيو ويو. حڪمران ڌر ونيونٽ قائماقتصادي مفاد ختم ڪري، مسلم قوم جي بنياد تي انهن کي وڏي صوبي ۽ ٻاهران آيلن جي استحصال الء کليو ڇڏي ڏنو. خاص ڪري سنڌ جي وطني حيثيت ختم ڪري اتي ٻاهريان

زمينون، هتان ماڻهو آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ شروع ڪيو. سنڌ جي بيراجن جون جو نوڪريون، ڪارخانا پنهنجي هٿ وس ڪري انهن تي ڌارين کي مسلط ڪرڻ شروع ڪيو.

ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن هن ظلم خالف دانهون ۽ ڪوڪون ڪيون، رڙيون ۽ واڪا ڪيا، پر ڪنهن به ڪجهه ڪين ٻڌو، سنڌ دنيا جي تختي تان ختم ڪئي وئي سنڌ جي

بدالستار ونيونٽ جي بل جي سخت مخالفت ڪئي. ان کي سنڌ مٿان وزير اعلي پير زادي ع

Page 32: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ظلم ۽ ڏاڌ تصور ڪيو. مرڪزي سرڪار خود آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، وزيراعلي جي ( ونيونٽ 49ايمبلي ۾ اڪثريت هوندي به هن جي حڪومت ۽ وزارت کي زوري ختم ڪيو. )

ڪر جي شهر مٺي ۾ باندي دشمن اسپيڪر مير غالم عليص ٽالپر کي گرفتار ڪري ٿرپار (50بڻايو ويصو. )

پيرزادي عبدالستار جي جاء تي سنڌ جي هڪ جاگيردار محمد ايوب کهڙي کي وزيراعلي (51تي زوري پاس ڪرايو ويو. ) 1954ڊسمبر 11بڻائي ونيونٽ جو بل

ونيونٽ جي خالف سڄي ملڪ اندر تحريڪ شروع ٿي. سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد ۾ مخالفتي کان 1954ڪتا، مذمتون ٿيون، ايڪشن ڪاميٽيون ٺهيون. قاضي فيض محمد جلوس ن

ونيونٽ خالف هلندڙ تحريڪ ۾ شموليت اختار ڪئي. ان وقت وزيراعلي کهڙو ونيونٽ جي مخالفن کي سختي سان دٻائي ۽ چيڀاٽي رهيو هو. پوليس جو تشدد، غنڊن هٿان حمال ۽ ايذاء

کي مٿي تي هٿ ڏياري ڇڏيا هئا. ڪوبه ءڙڪ ٻاهر رساني، قيد بند جون تڪليفون، چڱن ڀلنڪڍڻ الء تيار نه هو. ان وقت قاضي صاحب، جي ايم سيد، شيخ سنڌي ۽ ڪامريڊ جتوئي

ونيونٽ خالف تحريڪ هالئڻ شروع ڪئي.جي ايم سيد ۽ قاضي صاحب، ونيونٽ خالف عوامي سهڪار هٿ ڪرڻ الء سڄي سنڌ جي

پتي لڳڻ شرط جي ايم سيد کي پنهنجي بنگلي تان دوري جو پروگرام بڻايو. پر سرڪار گرفتار ڪري ورتو. قاضي صاحب ان هوندي به مايوس ڪونه ٿيو. هيڪل پروگرام مطابق ڪم کي جاري رکندي، پهريون جلسو ڪراچي ۾ ڪيائين. ان بعد پاڻ جيپ ۾ سوار ٿي

ي، ساري سنڌ اندر ونيونٽ خالف پرچار شروع ڪين. قاضي صاحب ونيونٽ خالف ڪراچٺٽي، ڪوٽڙي، حيدرآباد، نواب شاهه، دادو، قمبر، رتيديري ۽ الڙڪاڻي جو دورو ڪيو. سندن جلسن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيڻ لڳا. جن جو جوش ۽ جذبو، همت ۽ ولولو ڏسي حڪومت جا وار ڪانڊارجي ويا. قاضي صاحب جي تحريڪ سنڌ دشمنن جون متيون منجهائي ڇڏيون.

ه الڙڪاڻو ايوب کهڙي جو شهر هوندي به سندن جلسي ۾ پلٽجي جڏهن پاڻ الڙڪاڻي پهتا تپيو. هزارين ماڻهو ڪٺي ٿي ويا. ونيونٽ خالف فلڪ شگاف نعرا لڳندا رهيا. سندن جذباتي تقرير ونيونٽ جي قهري ڪوٽن کي لوڏي ڇڏيو. حڪومت جي مشنري ٿرٿلي ۾ اچي وئي.

ڪاٺ ۾ هڻائڻ جو حڪومت اتي ئي قاضي صاحب جي دوري کي ختم ڪرائڻ ۽ کين منصوبو سٽي ورتو. وزيراعلي کهڙي، الڙڪاڻي جي ڪليڪٽر انور عادل کي سڌو حڪم

ڪيو ته قاضي صاحب کي گرفتار ڪيو وڃي.

Page 33: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

( قاضي صاحب کي 52بجي پبلڪ سيفٽي ايڪٽ تحت کين قيد ڪيو. ) 11ڪليڪٽر رات جو ن عظيم سپوت کي رات جو گرفتار ڪري الڙڪاڻي کان سکر نيو پئي ويا. پوليس سنڌ جي ه

تڪليفون ڏئي جهڪائڻ الء سياري جي ڇتي موسم ۾ ٽرڪ جي مٿان کلي هوا ۾ وهاريو. سفر ڪندي رستي ۾ هڪ وڻ جو ڏار اچي سندن مٿي سان ٽڪرايو. جنهن ڪري کين مٿي ۾

(53اونهو زخم رسيو ۽ پاڻ رت ڳاڙيندا سينٽرل جيل پهتا. )ميمبرن جي چونڊ ٿي ته پاڻ جيل ۾ هوندي قاضي صاحب، جڏهن قيد هو ته دوران سينيٽ جي

به ان جا ميمبر چونڊجي ويا. قاضي فيض محمد، پنهنجي گرفتاري خالف هاء ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي. پوء کين هاء ڪورٽ جو حڪم تي آزاد ڪيو ويو. جيل مان آزاد ٿي آيا ته

ٻاهر انگلنڊ، وڪالت جو ڌنڌو هيٺ مٿي ٿي چڪو هو. ان ڪري پاڻ ٽن مهينن الء سنڌ کان (54جرمني، فرانس، اٽلي، يونان، ترڪي ۽ مصر جو دورو ڪرڻ ويا. )

ونيونٽ کي ڪنهن اثرائتي عمل تحت ختم ڪرائڻ الء ۽ سنڌ جعي ملڪي حيثيت وري بحال ۾ ڪامريڊ 1955آڪٽوبر 30-29ڪرائڻ الء سنڌ جا وطن دوست اڳواڻ سرگرم عمل رهيا.

“ سنڌ ائنٽي ونيونٽ فرنٽ”جي گڏيل ڪوشش سان جتوئي، جي ايم سيد ۽ قاضي صاحب ٺاهيو ويو. هن فرنٽ جو سيڪريٽري ڪامريڊ جتوئي کي مقرر ڪيو ويو ۽ قاضي صاحب ۽ ٻيا ان جا سرگرم ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳا ۽ ونيونٽ خالف راهه هموار ڪرڻ الء پاڻ

سنڌ جي ( اهڙي طرح ونيونٽ خالف قاضي صاحب ۽ ٻين55دوري ڪرڻ جو پروگرام رٿين. )عظيم اڳواڻن فيصله ڪن جدوجهد ڪري سنڌ دشمنن جي ناپاڪ سازشن کي عوام آڏو

اگهاڙو ڪري، عوامي سهڪار هٿ ڪري ورتو.

Page 34: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

عوامي ليگ ۽ نعپ

قاضي فيض محمد، ونيونٽ خالف، پاڪستان جي وڏي صوبي بنگال جي حمايت حاصل ڪرڻ ي پنهنجو همدرد بڻائي، تحريڪ کي هم گير الء عوامي ليگ سان ڳالهيون. جيئن بنگالين ک

ڪري سگهجي. ان وقت عوامي ليگ جو صدر شهيد حسين سهروردي ۽ جنرل سيڪريٽري محمود الحق عثماني هيو. ان الء قاضي صاحب، عوامي ليگ جي سيڪريٽري جنرل جي

ڏ ڌاري پنهنجن ٻين ساٿين غالم محمد لغاري ۽ مير رسول بخش ٽالپر سان گ 1955دعوت تي (56عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو. )

پاڻ عوامي ليگ ۾ وڃڻ شرط سنڌ ديس جا مفاد بنگال جي ليڊرن آڏو آندا ۽ کين اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن جي مسئلن کان وقف ڪيو. عوامي ليگ، هتان جي ليڊرن جي اثر هيٺ اچي، پهريان ونيونٽ جي مخافت ڪئي ۽ ونيونٽ خالف هلندڙ جدوجهد ۾ ننڍن صوبن

ان ڀرپور تعاون ڪيو. قاضي صاحب کي عوامي ليگ جي مرڪزي اڳواڻن سنڌ الء جنرل س (57سيڪريٽري مقرر ڪيو. )

قاضي صاحب سڄي سنڌ ۾ عوامي ليگ طرفان ونيونٽ جي مخالفت ۾ جلسن جو انتظام ڪيو. مير پور خاص ۾ ڪامريڊ غالم محمد لغاري جي تعاون سان عاليشان ڪانفرنس ڪين.

(58) ۾ جڏهن قاضي صاحب جن عوامي ليگ ۾ هيا ته ان وقت ونيونٽ جي حامي، سنڌ 1955سن

دشمن جاگيردار محمد ايوب کهڙي پاڻ کي سانگهڙ ۾ هڪ خالي ٿيل جاء تان سنڌ اسيمبلي جي ميمبري الء چونڊائڻ الء فارم ڀرايو. ان وقت کهڙي جو ملڪ ۾ اهڙو دٻاء قائم هيو، جو

وار بيهڻ الء تيار ڪونه هو. پر اهو قاضي صاحب جو جگر ڪوبه ماڻهو سندن سامهون اميدهيو. جو ان وقت جي فرعون آڏو جرئت ۽ همت سان اچي عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي فارم

دل ۾ چيم ته ”( پاڻ کهڙي سان مقابلي ۾ بيهڻ بابت لکن ٿا ته، 59ڀرائڻ الء سانگهڙ پهتو. )سڄي دنيا کي ٻڌائي ته هي سنڌ جو هي سنڌ جو دشمن بنا ڪنهن مقابلي جي ڇونڊجي وڃي ۽

(60“ )مقبول ليڊر آهي ۽ سنڌ ونيونٽ جي فائدي ۾ آهي، هي اسان جي وڏي بي عزتي ٿيندي.

Page 35: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

قاضي صاحب نامينشن پيچر ڀرائڻ الء اتي پهتو. کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي آء جي ي عيساڻي کي چئي قاضي صاحب کي پوليس هٿان اغوا ڪرايو. پوليس قاضي صاحب ک

ميلن جي مفاصلي تي شهر 50-15اغوا ڪري مٿن تشدد ڪيو ۽ کين هڪ گاڏي ۾ ويهاري (61کان ٻاهر جهنگ ۾ ڦٽو ڪري آيا ۽ اهڙي طرح کهڙو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو. )

قاضي صاحب، ڪنهن به طاغوني طاقت کان نه ڊڄي، وزير اعلي کهڙي تي شهداد پور ۾ اغوا صاحب، ڪورٽ ۾ شنوائي تي حاضر ٿيڻ الء اچي رهيو جو ڪيس داخل ڪيو. جڏهن قاضي

هو ته کهڙي شهداد پور جي سڄي شهر کي پوليس جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. جنهن ڪري پوليس قاضي صاحب کي شهر جي ٻاهران روڪي ڇڏيو. پاڻ ڪورٽ تائين پهچي نه سگهيا ۽

چي اپيل ڪيس کي نيڪال ڪيو ويو. ان بعد قاضي صاحب ان ظلم خالف هاء ڪورٽ ۾ اقاضي، تون ”داخل ڪئي. ان وچ ۾ کهڙو، قاضي صاحب سان مليو ۽ کيصن ڌمڪي ڏني ته،

(62“ )مون تي ڪيس ڪرڻ کان نه ٿو مڙين، مان توکي سخت تڪليف ۾ وجهندس.کهڙي، قاضي صاحب تي هڪ ڪوڙو ڪيس ڪرايو ته، قاضي صاحب جن نواب شاهه ۾ هڪ

خان عقار خان هوڏانهن تيار ٿي پيو ”ئين ته، غير قانوني جلسو ڪرايو هو ۽ ان ۾ چيو هئا( 63“ )اچي، هيڏانهن حر اٿي رهيا آهن. اچو ته پاڪستان کي ختم ڪرڻ الء جهاد ڪريون.

پوليس فريادي ڪئي وئي. بنا شرح جي وارنٽ نڪتا، قاضي صاحب جن پاڻ کي هاء ڪورٽ نڪتو ۽ جي حوالي ڪري ضمانت جي گهر ڪئي ۽ سندن ضمانت ٿي وئي. ڪيس ڪوڙو

قاضي صاحب جي جند ڇٽي.انهن ڪيسن دوران عوامي ليگ جي مرڪزي اڳواڻن شهيد سهروردي ۽ شيخ مجيب الرحمان

۽ تعاون رهيو. عوامي ليگي ڪارڪنن پنهنجي جنرل 5جو سندن سان مڪمل سهڪارسيڪريٽري جي کلي مدد ڪئي. هوڏانهن کهڙو نه صرف سڄي پاڪستان پر ذري گهٽ سڄي

(64ڪوٺيو. )“ گئنگسٽر آف پاڪستان”ٿيو. آمريڪا جيص اخبارن کهڙي کي دنيا ۾ بدنامپاڻ جڏهن عوامي ليگ ۾ هيا ته سندن ان جي رهنمائن سان ان ڳالهه تي اختالف ٿي پيا ته هو ونيونٽ جا حامي بڻجي پيا هئا. سندن عمل ۽ فعل مان هتان جي ننڍن صوبن کي شديد

ڳواڻ سهروردي، جيڪو ان وقت ملڪ جو وزير نقصان پهچي رهيو هو. عوامي ليگ جو ااعظم هيو. اهو ونيونٽ جي حامي اسڪندر مرزا جي ڳاليهن ۾ اچي ۽ سندن مغربي

( قاضي 65پاڪستان جي وحدت جي نظرئي جو قائم بنجي، ونيونٽ جو حمايتي بڻجي پيو. )ال جي صاحب ۽ ٻيا مغربي پاڪستان جا ليڊر عوامي ليگ ۾ ان الء شامل ٿيا هئا ته بنگ

Page 36: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

حمايت حاصل ڪري، ونيونٽ ٽوڙائي صوبائي حق ۽ حيثيتون بهال ڪرائجن. ان ڪري کين عوامي ليگ جي ان پاليسي ڏاڍو رنجايو ۽ پاڻ عوامي ليگ ۾ وڌيڪ رهڻ مناسب نه ڄاتن.

مصيمبرن جي گڏجاني پنهنجي وزير اعظم 25سهروردي پنهنجي ورڪنگ ڪاميٽي جي احب ان ڪاميٽي جو ميمبر هو، ان ڪري گڏجاڻي ۾ هائوس ۾ ڪوٺائي. جيئن ته قاضي ص

( هن آمريڪا جي 66شريڪ ٿيو. سهروردي پنهنجي بچاء ۾ هڪ گڊگهي تقرير ڪئي. )( ان وقت ڀاشاني جهڙا چوٽي جا ليڊر به 67طرفداري ڪئي ۽ ونيونٽ جي حمايت ڪئي. )

ن جي موجود هئا، پر ڪنهن کي به همٿ نه ٿي جو وزيراعظم جي گهر ۾ هوندي، ان امخالفت ۾ تقرير ڪري، نيٺ قاضي صاحب کان اهو برداشت نه ٿي سگهيو ۽ پاڻ سهروردي کي جواب ڏنن. ان بعد ئي پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪين. ان تقرير بابت قاضي صاحب جن لکن

منهنجي گروهه مون کي سهروردي کي جواب ڏيڻ الء چيو. مان پنهنجي تقرير ۾ ڏاڍو ”ٿا ته، (68“ )تلخ هوس.

جڏهن موالنا ڀاشاني ۽ ٻيا حسين شهايد سهروردي سان -ل پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي:آاختالف ڪري عوامي ليگ مان ٻاهر نڪري اچي، پاڪستان نيشنل پارٽي وارن سان ڳالهيون هالئڻ شروع ڪيون. موالنا ڀاشاني، جي ايم سيد، خان عقار ۽ شيخ سنڌي سان ڳالهيون

ي، بعد ۾ هم خيال ليڊرن ڊاڪا ۾ ميٽنگ رکي. ان ۾ قاضي هاليون ته نئين پارٽي ٺاهجٺاهي وئي. جنهن “ آل پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي”صاحب پڻ شريڪ ٿيو. ان ميٽنگ ۾

جو صدر ڀاشاني، سنڌ صوبي جو صدر شيخ عبدالميج سنڌي ۽ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري (69قاضي فيض محمد کي مقرر ڪيو ويو. )

لٽڻ ميدان ۾ وڏو جلسو ڪيو ويو. جنهن کي عوامي ليگ جي پارٽي طرفان بنگال جي پورڪرن اچي ڦٽايو. جن جي بنگال ۾ حڪومت هئي. پوليس ۽ عوامي ليگ جي ورڪرن ليڊرن کي گهيري ۾ ورتو ۽ جلسي کي درهم برهم ڪيو. سنڌ ۽ ٻين صوبن جا ليڊر جلسي

و. ٻين سان گڏ قاضي گاهه مان آفيس ڏي روانا ٿي رهيا هئا ته انهن مٿان پوليس حملو ڪي (70صاحن کي به بندوق جا ڪنڌاڪ هني زخمي ڪيو ويو. )

نعپ جي بنياد وجهرائڻ ۾ قاضي صاحب جو به وڏو هٿ هو. داڪا جي ڪنوينشن ۾ قاضي صاحب اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن جي خاص وڪالت ڪئي. پاڻ جڏهن ڊاڪا کان سنڌ

سنڌ جي مڙني وڏن شهرن ۾ جلسا ڪين. پهتا ته هتي دوري جو پروگرام ٺاهي نڪري پيا. خيرپور ميرس ۾ هڪ ڪانفرنس ڪين، جنهن ۾ جي ايم سيد، شيخ سنڌي، عثماني، موالنا

Page 37: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ڀاشاني، خان عقار ۽ غوث بخش بزنجو وغيره شريڪ ٿيا. ان بعد وري قاضي صاحب جن و نواب شاهه ۾ جلسو ڪيو. جنهن ۾ پڻ مٿيان ليڊر آيا. شهر ۾ ٽرڪن تي هڪ وڏو هارين ج

جلوس ڪڍيو ويو. ان وقت عوامي ليگ، مسلم ليگ ۽ حڪومت نعپ جي وڌندڙ مقبوليت کان گهٻرائجي، انهن جي جسلي کي ڦٽائڻ، انمهن مٿان مسلم حملم ڪرڻ شروع ڪيا. نواب شاهه جي جسلي ۾ پڻ انهن ماڻهن مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. پر ٻهراڙي جي هزارين هارين

جلکسو پنهنجي اوج سان هلندو رهيو. جلسي ۾ ونيونٽ آڏو هنن جي دال نه ڳري سگهي، ۽ خالف ۽ ننڍن صوبن جي حقن ۾ بي خوف ٿي ڳالهايو ويو. ان بعد وري نعپ طرفان هڪ وڏي هاري ڪانفرنس لنڊي شهر ۾ ڪئي وئي. هن ڪانفرنس ۾ پٻ موالنا ڀاشاني شرڪت

(71ڪئي. )شاهه جي دوري تي آيو ته تي موالنا ڀاشاني صدر نعپ سنڌ ۾ نواب 1957نومبر 9جڏهن

قاضي فيض محمد پنهنجي آجيائي تقرير ۾ ڀاشاني جي سامهون سنڌ جي بالئي ۽ بهتري الء ڪجهه سوال رکيا ۽ ڀاشاني کي چيو ته سندس پارٽي سنڌين جي حقن ۽ گهرجن الء آواز

به اٿاريندي ته سنڌ جا ماڻهو هن پارٽي کي قبول ڪندا ۽ ان جو ساٿ ڏيندا ته اسان ڪنهن حالت ۾ ان پارٽي ۾ نه رهنداسين، جيڪا سنڌين جي مفاسدن کي ڇيهو رسائي.

قاضي صاحب، پنهنجي آجيائي خطبي ۾ ونيونٽ گورمينٽ طرفان سنڌ جون زمينون سنڌي هارين کان کسي ڪوڙن ڪليمن وارن کي االٽ ڪرڻ واري پاليسي خالف پڻ ڳالهايو ۽ ان

ٿيندڙ ان ظلم خالف آواز بلند ڪرڻ الء اپيل قدم کي ننديو. ۽ نعپ جي ليڊرن کي سنڌ ۾ (72ڪئي. )

قاضي صاحب، جن جڏهن بعپ سنڌ جا جنرل سيڪريٽري هيا ته ان -عالمي امن ڪانفرنس:وقت ڪولمبو )سيالن( ۾ عالمي امن ڪانفرنس گهرائي وئي. ان ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي

دعور ملي. قاضي صاحب کاٻي ڌر جي پارٽين کي دعوت ڏني وئي. نعپ کي به شموليت جيکي پڻ پارٽي طرفان دعوت ملي. سنڌ مان قاضي صاحب، جي ايم سيد ۽ شيخ سنڌي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ الء سنڀريا. پر قاضي صاحب جي نڪري وڃڻ بعد حڪومت کي يادگيري اچي وئي ته اهو ته سندن خالف ڪم پيو ٿئيص. سو ان باقي ٻين جي وڃڻ تي بندش

ري ڪولمبو ۾ نعپ جي اڳواڻي سميت پوري پاڪستان جي کاٻي ڌر جي وجهي ڇڏي. ان ڪ پارٽين جي اڳواڻي قاضي صاحب کي اڪيلي سر ڪرڻي پئي.

Page 38: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

قاضي صاحب، ڪانفرنس جي هر پروگرام ۾ سٺي نموني نهايت جوش خروش سان بهرو ي ورتو ۽ اتي انگريزي ۾ اعليمي امن قائم ڪرڻ الء پنهنجي خيالن جو اظهار ڪين. تقرير ج

آخر ۾ دنيا جي هزارين ترقي پسندن اڳيان پنهنجي پياري ٻولي سنڌي ۾ هي شعر پڙهي تقرير پوري ڪين. جنهن جو بعد ۾ انگريزي ترجمو ڪري سامعين کي شاهه لطيف جي فڪر

روشناس ڪين. ڪڍي ڪان ڪمان مان، ميان مارج نه مون؛”

“مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي روکي لڳي.هن تقرير ويٺلن تي سٺو اثر ڇڏيو سڄي دنيا جي ليڊرن تقريرون ڪيون. قاضي صاحب جي

تقريرون بهرترين قرار ڏنيون ويون. جن مان هڪ قاضي صاحب جي به هئي. 6انهن مان قاضي صاحب، ڪولمبي ۾ ڪيترن سنڌي هندن سان مليو. انهن جا دک درد معلوم ڪيائون.

ئون. کين سندن مستقبل بابت ليڪچر انهن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حالتن کان وقف ڪيا (73ڏنن. ڪيترن ئي اتان جي سنڌين قاضي صاحب جون دعوتون ڪيون. )

Page 39: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

االٽي تحريڪ برصغير جي ورهاڱي کان ڪجهه اڳ سنڌي هارين پنهنجي همت ۽ جدوجهد رستي سنڌ

مينون وياج ۽ اسيمبلي مان اهو بل پاس ڪرايو هو ته سنڌي هندن، هارين جون جيڪي زقرض جي واپسي جي بنا تي پنهنجي قبضي ۾ ڪيون هيون، سي هارين کي واپس ملڻ گهرجن. اڃان ان بل قانوني شڪل ئي نه ورتي هئي جو ورهاڱو ٿي ويو. هتان جي هارين نئين حڪومت آڏو پنهنجو مطالبو دهرايو. پر هتان جي حڪومت هارين جي ان جائز مسئلي

۽ هندن جون ڇڏيل زمينون، سنڌي هارين کي ڏيڻ بجاء، ٻاهران گهرايل تي ڪو به ڌيان نه ڏنو مهاجرن جي حوالي ڪرڻ شروع ڪيون. جنهن جي خالف هتان جي هارين زبردست تحريڪ شروع ڪئي. جنهن ڪري نئين حڪومت ڊڄي، ڪجهه زمينون هتان جي هارين کي االٽ

ا ڪيا ۽ حقدارن کي ڪجهه ڪري ڏنيون. هارين تحريڪ دوران پنهنجي ڦريل زمينن تي قبضحق ملڻ لڳا. جيڪا ڳالهه ٻاهران آيلن ۽ هتان جي مقامي جاگيردارن کي ڏکي لڳي ۽ هارين

هاري حقدار ”جي طاقت ڪري سندن دائمي ۽ موروثي حاڪميت کي ڌڪ لڳو. هارين جي واري اصول تي “ جيڪو کيڙي سو کائي”ڪري لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو هاري، “ تحريڪ

( اٽڪل چار پنج سال هارين االٽ ٿيل زمينون پنهنجون 74ه تي هلڻ لڳا. )ڪاربند ٿي راهسمجهي سڌاريون ۽ انهن مان ڪافي ڪجهه ڪمايو. نيٺ ستن سالن بعد جنهن وقت سنڌ ۾ غالم محمد بئريج ٺهي ويو ۽ گڊو بئريج جو ڪم شروع ٿيڻ وارو هو ته اتان جي لکين

ء ونيونٽ مڙهي ته ٻاهرين ڦورن االٽي ايڪڙ زمين سرڪار غيرسنڌين جي حوالي ڪرڻ الهارين کان به پنهنجو پراڻو وير وٺڻ جو سانباهو ڪيو. ۽ سنڌي هارين جي االٽمينٽ جا اڳيان آرڊر منسوخ ڪري، مرڪزي حڪومت اهي زمينون غيرسنڌين کي زوري االٽ ڪرڻ شروع

Page 40: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ڪيو ۽ ڪيون. جن سنڌي هارين کي زمينن تان بي دخل ڪيو، انهن جي ڳوٺن کي تباهه لڏايو ويو. ونيونٽ جي پاڇي ۾ نئين قيامت برپا ٿي وئي.

االٽ ٿيل زمينن کان سواء سنڌ جي بئراجن جون زمينون، جن تي سنڌي ماڻهن جو پئسو ۽ پگهر استعمال ٿيو هو. اهي زمينون به سنڌين بجاء، مهاجرن، پنجابي فوجين ۽ چوڌرين،

ن ٿوري معاوضي تي ڏنيون ويون.ڪشميرين ۽ پٺاڻن ۾ مفت ورهايون ويون يا کيحڪومت جي ان کلئي ڏاڍائي ۽ استحصال خالف سنڌ جا مڙئي ساڃهه وند ماڻهو اٿي پيا، احتجاج ٿيا، تحريڪون هليون. هن ظلم ۽ ڏاڍ خالف هتان جي مڙني ليڊرن جدوجهد ڪئي. هن تحريڪ ۾ قاضي صاحب جي ڪردار تي اڳتي لکڻ کان اڳ انهن ڦريل ۽ مفت ۾ ڌارين

حوالي ڪيل زمينن جا انگ اکر ڏجن ٿا: جيان وقت جي سرڪاري رپورٽن مطابق سنڌ جي صرف ڏاکڻين حصي ۾ هڪ ڪروڙ (1)

ٽيهه لک روپين جي غيرقانوني جائداد جو پتو لڳايو ويو، جيڪا غيرقانوني طور مهاجرن کي (1958ڊسمبر 18 -االٽ ڪئي وئي هئي. )روزانه ڪاروان حيدرآباد

ي اسپيشل آبادڪاري ڪمشنر اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۽ خيرپور ج (2)لک ايڪڙ زمين 2مهاجر دعويدارن کي 8650حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٽن مهينن اندر

لک ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. 4سالن ۾ مهاجرن کي 11االٽ ڪئي وئي آهي ۽ گذريل (23.1.1959)ساڳيو حوالو تاريخ

ايڪڙ زمين آزاد ڪشمير جي ماڻهن ۾ ورهائي وئي. ڪوٽڙي بئراج جي ڏهه هزار (3) (3.2.1959)ساڳيو

ڪوٽڙي بيراج ججي چاليهه هزار ايڪڙ زمين ڪراچي جي مهاجرن الء رکي وئي آهي. (4)هزار 50ضلع سانگهڙ ۾ هڪ هزار فوجي خاندانن کي آباد ڪيو ويو آهي. انهن خاندانن کي

(31.12.58ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. )ساڳيو (24.4.54ڍنڍ ۾ هڪ لک ايڪڙ زمين تي فوجي خاندان آباد ڪيا ويندا. )ساڳيو مکي (5)ڪوٽڙي بئراج کان سواء گڊو بئراج جي به لکين ايڪڙ زمين ساڳي غير مستحق ۽ (6)

غير حاضر زميندارن جي حوالي ڪئي وئي. ايتري قدر جو جتي سوين سالن کان مقامي مينون به ڌارين کي ڏنيون ويون ۽ اصل ماڻهو ڳوٺ ٺاهي ٻارن ٻچن سوڌو ويٺا هئا. اهي ز

رهواسين کي پنهنجن اباڻن پڊن تان ڌڪي ڪڍيو ويو.

Page 41: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

يونٽي حڪومت کي هتان جي -مٿين انگن اکرن مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ونماڻهن جي سالمتي جو ڪيترو نه اونو ۽ الڪو هو. اهڙن ئي حالتن هيٺ، اهڙي ئي ماحول ۾

پورهيتن جي بچاء ۽ انهن جي حقن جي حفاظت الء االٽي تحريڪ قاضي فيض محمد سنڌ جي هالئي. پاڻ هي تحريڪ نعپ جي پليٽ فارم تان هالين، ڪجهه سنڌ هاري ڪاميٽي جي

(75ورڪرن ۽ ڪميونسٽن به سندن مدد ڪئي. )پاڻ پهريان لنڊي اسٽيشن ۾ هارين جو وڏو جلسو ڪوٺايو. جنهن ۾ موالنا ڀاشاني، خان

(76ن ۽ ٻين چوٽي جي ليڊرن شرڪت ڪئي. )عبدالصمد خاقاضي فيض محمد، جيئن ته بي انتها جذباتي ۽ حساس دل انسان هيو. تنهنڪري پاڻ هارين جي بربادي سهي ڪين سگهيو. هارين تي ٿيندڙ ظلم ڪري احتجاجي طور مرڻ گهڙي تائين

ن به ڪا نه نواب شاهه ۾ بک هڙتال ڪين. اٺڻ ڏينهن بعد به جڏهن حڪومت جي ڪن تي جوسري ته مڙني ساٿين ڪنهن ٻئي نموني تحريڪ هالئڻ جو سوچيو ۽ هارين جو جلسو ڪرائي

(77قاضي صاحب کان بک هڙتال ختم ڪرائي وئي. )ان بعد پاڻ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪين. اها تحريڪ تعلقي ڪنڊياري جي شهر

وع ڪيائون. پاڻ ڪنڊياري ۽ نوشهري تعلقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي محرابپور کان شر۾ چڙهي هارين تائين پهتا. ان بعد محرابپور ڀرسان هڪ غريب هارياڻي جي ‘ هاري جيپ’

ڳوٺ ۾ ڪئمپ هنئي. ڪئمپ تي ڪامريڊ جمال الدين بخاري ساڻن گڏ رهيو. گورنمينٽ شهر کين گرفتار ڪرڻ آئي ته ان کان اڳ جو سيڪشن الڳو ڪيو. جيستائين پوليس اتي 144سان

قلم جي حدن کان 144پاڻ ڪئمپ پٽي شهر کان اڌ ميل جي فاصلي تي هنئي. جيڪو هنڌ قلم کي جٿن جي صورت ۾ ٽوڙائڻ لڳا. روز 144ليڊر رهڻ لڳا. پاڻ 15-10ٻاهر هو. اتي

ان هوندي ( حڪومت78هاري قيد ٿي ويا. ) 111هارين جو گرفتاري ڏيڻ ويندو هو. اهڙي طرح به هارين سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ کين حق ڏيڻ الء تيار نه ٿي. ان بعد قاضي صاحب اعالن ڪيو

هزار هاري گڏ ٿين ته پاڻ به ساڻن گرفتاري ڏيندا. پر ان ڏينهن فقط سو 5ته گهٽ ۾ گهٽ .هاري گڏ ٿيا ۽ پاڻ اهو تعداد اثرانداز ٿيڻ جوڳو نه سمجهين، ان ڪري پاڻ جيل ۾ ڪو نه ويا

حڪومت به هارين تي ظلم ۽ تشدد جي بازار گرم ڪري ڏني. جيڪي هاري گرفتاريون پيش ڪري رهيا هئا. حڪومت نه صرف انهن کي جيلن ۾ اذيتون ڏئي رهي هئي پر انهن جون ملڪيتون به ڪرڻ ضبط ڪرڻ لڳي. جيئن هاري جهڪي ماٺ ڪري وڃن ۽ تحريڪ وڌيڪ

ب وڃڻ ڌارين ۽ ڏيهي ڦورن الء موت جو پيغام اپڙي نه سگهي. ڇو جو ان تحريڪ جو ڪاميا

Page 42: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

بنجڻو هو. سو حڪومت جي سڄي مشنري ڪمزور ۽ نٻل ۽ بي هٿيار هارين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي وڌا. هارين جي ججهي انداز ۾ گرفتاري ۽ ملڪيتن جي ضبطي تحريڪ کي نقصان رسائي رهيون هيون. ان ڪري قاضي صاحب ۽ ٻين تحريڪ جي مکيه ڪارڪنن فيصلو ڪيو ته تحريڪ کي باقي رکڻ ۽ پورهيتن جا حوصال بلند رکڻ الء اهو ضروري آهي ته گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائجي ۽ ملڪيتون واپس ڪرائجن نه ته هارين ۾ مايوسي ۽ بي چيني ڦلهجندي. ان بعد پاڻ ڊپٽي ڪمشنر وٽ اپيلون وڌن ۽ سڀني هارين کي آزاد ڪرايائون

(79رايائون. )۽ سندن ڏنڊ به معاف ڪجنهن وقت قاضي صاحب محرابپور ڀرسان سول نافرماني جي هي تحريڪ هالئي رهيو هو ته انهن ڏينهن ۾ نعپ جي ميٽنگ حيدرآباد ۾ ٿي. پاڻ ڪئمپ ۾ هجڻ ڪري ميٽنگ ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا. ان ميٽنگ ۾ پارٽي جون چونڊون ٿيون. قاضي صاحب جيئن ته اڳئي سنڌ جو

و. ان ڪري دوستن سندن غير موجودگي ۾ کين جنرل سيڪريٽري جي جنرل سيڪريٽري هيعهدي الء بيهاريو. سندن مقابلو ڪامريڊ غالم محمد لغاري ڪيو. جي ايم سيد، غالم محمد لغاري جي ورڪ ڪئي ۽ سندس پٽ امداد محمد شاهه ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي قاضي

۽ پاڻ ٻيهر سنڌ نعپ جا صاحب جي ورڪ ڪئي. اليڪشن ۾ قاضي صاحب چونڊجي ويو (80جنرل سيڪريٽري ٿي ويا. )

جڏهن سول نافرماني تحريڪ ناڪام ٿي ته قاضي ۽ سندن دوستن فيصلو ڪيو ته مرڪزي حڪومت تي حملو ڪيو وڃي. جيئن ڪراچي وارن کي خبر پوي ته سنڌي هارين سان ڪيڏا

هارين کي ڪراچي ۾ ويل وهايا پيا وڃن. پاڻ پنهنجن ساٿين سان سڄي سنڌ جو دورو ڪين. مظاهري ڪرڻ الء تيار ڪرڻ لڳا.

جي آڪٽومبر مهيني ۾ ڪراچي جي گوليمار عالئقي ۾ هڪ وڏي هاري ڪانفرنس 1958پاڻ ڪين. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارين هاري شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس جي صدارت سنڌ نعپ

ي هارين کي االٽ جي صدر شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪئي. ڪانفرنس ۾ پاڻ گهر ڪين ته االٽٿيل زمينون، مناسب اگهن تي وڪرو ڪري ڏنيون وڃن. ڪانفرنس بعد ڪراچي ۾ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ويو. جنهن جي هڪ پوڙهي هارياڻي سرواڻي ڪئي. ڪيترن ئي عورتن پڻ

( وري ٻئي ڏينهن صدر جي عالئقي ۾ جلسو رکيو ويو. جنهن ۾ 81جلوس ۾ شرڪت ڪئي. ) .پڻ هزارين هاري شريڪ ٿيا

Page 43: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

هارين جي هن قدم حڪومت جا ڪپاٽ کولي ڇڏيا. حڪومت سنڌي پورهيتن جي صحيح طاقت جو اندازو لڳائڻ بعد هاري ليڊرن سان ڳالهيون ڪرڻ قبوليو. صدر اسڪندرمرزا سان قاضي فيض محمد جي اڳواڻي هيٺ هڪ وفد مالقات ڪئي. هن وفد ۾ شيخ عبدالمجيد

( صدر اسڪندر مرزا قاضي صاحب جي 82هئا. )سنڌي، عثماني ۽ ڪامريڊ عبدالقادر شامل رٿن سان متفق ٿيو. پر پاڻ چيائين ته جيستائين سنڌ جا وزير ۽ هتان جي هڪ طبقي جا ماڻهو

متفق نه ٿيندا، تيستائين حڪومت ڪو به قدم کڻي نه سگهندي.اڃان اهي ڳالهيون هلي ئي رهيون هيون جو جلد ملڪ سان مارشل ال لڳائي وئي. سول

ختم ٿي وئي، سڀ وزارتون ڊهي ويون. جمهوري طريقي ڪم ڪرڻ جا سڀ رستا حڪومتبند ٿي ويا. تحريڪ اڌ ۾ رهجي وئي. مارشل ال حڪومت قاضي صاحب کي جيل ۾ رکيو.

(83 ) مارشل ال بعد سنڌي هارين ظلم ۽ زور آوريون وڌنديون رهيون. سنڌ جي سون اپائيندڙ زميند

ڦري ٻين جي حوالي ڪئي وئي. هاري دربدر ٿي ويا.سنڌي هارين کان ڏنڊي جي زور تي قاضي صاحب ان صورتحال هوندي به مايوس ڪو نه ٿيو، پر لڳاتار عمل جي ميدان ۾ رهيو. نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ڪم ڪرڻ جا طريقا ڳولهڻ لڳو. ڇو جو عارضي شڪستون دائمي

اهو وڏو ڪوڙ آهي. سڀ فتحن الء راهه هموار ڪنديون آهن. ائين سمجهڻ ته ڪجهه نه ٿيندو، ڪجهه ٿيندو. هاري نيٺ هڪ ڏينهن سوڀارا ٿيندا، غالم قومون هڪ ڏينهن آزادي جا جهنڊا جهوالئينديون. ان الء ضروري آهي ته ماڻهو لڳاتار عمل ۾ رهجي، مايوس نه ٿجي، ٿڪجي نه

پئجي.

Page 44: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ايوبي مارشل ال

وڌڻ لڳو. ملڪ ۾ خاص ڪري ننڍن ونيونٽ جي خالف جيئن پوء تيئن عوامي رد عملصوبن ۾ بي چيني وڌڻ لڳي. سنڌ جا سياستدان ان ظلم ۽ ستم جي نظام کي ختم ڪرائڻ

جي ڪم کي “ سنڌ ائنٽي ونيونٽ فرنٽ”الء مسلسل متحرڪ رهيا، هنن ونيونٽ ٽوڙائڻ الء ۾ مغربي پاڪستان اسيمبلي ونيونٽ خالف بل 1957تيز ڪيو. هن فرنٽ جي ڪوششن سان

ميمبرن جي وڏي اڪثريت سان پاس ٿي ويو. 296ميمبرن مان 300پيش ڪيو ويو. جيڪو هاڻ حڪومت وٽ هن نظام کي اڃان برقرار رکڻ الء ڪو به جواز ڪو نه هيو. پر ڦورو طبقا

۾ ملڪ جي مڙني 1958پنهنجي ڦر لٽ ائين سولي نموني ڇڏڻ الء تيار نه هئا. جڏهن سپٽمبر خاتمي جو مطالبو ڪيو ته فوجي جنتا ايوب خان جي اڳواڻي هيٺ ليڊرن گڏجي ونيونٽ جي

آڪٽومبر تي ملڪ تي قبضو ڪري اقتدار پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. دستور ساز اسيمبلي ختم ڪئي وئي، وزراتون ختم ڪيون ويون، جمهوريت ختم ڪري ملڪ سان مارشل ال الڳو

۽ استحصالي طبقي ڪيو ويو. اهي سڀ قدم ونيونٽ کي بچائڻ، عوامي هلچل ختم ڪرڻ جي ڦرلٽ کي جاري رکڻ الء کنيا ويا.

فوجي جنتا سنڌ ۽ باقي ملڪ جي جمهوريت پسند ليڊرن کي ڳولهي ڳولهي پنهنجي انتقام جو نشانو بنائڻ لڳي. نعپ جي ٻين ليڊرن سميت قاضي فيض محمد کي پڻ جيل ۾ موڪليو

(84ويو. )ٺ ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. اهو ڪيس ڪرمنل ڪوڊ هي 108قاضي صاحب کي قيد ۾ رکڻ الء

نواب شاهه ۾ ڪيو ويو ۽ سندن مٿان ٻيو ڪيس ٽنڊي آدم ۾ داخل ڪيو ويو. کين جڏهن به ( آخرڪار 85ڪورٽ وٺي ويندا هئا ته سندن هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ چيلهه ۾ رسا وجهندا هئا. )

مهينن بعد آزاد ڪيو ويو. 6ڪيس ڪوڙا ٿيا ۽ کين

Page 45: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي الء سرٽوڙ ڪوشش ڪرڻ لڳا. پاڻ ايوبي دور ۾ ونيونٽ جيپاڻ ونيونٽ سنڌ مٿان مڙهڻ جو جوابدار سنڌ جي اقتدار پرست وڏيرن ۽ پيرن کي بڻايو. جن پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۽ سنڌي عوام جي طبقاتي سوچ ۽ سمجهه کي نابود ڪرڻ الء

ن جي اشتراڪ سان تحريڪ هالئڻ مٿائنن اها ڇپ ڪيرائي. پاڻ سنڌ جي بحالي الء ٻين صوبالء جدوجهد ڪرڻ لڳا. پاڻ ان ڳالهه ۾ پختو يقين رکندا هئا ته جيڪڏهن سنڌي ۽ ٻيا ننڍن

ونيونٽ ”صوبن جا ماڻهو متحد ٿي ڪوشش ڪندا ته ونيونٽ ضرور ٽٽندو. ان بابت لکن ٿا ته: وڏن ماڻهن سنڌين ڊاهڻ ڪا ماکي الهڻي ڪانه آهي، جو الهي وٺبي. اها قبر اسان جي سنڌ جي

کي پورڻ الء کوٽي آهي..... هن قبر کي ختم ڪرڻ الء اسان سڀني سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ اسان جي همدرد پنجابين ۽ بنگالين کي ڪوشش ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن صحيح طريقي

(86“ )سان ڪوشش ڪئي وئي ته ونيونٽ ضرور ختم ٿيندو.انشور ونيونٽ کي تاريخي تقاضا سمجهي ۽ ان ونيونٽ واري دور ۾ جڏهن ڀاڙيتو اديب ۽ د

کي حق تي ڄاڻي، ان الء پنهنجا ذهن ۽ ضمير استعمال ڪرڻ لڳا ۽ قومن جي جديد وصف کي رد ڪري پنهنجن مفادن خاطر مسلم قوم جو راڳ آالپڻ لڳا. ته قاضي صاحب انهن کي منهن

بابت سنڌ دشمن ٽوڙ جواب ڏئي، کين اگهاڙو ڪري عوامي عدالت ۾ پيش ڪيو. ونيونٽ ٽولي کي جواب ڏيندي چوندا هئا ته اها هڪ سازش آهي، سنڌين کي ختم ڪرڻ جي ۽ ٻاهران آيلن کي هڪ جدا وطن بنائي ڏيڻ جي. سندن ٻولي کي وڌڻ ۽ ويجهڻ جي الء ميدان مهيا ڪري ڏيڻ جي. ان ڪري جي ونيونٽ ختم نه ڪئي وئي ته سنڌي ختم ٿي ويندا. پاڻ ان بابت

هي به اردودانن جي ڪجهه ليڊرن جو منصوبو آهي ته سنڌ جا بارڊر کولجن ۽ ”: لکن ٿا تهجنهن وقت سندن آدمشماري سنڌين کان وڌي وڃي. انهي وقت دربند ڪري سنڌ کي ختم ڪيو وڃي..... هي سڀ سنڌ کي ختم ڪرڻ جا منصوبا آهن. اسان سنڌ کي هرگز هرگز قربان

يعني هڪ ڪروڙ زنده انسانن جو خون، پنج ڏهه هزار ڪرڻ الء تيار نه آهيون. سنڌ جو خاتمو سال پراڻي تهذيب ۽ زبان جو خون. ڌرتي جي غائب ٿيڻ کان پوء سنڌ جي سڳنڌ سنڌين جي

(87“ )روحن سان دائم ۽ قائم رهندي.ايوب شاهي جي دور ۾ قاضي فيض محمد فوجي آمريت جي خاتمي، جمهوريت جي بحالي ۽

ت الء هر پليٽ فارم تان جنگ لڙندو رهيو. پاڻ اهڙي اونداهي بنيادي انساني حقن جي حاصالدور ۾ نواب شاهه ۾ مڙني سياسي پارٽين جو گڏيل اجالس گهراين. شهر ۾ سياسي

Page 46: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

سرگرمين تي پائبندي هوندي جلسو ڪرايو ويو. جنهن ۾ وڏن وڏن ليڊرن شرڪت ڪئي ۽ ايوبي مارشل ال جي خالف آئينده جو پروگرام تشڪيل ڏنو ويو.

۾ ايوب خان پاڻ کي سول صدر چونڊائڻ الء صدارتي چونڊن جو اعالن ڪيو. جئين 1964مارشل ال جاري رکڻ الء قانوني جواز هٿ ڪيو وڃي. ۽ پنهنجي آمريت کي وڌيڪ مضبوط ڪري جمهوري قوتن ۽ ننڍن صوبن جي خودمخيتاري گهرندڙن کي ڪچليو وڃي. نيشنل

فاطمه جناح جو نالو تجويز ڪيو. جيئن هن آمر جنرل عوامي پارٽي سندس مقابلي ۾ محترما ( 88کي شڪست ڏياري وڃي. فاطمه جناح جي اليڪشن ورڪ ۾ نعپ خاص مدد ڪئي. )

قاضي فيض محمد پڻ پارٽي فيصلي موجب نواب شآهه ضلعي ۾ محترما فاطمه جناح جي الف سٺي ورڪ ڪئي. پمفليٽ، اشتهار ۽ اپيلون شايع ڪرائي عاوم کي ايوب خان جي خ

( پاڻ 89ڀڙڪايو. پاڻ سڄي ضلعي جي هڪ هڪ ووٽر تايئن پنهنجي موٽرتي چڙهي پهتو. )کي ايوب خالف ووٽ وجهڻ جي اپيل “ بنيادي جمهوريتن جي ووٽرن”هيٺين بنيادن تي

(99ڪئي: )( ونيونٽ کي حل ڪرڻ بدران ايوبي دور ۾ حڪومت ڏنڊي جي زور تي يونٽ هالئي رهي 1)

آهي. ين ۾ آمريڪا جي غالي جا زنجير وڌيڪ مضبوط ٿي ويا آهن.( اسان جي ڳچ2) ( سنڌ جون زمينون، سنڌ جون نوڪريون، سنڌ جا قدرتي ذخيرا اسان کان کسيا ويا آهن.3)

پاڻ انهن ڳالهين کي بنياد بڻائي فاطمه جناح جي زبردست ورڪ ڪين. پر ايوب خان پنهنجي در چونڊرايو. ان هوندي به صدارتي طاقت جي زور تي اليڪشن ڌانڌليون ڪرائي پاڻ کي ص

(91هزار ووٽ کنيا. ) 30هزار مان 80چونڊن ۾ فاطمه جناح الهور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪئي وئي. پاڻ ان ۾ شريڪ ٿيا. هتان ونيونٽ خالف پمفليٽ ڇپائي اتي وڃ ورهاين. اتي مارشل ال خالف مظاهرن ۾ حصو ورتن. سنڌ جي سياستدانن ان

( اهڙي طرح پاڻ هر هنڌ 92ي صاحب کي سبجيڪٽ ڪاميٽي تي کڻايو. )ڪانفرنس ۾ قاض سنڌين جي حقن جو ڪيس نهايت ثابت قدمي سان لڙندا رهيا.

Page 47: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

عوامي ليگ ۾ اهم ڪردار

۾ قاضي صاحب، جن وٽ قمر الزمان ڪنوينر عوامي ليگ جن شيخ مجيب الرحمان جو 1967عوامي ليگ ۾ شامل ٿئي ته عوامي ليگ ونيونٽ جي خالف نڪتو پيغام کڻي آيا ته پاڻ

پنهنجي پروگرام ۾ رکندي. قمرالزمان، قاضي صاحب کي ڊاڪا ۾ عوامي ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ کين چيو ته ان ميٽنگ ۾ ونيونٽ خالف

ي ٻين دوستن سميت ٺهراء پاس ڪيو ويندو. پاڻ ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ هتان جشريڪ ٿيا. ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ۾ ونيونٽ خالف نه صرف ٺهراء پاس ٿيو پر عوامي ليگ جي ليڊرن گڏجاڻي ۾ وڌ کان وڌ اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن جي خودمختياري ۽ حقن جي حمايت ۾ ڳالهايو. جنهن ڪري قاضي صاحب جن عوامي ليگ ۾

ڻ عوامي ليگ جي ليڊرن سان گڏ سڄي بنگال جو دورو ڪين.( ان بعد پا93ٻيهر شامل ٿيا. )عوامي ليگ، ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ صوبائي خودمختياري جي حاصالت الء ٻين جمهوريت پسند پارٽين سان گڏيل محاذ قائم ڪيو. جيئن گڏجي فوجي آمريت خالف آواز

‘ ڊئڪ’ستان جي بلند ڪري سگهجي. ان گڏيل محاذ ۾ قاضي فيض محمد کي مغربي پاڪ جي ڪائونسل تي عوامي ليگ پاران کنيو ويو.

گڏيل محاذ جي ميٽنگ ۾ ونيونٽ خالف رٿ پيش ٿي. ٻين مڙني پارٽين اهو فيصلو بنگالين تي رکيو. بنگالين قاضي صاحب سان صالح مشوري بعد ونيونٽ جي مخالفت ڪئي ۽

ستان جي آزادي تي صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪئي. ميٽنگ ۾ پنجاب وارن بلوچاعتراض واريو ته بلوچستان ننڍو صوبو آهي، ان ڪري اهو نه صرف پنهنجو انتظام هالئڻ جو اهل نه آهي، پر اقتصادي طرح اڳتي نه هجڻ ڪري خودمختيار رهي نه ٿو سگهي. ان نقطي تي شيخ مجيب الرحمان، قاضي صاحب کان ان متعلق راء ورتي. قاضي صاحب بلوچن

ندي. ضروري انگ اکر پيش ڪيا ۽ بلوچستان جي خودمختياري تي زور ڏنو. جي وڪالت ڪ (94جنهن جي بنياد تي بلوچستان کي پڻ ڌار صوبي بنائڻ واري رٿ منظور ٿي. )

Page 48: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ع ۾ عوامي تحريڪ جي دٻاء کان مجبور ٿي، ملڪ جي فوجي آمر ايوب خان 1969مارچ الي ڪيون ۽ پاڻ منظر عام حڪومت جون واڳوين هڪ ٻئي فوجي جنرل يحيي خان جي حو

تان هٽي ويو. يحيي خان حالتن کان مجبور ٿي عام چونڊون ڪرائڻ جو اعالن ڪيو. ليڪشن جي اعالن ٿيڻ شرط قاضي فيض محمد، بنگال جي دوري تي روانو ٿي ويو. پاڻ پياسي، جيسور ۽ بوگرا وغيره ويو. ان بعد شيخ مجيب الرحمان، آل پاڪستان عوامي ليگ جي هڪ

ي ڪانفرنس ڊاڪا ۾ گهرائي. ان ۾ شامل ٿيڻ الء قاضي صاحب سنڌ مان هڪ وڏو جٿو وڏوٺي اتي پهتو. جنهن ۾ امداد شاهه، غالم نبي پٺاڻ ۽ ٻيا شامل هئا. ان ڪانفرنس ۾ عوامي ليگ جو دستور پڻ پاس ڪيو ويو. ان دستور ٺاهڻ ۾ قاضي صاحب جو پڻ وڏو هٿ هو. ان

عوامي ليگ جو مرڪزي سينئر وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ئي ڪانفرنس ۾ قاضي صاحب کي (95ويو. )

قاضي فيض محمد، سنڌ ۾ اچڻ شرط عوامي ليگ کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان جون شاخون سنڌ ع تي ڄام صادق علي جي 1969سيپٽمبر 15جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کولڻ الء جدوجهد ڪرڻ لڳو.

ڪئي وئي. جنهن جي رهائش گاهه تي عوامي ليگ جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي ميٽنگصدارت قاضي صاحب جن ڪئي. ان گڏجاڻي ۾ سنڌ ۾ پارٽي جون آفيسون کولڻ جو

ع تي حيدرآباد ۾ عوامي ليگ جي صوبائي آفيس 1969سيپٽمبر 28پروگرام ٺاهيو ويو. کولي وئي. جنهن جو افتتاح قاضي صاحب کان ڪرايو ويو.جي واپسي الء اولهه پاڪستان جي ونيونٽ ٽوڙائڻ، صوبائي حق بحال ڪرائڻ ۽ جمهوريت

ننڍن صوبن گڏجي جدوجهد هالئڻ جو پروگرام رٿيو. سنڌ، بلوچستان، سرحد متحد محاذ ٺاهڻ الء ننڍن صوبن جي سياستدانن ڪوشش وٺڻ شروع ڪئي. انهي محاذ ٺهرائڻ واري عمل ۾

پٽمبر سي 30قاضي صاحب جو پڻ وڏو هٿ رهيو. ان سلسلي ۾ بلوچستان متحد محاذ طرفان تي هڪ ڪنوينشن ڪوئيٽه ۾ رکي وئي. جيئن گڏيل محاذ قائم ڪيو وڃي. ان 1969

ڪنوينشن ۾ شرڪت الء جي ايم سيد، آغا غالم نبي پٺاڻ ۽ قاضي صاحب کي دعوت ڏني (96وئي. )

هزار سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪئي ۽ هنن 2ان ڪنوينشن ۾ ٽنهي صوبن جي اٽڪل جي آئين ۽ 1956ي صوبا بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ گڏجي هڪ ٺهراء ذريعي ونيونٽ ٽوڙ

(97زونل فيڊريشن جي رٿ جي مخالفت ڪئي. )

Page 49: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

هن ڪنوينشن ۾ قاضي فيض محمد، تقرير ڪندي، ننڍن صوبن جي عوام کي اپيل ڪئي ته نقطن جي حمايت ڪن ڇو جو انهن نقطن جي بنياد تي ئي ننڍا صوبا 6هو عوامي ليگ جي

ائي سگهن ٿا پر روز روز جي فوجي آمريت کان پڻ پنهنجي جان نه صرف پنهنجو وجود بچبنگالي پنهنجي حقن الء جدوجهد ڪري رهيا ”آجي ڪرائي سگهن ٿا. پاڻ تقرير ڪندي چين ته:

آهن. اتي هو ونيونٽ جي خاتمي الء به ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. ليڪن اسان پنهنجي (98“ )الء ڪجهه به نه ڪري رهيا آهيون.

نڪاتي پروگرام تحت لڙڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن 6جي اليڪشن عوامي ليگ پنهنجي 1970موجب نه صرف بنگال پر پاڪستان جي ٻين ننڍن صوبن جي حقن جي پڻ حفاظت ڪرڻي هئي. اهڙي خاطري عوامي ليگ طرفان ننڍن صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ جي اڳواڻن کي ڏياري

نقطا سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين ننڍن 6جا وئي هئي. ان ڪري قاضي فيض محمد عوامي ليگصوبن جي عوام تائين پهچائڻ الء سخت جاکوڙ ڪئي. جيئن انهن جي بنياد تي بنگالين سان گڏجي پنهنجي خودمختياري حاصل ڪري سگهجي. عوامي ليگ جي انهن نقطن جي هتان

ه ڪئي. پر عام جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڌارين جي داللن کان سواء ٻي ڪنهن به ڌر مخالفت نراء بيدار نه هجڻ ڪري ۽ ڌارين جي داللن جي سازشن ۽ مڪارين ڪري ماڻهو عوامي ليگ

نقطن جي مخالفت صرف 6جي پروگرام کي پنهنجو ڪري نه سگهيا. سنڌ ۾ مجيب جي ذوالفقار علي ڀٽي، محمد ايوب کهڙي ۽ اي ڪي بروهي جهڙن ڌارين جي دالن ۽ وطن فروش

صاحب انهن ٽنهي ماڻهن کي عوام آڏو ننگو ڪري نروار ڪري ۽ وڏيرن ئي ڪئي. قاضيمٿن پريس بيانن ۾ الزام لڳايو ته اهي ماڻهو بنگالي عوامي، سنڌ ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جي وچ ۾ اتحاد جي فضا کي خراب ڪري رهيا آهن. قاضي صاحب ان متعلق پنهنجي هڪ

ن صوبن جي ٻي ڪنهن به سياسي اڳواڻ انهن ٽن صاحبن کان سواء ننڍ”پريس بيان ۾ چيو ته، نڪاتي گهرن جي مخالفت نه ڪئي آهي. باوجود انهن جي، جو هو ٽئي صاحب 6بنگال جي

هڪ ٻئي جا سخت مخالف آهن. پر پنجاب جي دوري ڪرڻ کان پوء انهن ٽنهي صوبن ۽ بنگال نڪاتي 6جي عوام ۾ سياسي يڪجهتي جي مخالفت ڪئي آهي ۽ جيڪي ماڻهو بنگال جي

پروگرام جي مخالفت ڪن ٿا، اهي اڻ سڌي طرح ونيونٽ جي حمايت ڪري رهيا آهن. عوام (99“ )کي هنن جي منافقانه چالن کان آگاهه ٿيڻ کپي.

جي عام چونڊن ۾ قاضي فيض محمد عوامي ليگ جي پليٽ فارم تان نواب 1970ڊسمبر يه اميدوار شبير احمد شاهه تڪ مان قومي اسيمبلي جو اميدوار بيٺو. سندن مقابلي ۾ مک

Page 50: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

( جي ايم سيد جهڙي 100شاهه )قيوم مسلم ليگ( ۽ حاڪم علي زرداري )پيپلز پارٽي( بيٺا. )قومپرست ليڊر قاضي فيض صاحب جي حمايت ڪرڻ بدران سيد پرستي جي بنياد تي قيوم ليگ جي اميدوار شبير احمد شاهه جي حمايت ڪئي. جڏهن ته سنڌ ۾ عوامي ليگ ۽ متحد

ڏجي اليڪشن اميدوار بيهاريا هئا ۽ قاضي صاحب، عوامي ليگ ۽ سنڌ متحد محاذ جو محاذ گنڪتن جي بنياد تي اليڪشن لڙي رهيو هو. جيڪي 6گڏيل اميدوار هو. ٻيو ته قاضي صاحب

نقطا قومپرستن ۽ سنڌ دوستن الء ڪشش وارا ۽ فائديمند هئا. جي ايم سيد کي چيائون ته: “ يار اسان ڪيتريون به قربانيون ڏيون، مگر اسان جو قدر نه ٿيندو.سائين! وڏيرا، وڏيرن جا ”(101)

ان اليڪشن ٿيڻ کان اڳ اليڪشني سياست جو تجزيو مير امداد علي پنهنجي ڪتاب ۾ هن قاضي فيض محمد ، بي داغ، باهمت ۽ ”ريت ڪري ٿو. هو قاضي صاحب بابت لکي ٿو ته:

آهي. مقامي وڪيل، نيشنل عوامي پارٽي ۽ ونيونٽ جي مخالفت ۾ جهاد ڪندڙ مرد مجاهد جي ايم سيد جو دوست آهي. جيڪڏهن ونيونٽ جي خالف علم جهاد بلند ڪرڻ واري جهاد کي ٿو ڏسجي ۽ سنڌ خاطر بيداغ خدمت ڪندڙن جو جائزو ٿو وٺجي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترن

هي. ڇو جو مان قاضي فيض محمد به هڪ آهي. ڪن ڳالهين ۾ ته جي ايم سيد کان به زور آجي ايم سيد جي سيد پرستي، سنڌ پرستي کان ڪجهه مٿي آهي ۽ قاضي صاحب جي سنڌ پرستي مسلم پرستي کان به مٿي آهي.... پر نالي چڙهيو چور سزا کائي، نالي چڙهيو واپاري کٽيو کائي، سو پيپلز پارٽي جي آهي سرسي ۽ ماڻهن جي ذهني قوت به بنهه ڪمزور آهي. سو

ير ٿيو وتن. ان ڪري سخت مقابلو حاڪم علي زرداري ۽ شبير احمد شاهه سڀ لڪير جا فق ( ۽ اڳتي هلي قاضي صاحب اليڪشن ۾ هارايو.102“ )۾ ٿيندو.

اليڪشن وارن ڏينهن ۾ قاضي صاحب وٽ پي پي جو سربراهه ذوالفقار علي ڀٽو ڪيترا دفعا ي ۽ پارٽي ۾ پڻ اهم آيو ۽ کين آڇ ڪيائون ته نواب شاهه واري سيٽ اوهان ئي ڏياري ويند

عهدو ڏنو ويندو. اوهان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. پر قاضي صاحب کين جواب ڏنو ته مان توهان جي پارٽي پروگرام سان متفق نه آهيان ۽ اوهان پنجاب ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ ۽ انهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ الء ننڍن صوبن جي مفادن کي داء تي لڳائي رهيا

يو. جڏهن ته عوامي ليگ جي ڪاميابي ننڍن صوبن جي عوام الء نيڪ فال ثابت ٿيندي.آه

Page 51: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

اليڪشن جي ڏينهن ۾ شيخ مجيب الرحمان، اولهه پاڪستان جي دوري تي آيو. هن قاضي صاحب سان گڏجي سنڌ جي ٽن شهرن ۾ عام جلسن کي خطاب ڪيو. پهريان ڪراچي پوء

(103واب شاهه وارو جلسو نهايت ڪامياب ويو. )نواب شاهه ۽ آخر ۾ شڪارپور ۾. سندن ناولهه پاڪستان ۾ پنجاب جي خوشنودي حاصل ڪرڻ الء ڀٽي صاحب ۽ مسلم ليگين، عوامي

نڪتن جي سخت مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. کين ان مخالفت جو جواب قاضي 6ليگ جي ي واري فيض محمد ئي اڪيلي سر ڏيندو رهيو ۽ قاضي صاحب پيپلز پارٽي جي ٻه چاپڙائ

نڪتن جو تحفظ ڪيو. پاڻ اولهه پاڪستان ۾ عوامي 6پاليسي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ليگ کي منظم ڪرڻ الء پناجب ۽ سرحد جا دورا ڪين. بهاولپور ۽ ملتان ويا، جتي وڪيل برادريء سان مليا. الهور ۾ هڪ وڌي ڪانفرنس سڏاين. اتي ڀٽي صاحب تي سخت نڪتچيني

عوام جو دشمن ٺهراين. ان بعد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي، کيس پاڪستان جي ڀٽي ”ڪري ڀٽي جي پاليسي تي سخت تنقيد ڪين. پاڻ ڀٽي جي مخالفت بابت لکن ٿا ته:

صاحب سان ڪو به شخصي اختالف ڪو نه هو. سنڌ جو مسئلو هو. مان سمجهيو ٿي، اها ڀٽي صاحب خودمختياري جيتري شيخ صاحب ۽ عوامي ليگ جي پاور ۾ اچڻ سان ملندي،

(104“ )کان ملي نه ٿي سگهي.۾ ان الء چونڊون ڪرايون ته عوامي دٻاء کي جهڪو ڪري، ساڄي ڌر 1970يحيي خان ڊسمبر

جي پارٽين کي کٽائي، انهن جي فوجي ڇٽي هيٺ حڪومت قائم ڪري ان جو پاڻ اڳواڻ ٿي اڪثريت حاصل وهي. هن کي پورو پورو يقين هو ته ٻنهي حصن ۾ ڪا به پارٽي واضح

ڪري نه سگهندي ۽ نه ئي ڪا پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي. ان ڪري هو مڙني پارٽين کي خوش ڪر اڪيلو پاڻ ئي حڪومت هالئيندو. پر چونڊن بعد عوامي ليگ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن ڪري يحيي خان جا اهي خاوب چڪنا چور

جي مثبت نتيجن نه نڪرڻ ڪري اقتدار ڏيڻ کان نابري وارڻ ٿي ويا. ۽ فوجي جنتا چونڊن لڳي. عوامي ليگ گهر ڪئي ته مارشل ال ختم ڪري اقتدار چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪيو

نڪاتي فارمولي هيٺ آئين ساز طرف قدم وڌائي. جيڪا ڳالهه 6وڃي ته جيئن عوامي ليگ هنن کي پنهنجو موت نظر آيو. فوجي جنتا ۽ پنجاب جي مستقل مفاد کي ڏکي لڳي ۽ ان ۾

نڪتا اولهه پاڪستان جي ننڍن صوبن 6ٻيو ته عوامي ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ سان، ان جا کي ايترا اختيار بخشين ها جو ڪڏهن به فوجي ٽولو اقتدار تي قابض ٿي، جمهوريت جو

فوجي جنازو نه رالئي ها ۽ نه ئي وري ننڍن قومن جي حقن تي ڌاڙا لڳي سگهن ها. ان ڪري

Page 52: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

جرنيلن، عوامي ليگ کي اقتدار ڏيڻ بدران ان تي ڏاڍ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اوڀر پاڪستان جي جمهوري قوتن کي ڪچلڻ الء اوڏانهن فوج موڪلڻ شروع ڪئي. فوج جي پوري طرح

تيار ٿيڻ تائين، صدر يحيي، شيخ مجيب کي ڳالهين ۾ رڌل رکيو.گ ۾ شرڪت الء شيخ مجيب الرحمان، تي آخري ميٽنگ رکي ويئي. ان ميٽن 1971مارچ 24

سنڌ مان قاضي فيض محمد کي ڊاڪا گهرايو. پاڻ قاضي صاحب کي سڄي صورتحال کان مارچ تي سڄي پاڪستان جا ليڊر سواء پيپلز پارٽي جي شيخ مجيب وٽ 24واقف ڪيائون.

حمد آيا. ان گڏجاڻي ۾ قاضي صاحب به شامل ٿيو. گڏجاڻي ۾ ولي خان، مفتي محمود، شاهه انوراني ۽ غوث بخش بزنجي ڳالهين ۽ شيخ مجيب کي صحيح قرار ڏنو. فيصلو ٿيو ته مڙئي ليڊر يحيي خان سان ملندا ۽ شيخ صاحب جون گهرون قبول ڪرائيندا. پر يحيي خان گهرون

(105قبول نه ڪيون. )رايو آخري دفعو ڳالهين ناڪام ٿيڻ کان پوء شيخ مجيب الرحمان، قاضي فيض کي پاڻ وٽ گه

ڳالهيون ناڪام ويون آهن. ڏينهن پورا ٿيا آهن. سڀاڻي يا پرينهن هتي بندوق بازي ”۽ چيو ته: ٿيندي، هاڻ توهان کي موٽي واپس وڃڻ گهرجي. جي وڃڻ جي ڪا واهه نه مليو ته مان توهان

(106“ )کي ڪنهن بنگالي جي گهر رهائيندس.ته پاڻ “ اهي ڪٿي آهن؟”پڇيو ته، قاضي صاحب، شيخ مجيب کان پارٽي جي ٻين ساٿين جو

اهي هندستان هليا ويا آهن ۽ مان بنگالين جو اڳواڻ آهيان. مون کي ڀڄڻو نه آهي. ”چيائون ته: (107“ )مون کي هنن سان گڏ مرڻو آهي.

قاضي صاحب کي هڪ جهاز ۾ جڳهه ملي وئي ۽ پاڻ ٻين ڪيترن ئي اولهه پاڪستان جي چي ڪراچي پهتا.سياستدانن ۽ وڏن آفيسرن سان گڏ ا

جي آڌي رات جو پاڪستان جي فوج بنگالي عوام جو قتل عام ڪرڻ شروع 1971مارچ 25ڪيو. ٽينڪن، جنگي جهازن ۽ مشين گنن سان مظلوم عوام کي ابدي نند سمهارڻ جو ناٽڪ

لک ماڻهو گولين جو کاڄ بنجي ويا. هزارين عورتن جي عصمت دري ڪئي 30شروع ٿيو. باڻا پڊ ڇڏي سرحدون ٽپي ڀڄڻ لڳا. شهر ۽ ڳوٺ بمن ۽ ٽينڪن جي گولن وئي. لکين ماڻهو ا

سان رک بنجي ويا. ۽ ان سان گڏ پاڪستان ٽٽي ٻن حصن ۾ وهائجي ويو. اوڀر پاڪستان، هڪ نئين آزاد ۽ خود مختيار رياست بنگالديش جي صورت ۾ ٻيهر دنيا جي تختي تي نروار

ٿيو.

Page 53: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

جنگ سنڌي ٻوليء جي بقا الء قاضي فيض محمد جي زندگي جتي سياسي حقن جي حاصالت الء جدوجهد جو مظهر رهي، اتي پاڻ سنڌي زبان جي بقا ۽ بچاء جي جنگ ۾ پڻ پٺتي ڪين رهيا. پاڻ پنهنجي مادري ٻوليء سان ازلي عشق ڪندا هئا ۽ جڏهن به سنڌي زبان تي ڪي ڏکيا ڏينهن آيا ته پاڻ خاموش

رير، تحرير، بک هڙتال، جيل ۽ خوني حملن کي منهن ڏيڻ تائين ويهي ڪين سگهيا. تقجدوجهد ڪندا رهيا. پاڪستان ٺهڻ کان پوء سنڌي ٻوليء جي ٻاهرين غير مقامي باشندن جي زبان سان جنگ هلندي آئي. ان بقا ۽ بچاء جي جنگ ۾ ڪيترن ئي قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن،

ع جي آئين 1954سنڌ ۾ ٻوليء جو مسئلو هارين ۽ مزدورن، شاگردن ۽ عورتن حصو ورتو.ع ۾ آئين ٺهڻ جي موقعي تي اڀريو. ان بعد ان مسئلي 1956ٺهڻ وقت ۽ ان کان پوء وري

ع ۾ ان وقت شدت اختيار ڪري ورتي، جڏهن ايوب خان جي دور حڪومت ۾ تعليمي 1961فارشن ع ڌاري پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. انهن س1962سڌارن الء قائم ڪيل ڪميشن

تحت سنڌي ٻوليء کي مليل حقن ۽ سهوليتن کان انحراف ڪري، سنڌي ٻوليء جي حيثيت کي گهٽايو ويو. ان کي گهٽائي نصاب ۾ پنجين درجي تائين الزمي قرار ڏنو ويو. سنڌي پڙهندڙن جي ذريعي تعليم کي اردو بڻايو ويو. اردو ٻارن الء سنڌيء جو الزمي پيپر ختم

( سنڌي ٻوليء سان ٿيل ان ظلم ۽ ناانصافيء خالف سنڌ سميت سڄو 108ڪيو ويو وغيره.)ملڪ اٿي کڙو ٿيو ۽ مڙني ان فيصلي جي مذمت ڪندي ان کي شرمناڪ قدم ڪوٺيو. ملڪ جي قومي اسيمبليء جي ميمبرن، سياستدانن، شاگردن، اديبن ۽ ٻين طبقن ان جي مخالفت

ر اوڀر پاڪستان )هاڻوڪي بنگالديش(، ڪئي. نه صرف سنڌ واسين ان خالف احتجاج ڪيو، پبلوچستان ۽ سرحد جي ليڊرن به تعليمي ڪميشن جون سفارشون سنڌين سان ناانصافي قرار ڏنيون. ان ڏس ۾ قاضي فيض محمد به پٺتي ڪين رهيو. اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي ليڊرن

نهن اهم ليڊرن صحيحون ڪيون، ا 21جيڪو حڪومت کان گڏيل مطالبو ڪيو، ان تي جن ۾ قاضي صاحب به هڪ هيو. قاضي صاحب ان دور ۾ هر پليٽ فارم تان سنڌي ٻوليء جي

Page 54: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

حقن الء آواز بلند ڪيو. نيٺ وقت جي حاڪمن عوام جي دٻاء کان مجبور ٿي، سنڌي ٻوليء جي ساڳي حيثيت کي برقرار رکيو.

ووٽرن جون لسٽون سنڌيء ۾ ڇپرائڻ ڪاڻ جدوجهد

ي هئي، ان الء حڪومت اعالن ڪيو ته ووٽرن جون لسٽون ع جي اليڪشن ٿيڻ وار1970صرف اردو ۽ بنگالي زبان ۾ ٺهنديون. حڪومت جو اهو اعالن سنڌي زبان سان ٻه اکيائي ۽

سال اڳ انگريزن جي دور ۾ لسٽون سنڌي ۾ ڇپيون 22دشمني تي مبني هو. ڇو جو هن کان يء ۾ ڇپيون هيون، پر هن وقت هيون. ان بعد ون يونٽ جي شروعاتي دور ۾ به لسٽون سنڌ

سنڌي ٻوليء کي نظر انداز ڪري ان سنئين سڌي مسئلي تي حڪومت اڙي ڪري بيٺي. حڪومت جي ان غلط فيصلي کي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن ننديو ۽ پنهنجي جائز حق جي گهر

تي ڪئي. اخبارن ايڊيٽوريل لکيا. ٺهراء پاس ٿيا، بيان نڪتا ۽ احتجاج ٿيا، پر حڪومت ان ڪا به توجهه نه ڏني. ان ڪري سنڌي شاگردن ان مسئلي جي حل واسطي تحريڪ هالئڻ شروع

ع تي شاگردن مظاهرا ڪيا. ان بعد 1969نومبر 8ڪئي ته لسٽون سنڌي ۾ به ڇپجڻ گهرجن. شاگرد ليڊر الال قادر بک هڙتال تي ويٺو. سڄي سنڌ ۾ عالمتي بک هڙتالون شروع ٿي ويون.

( شاگردن سنڌي ۾ لسٽون ڇپرائڻ کانسواء ٻيا به 109لسا ڪيا ويا.)جلوس ڪڍيا ويا ۽ ج هيٺيان مطالبا ڪيا ته:

( سنڌ يونيورسٽي جي مالزمن خالف ڪيس واپس ورتا وڃن. پر 2( ون يونٽ ٽوڙيو وڃي. )1)اهم مطالبو سنڌي لسٽن جو ئي هو. شاگردن جي انهن مطالبن جي پيپلز پارٽيء جي چيئرمين

ڀٽي ۽ سنڌ متحد محاذ جي صدر جي ايم سيد پڻ حمايت ڪئي. قاضي فيض ذوالفقار علي محمد جيڪو ان وقت آل پاڪستان عوامي ليگ جو مرڪزي نائب صدر هو. ان پڻ حڪومت

ع تي 69نومبر 11جي ان هٺ ڌرمي کي ننديو ۽ شاگردن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪئي. ه گهرجون پوريون نه ٿيون ته پاڻ به مرڻ پاڻ حمايتي پريس بيان سان گڏ اهو به اعالن ڪيو ت

( شاگردن جي انهن مطالبن جي صحيح معني ۾ عملي 110گهڙيء تائين بک هڙتال ڪندا.)پٺڀرائي عوامي ليگ ئي ڪئي ۽ سندن مرڪزي نائب صدر شاگردن جو ڀرپور ساٿ ڏنو.

انن هي سنڌي لسٽن جي گهر سياستد”شاگردن جي تحريڪ بابت قاضي صاحب جن لکن ٿا ته (111“)کي ڪرڻ گهربي هئي، نه ٻچن شاگردن کي.

Page 55: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

وارن جي دعوت پهتل هئي، اهو فنڪشن “ شام سنڌ”ع تي 69نومبر 10قاضي صاحب جن کي شاگرد ڪرائي رهيا هئا. پاڻ ان فنڪشن ۾ شريڪ ٿيا. ان ۾ پاڻ تقرير ڪندي چيائون ته

اسان کي به انهن جي اسان جا ٻچا سنڌ ۽ سنڌي زبان الء بک هڙتالون ڪري رهيا آهن.”( فنڪشن ختم ٿيڻ بعد پاڻ بک هڙتالي شاگردن 112“)همدرديء ۾ ڪجهه قرباني ڏيڻ گهرجي.

وٽ ويا ۽ کين گلن جا هار پارايا. پاڻ ٻئي دفعي شاگردن سان ملڻ ويا ته شاگردن جي حالت جيڪڏهن شاگردن جون گهرجون قبول نه ڪيون ”ڏسي جوش ۾ اچي ويا ۽ اعالن ڪيائون ته

ع تي اچي 69نومبر 14( نيٺ پاڻ 113“)ويون ته مان به مرڻ گهڙيء تائين بک هڙتال ڪندس.بک هڙتال تي ويٺا. سندن بک هڙتال سبب هيء تحريڪ وڌي عوامي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري وئي. عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان پڻ تحريڪ جي حمايت ڪئي.

سنڌ ان جي حمايت ۾ اٿي پئي ته وڏن وڏن ليڊرن جي جڏهن تحريڪ زور وٺڻ لڳي ۽ سڄي دڪانداريء کي ڌڪ لڳڻ لڳو. جنهن ڪري جي ايم سيد ان جي مخالفت ڪندي، ان کي ختم

جي ايم سيد هن تحريڪ جي ”ڪرڻ جي صالح ڏني. ان بابت قاضي صاحب جن لکن ٿا ته؛ رٿ اسان کي ناپسند مخالفت ڪئي ۽ قانوني طرح حق وٺڻ الء جدوجهد تي زور ڏنو، پر اها

( جي ايم سيد جي مخالفت سبب ڪيترائي بک هڙتالي شاگرد بي دليا ٿي پيا ۽ 114“)هئي.بک هڙتال ختم ڪرڻ الء سوچڻ لڳا. پر قاضي صاحب شاگردن کي سمجهايو ته اها اسان جي بي عزتي آهي، جو بنا مطالبن مڃرائڻ جي خودبخود تحريڪ ختم ڪيون. دشمن اسان کي

بزدل ۽ ڀاڙيو سڏيندا. پوء ڪير اسان جي پويان لڳندو. ان بعد شاگرد بک هڙتال ٽوڪيندا، جاري رکڻ تي راضي ٿيا. بک هڙتالين جي همت افزائي الء سندن وٽ فلسطيني، بنگالي ۽ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشنن جا شاگرد به اچڻ لڳا. قاضي صاحب بک هڙتال دوران هيٺيون

يم ملڪ آهي. سنڌي زبان ۽ ثقافت جون پاڙون عوام جي دلين سنڌ عظيم ۽ قد”بيان ڪڍيو؛ ۾ پختگيء سان کتل آهن. بدقسمتي سان غير ملڪي ثقافت جي ذريعي سنڌ ۽ سنڌين کي تباهه ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پر اسين ان جي خالف جدوجهد ڪري شاهه لطيف ۽ ٻين

( قاضي صاحب سنڌ 115“).صوفي شاعرن جي تصور مطابق هڪ نئين سنڌ وجود ۾ آڻينداسينجو پهريون سياستدان هو، جنهن عملي طرح ان تحريڪ ۾ ٽپي پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌين جو سچو خادم تسليم ڪرايو. تحريڪ جو سڄو ڪريڊٽ جيڪو اڳ چند بيان باز ۽ لٻاڙي ليڊرن جي کنڌي ۾ اچڻو هو، سو قاضي صاحب، عوامي ليگ ۽ محب وطن شاگردن جي کاتي ۾

اچي ويو.

Page 56: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

صاحب جي تحريڪ ۾ ٽپڻ سان سنڌ دشمنن طرفان وڏي پئماني تي مخالفت شروع ٿي قاضي چڪي هئي. ڌاريا هن تحريڪ جي دشمنيء تي لهي آيا. مخالفت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا ويا.

سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ بک ”مهاجر اڳواڻ نواب مظفر هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته؛ ي ويون آهن ۽ پاڪستان عوامي ليگ هڙتالين جي ڪري امن امان جون ڪوششون ڪمزور ٿ

جي نائب صدر قاضي فيض محمد جي بک هڙتال ۾ شامل ٿيڻ بعد شهر جي فضا بيحد خراب ( ٻئي ڏينهن سورنهن نومبر 116“)ٿي وئي آهي. قاضي فيض محمد سياسي فائدو وٺڻ ٿو چاهي.

جي آئون حيدرآباد”تي قاضي صاحب نواب صاحب کي جواب ڏيندي پريس بيان ۾ چيو ته؛ هڪ فوٽ پاٿ تي پيو آهيان. انهيء مان جهيڙا يا القانونيت شروع ٿيڻ جو سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي. اسان پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ جي مقصد سان پرامن جدوجهد شروع ڪئي

نومبر تي ڪامريڊ غالم محمد لغاري به بيمار هوندي پاڻ کڻائي اچي بک 17( 117“)آهي.هڙتالين وٽ هاري، شاگرد، هارياڻيون، ڪارڪن ۽ ليڊر اچڻ لڳا. تحريڪ هڙتال ٿي ويٺو. بک

جيئن پوء تيئن تيز ٿيندي رهي. جيڪا ڳالهه سنڌ دشمنن کان سٺي نه ٿي. حڪومت ڏاڍ ۽ نومبر جي رات جو هڪ وڳي بک هڙتالي 18ڏهڪاء سان هن حق جي آواز کي ختم ڪرڻ الء

اجر غنڊن بک هڙتالين تي لٺين، ڌڪن، ڪارڪنن جي ڪيمپ تي حملو ڪيو. پوليس ۽ مهڪنڌاقن جي برسات وسائي ڏني. هنن سڀني جا هڏ گڏ ڀڃي وڌائون. ڪامريڊ لغاري کي ڏاڍا ڌڪ لڳا، سندن مٿو ڦاٽي پيو. پوليس سڀني کي کڻي اچي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ رکيو. ان

( قاضي فيض 118جي ٻئي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ بک هڙتالين جون گرفتاريون شروع ٿي ويون.)محمد ۽ ٻيا ڪارڪن جيل ۾ به بک هڙتال تي رهيا. پنجن ڏينهن بعد ڀٽو صاحب به بک هڙتالين سان ملڻ آيو. قاضي صاحب ڀٽي کي چيو ته اسان جا مطالبا پورا ڪيا وڃن ته تحريڪ بند ڪنداسين. پهريون مطالبو ون يونٽ ٽوڙيو وڃي ۽ ٻيو ووٽرن جون لسٽون سنڌيء ۾

ڏينهن ٻيا به گذري ويا. سڄي سنڌ ۾ بک هڙتالين جي حمايت ۾ 8ڃن. جيل ۾ شايع ڪيون ومظاهرا ٿيڻ لڳا. هڪ ڏينهن ميڊيڪل جي شاگردن ۽ شاگردياڻين اچي جيل ٻاهران ڌرڻو هنيو ته بک هڙتالين کي طبي امداد ڏني وڃي. جنهن بعد قاضي صاحب ۽ سندس ساٿين کي تپاسڻ

قاضي صاحب ۽ غالم محمد لغاري کي شاگردن کان الء هڪ ڊاڪٽرن جي ٽيم آئي. جيل ۾الڳ رکيو ويو. ڪيترائي شاگرد روز گرفتار ٿيندا رهيا ۽ بهادر نياڻي اختر بلوچ پڻ گرفتار

26ٿي آئي. قاضي صاحب هن نياڻيء جي همت افزائي الء ڏانهس روز چٺيون لکندو هو. تري تي موت جو انتظار نومبر تي قاضي صاحب جي حالت ڏاڍي خراب ٿي وئي ۽ پاڻ بس

Page 57: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ڪرڻ لڳا. نيٺ حڪومت جدوجهد ڪندڙن جي آڏو گوڏا کوڙيا ۽ سنڌي عوام جي سالن کان نومبر تي 29نومبر تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعالن ڪيو ويو ۽ 28هلندڙ جدوجهد رنگ التو.

نومبر تي ايڪشن ڪاميٽي طرفان بک 30لسٽون سنڌيء ۾ شايع ڪرڻ جو اعالن ڪيو ويو. ( ان بعد قاضي صاحب ۽ سندس ساٿين بک هڙتال ختم 119ختم ڪرڻ جو اعالن ٿيو.)هڙتال

ڊسمبر تي جيل مان سنڌ جي نئين وجود ۽ سنڌي ٻولي جي حيثيت جي 8ڪئي. جنهن بعد پاڻ مڃتا جو تحفو کڻي آزاد ٿيا.

سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ

ع جي آئين ٺهڻ وقت 1973سنڌ ۾ ٻوليء جي مسئلي تي وري ان وقت ڇڪتاڻ وڌي، جڏهن سيڪڙو اقليت جي ٻولي 8سنڌين جي پراڻي جائز مطالبي کي نظرانداز ڪندي حڪومت

اردوء کي ملڪ جي قومي ٻولي بڻايو. حڪومت جي ان قدم کي ناجائز ۽ غير واجبي ڪوٺيندي سنڌي عوام جدوجهد جي ميدان ۾ لهي آيو. هر طبقي سنڌي ٻوليء سان ٿيل

بلند ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌي کي به پاڪستان جي قومي ٻولي ناانصافي خالف آواز ( صرف اردو کي 120تسليم ڪيو وڃي ۽ ان کي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان بڻايو وڃي.)

قومي ٻولي بڻائڻ سنڌين جي سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ لساني حقن جو کليو کاليو جا حق غضب ٿيندا ۽ اردو جي استحصال آهي. صرف اردوء کي قومي ٻولي بنائڻ سان سنڌين

آڌار تي ڌاريان ماڻهو سنڌ ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي داخل ٿي سنڌين کي اقليت ۾ آڻي سنڌ کي ( جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ ٻين اڳواڻن ان ظلم خالف 121ورهائڻ جي سازش ڪندا.)

( انهن ڏينهن 122آواز بلند ڪيو ۽ حڪومت جي ان قدم جي سخت مذمت ۽ مخالفت ڪئي.)صدر ذوالفقار علي ڀٽو ڪراچي ۾ دوري تي آيو. اتي ڀٽي صاحب قاضي صاحب سميت ۾

ٻين سياستدانن کي گهرايو ۽ کانئن راء ورتي ته بنگالديش ۽ هندستان سان ڪهڙا الڳاپا رکجن؟ ان گڏجاڻيء ۾ قاضي صاحب ڀٽي کي پاسي تي وٺي چيو ته سنڌي زبان جو مسئلو

و ڪيو ويو آهي. صدر ڀٽي قاضي صاحب کي سنڌي ٻولي خوامخواهه اڇلي، اجايو طوفان کڙ( جيڪو قاضي صاحب انگريزيء ۾ لکي کين 123جي حق ۾ اهڙو نوٽ لکي ڏيڻ الء چيو.)

اماڻيو. ان نوٽ ۾ قاضي صاحب سنڌي ٻولي جي تسليمي الء واضح ۽ وزندار دليل ڏئي ثابت جيڪا زندگي جي هر شعبي ڪيو ته سنڌ پاڪستان جي واحد ترقي يافته ۽ سڌريل زبان آهي،

Page 58: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

( پاڻ ان نوٽ ۾ صدر ڀٽي کي سنڌي ٻوليء جي 124۾ ڪاميابي سان استعمال ٿي سگهي ٿي.) اهميت کان واقف ڪندي مطالبو ڪيو ته؛

سنڌي کي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي. -1 سنڌي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان تسليم ڪئي وڃي. -2

جي انهيء الء حالتون سازگار نه آهن ته پوء گهٽ قاضي صاحب صدر ڀٽي کي گذارش ڪئي ته ۾ گهٽ سنڌيء کي انهيء حالت ۾ ڇڏيو وڃي، جيڪا پاڪستان کان اڳ ۽ پوء رهندي اچي. ان نوٽ ۾ پاڻ ذوالفقار ڀٽي کي خبردار ڪيائون ته سنڌ صوبي ۾ ٻن زبانن جو سرڪاري ٿي

هو ۽ خاص ڪري سنڌ جو نوجوان رهڻ سنڌي ٻولي الء تباهي ٿيندي، جا ڳالهه سنڌ جا ماڻع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻوليء وارو بل 1972جوالء 7طبقو ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪندو.

غير سنڌي ميمبرن ان جي 11پيش ڪيو ويو. جيڪو وڏي اڪثريت سان پاس ٿي ويو. صرف مخالفت ڪئي ۽ سنڌ ۾ هنگاما ڪرائڻ شروع ڪيا، جن جو ڪو به جواز ڪونه هو. اردوپاڪستان جي قومي ٻولي تسليم ٿي چڪي هئي، پر هو سنڌي کي صرف سنڌ اندر به انڌو منڊو مقام ملڻ تي ارها هئا. ٻوليء جي مسئلي کي بنياد بڻائي غير سنڌين ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو ڄام ۽ ٽنڊو الهيار ۾ سنڌين مٿان حمال ڪري کين قتل ڪيو. انهن جون جائيدادون تباهه

يا ۽ کين پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. صدر ڀٽي رجعت پرستن ۽ اردو ڪيون، گهر ساڙ“ لساني ڪانفرنس”جوالء تي راولپنڊيء ۾ 10شاونسٽن جي انهن هنگامن کان متاثر ٿي

اردو دانشورن کي ڪانفرنس 20سنڌي دانشورن ۽ 5سڏائڻ جو اعالن ڪيو. سرڪاري طرح ان شروعات ۾ جي ايم سيد، پير حسام الدين ۾ شريڪ ٿيڻ جو دعوت نامو ڏنو ويو. سنڌ م

راشدي، شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ان ڪانفرنس ۾ وڃڻ الء سنبريا. قاضي صاحب جن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ الء نواب شاهه کان ڪراچي روانا ٿيا، اتي پهچي کين خبر پئي ته

مجبورن قاضي جي ايم سيد ۽ حسام الدين راشدي ڪانفرنس ۾ هلڻ کان انڪار ڪيو آهي. صاحب کي اڪيلي سر سنڌين جي نمائندگي الء راولپنڊي روانو ٿيڻو پيو.

کن اردو دانشورن جي وچ ۾ پاڻ اڪيال سنڌ جي 20جڏهن پاڻ ڪانفرنس هال ۾ پهتا ته اتي حمايتن ڳالهائڻ شروع 20نمائندگي ڪندڙ هئا. پاڻ محسوس ڪيائون ته جيڪڏهن اردو جي

و آواز نقار خاني ۾ طوطي جو آواز ثابت ٿيندو. تنهن ڪري ڪيو ته اتي مون هڪ ڄڻي جپاڻ صدر ڀٽي کان مطالبو ڪيائون ته کين سڀ کان پهرين تقرير ڪرڻ ڏني وڃي. صدر صاحب سندن اها گهر مڃي ۽ قاضي صاحب جن سڀني کان اول تقرير ڪئي ۽ سنڌي ٻولي جو

Page 59: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

اهوار ملير ڊائجسٽ ڪيس پيش ڪيو. اسان سندن ان تاريخي تقرير جا ڪي اهم ٽڪرا مسنڌي صرف زبان نه آهي، مگر هيء سنڌ جي ”ع جي پرچي تان ڏئي رهيا آهيون: 1972آگسٽ

ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي صورت آهي، هي شخصيت آهي، سنڌ جي روح جي پوشاڪ آهي، جان آهي.... سنڌي زبان جي مرڻ سان سنڌ مري ويندي، باقي هن زمين جي ٽڪري جي ڪابه

ندي.... اسان سنڌ جي ماڻهن جي اها گهر آهي، جا حق ۽ انصاف تي مبني آهي ته معني نه رهسنڌي زبان کي به قومي زبان ٺهرايو وڃي ۽ نئون آئين جڏهن ٺهي تڏهن پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سنڌي زبانن کي قومي زبانون تسليم ڪيو وڃي. اردو کي به قومي ۽ رابطي جي

‘ لساني بل’ڪنداسين. صدر صاحب! توهان جو هي زبان بنايو وڃي ته اسان اعتراض نهحقيقتن اسان سان انصافي آهي، ناحق آهي، گهربو ته ائين هو ته اسان سنڌي پنهنجي حق الء قرباني جي ميدان ۾ گهڙي پئون ها ۽ سنڌيء کي پنهنجي حقي جڳهه وٺائي ڏيڻ الء قربانيون

ٽ سبب آهن. صدر صاحب! هي چار صوبا ڏيون ها، مگر اسان ائين نه ڪيو، جنهن الء اسان وتوهان جي طفيل گڏ رهي سگهن ٿا. مگر جيڪڏهن توهان کي ڪنهن فوجي ڪوپ جي معرفت ڪڍيو ويو ته پوء هن پاڪستان جو بچڻ محال آهي، نه فقط محال آهي، مگر جيڪو هتي ڪوس ٿيندو ۽ ظلم ٿيندو، تنهن جو تصور ڪندي دل دهلجيو وڃي ٿي. اهو ٻيو سبب

جو اسان ماٺ ڪري ويٺا آهيون. انهيء ڪري اسان جي صبر کي غلط طرح تعبير نه آهي ڪيو وڃي. اسان توهان جي بل کي پاڻ تي ظلم ٿا سمجهون، جيڪڏهن بل ۾ ڪا ردوبدل ڪئي وئي ته پوء اسان جا نوجوان پنهنجون جانيون جالئي ڇڏيندا ۽ اها هڪ ننڍي قيامت

رف سنڌي واحد سرڪاري زبان ٿيڻ گهرجي ۽ اسان نه ٿيندي. اسان جي گهر آهي ته سنڌ ۾ صٿا چاهيون ته اردو ۽ سنڌي ٻئي گڏ سرڪاري زبانون ٿين.... مگر ڇا چئجي اردو جي آڙ ۾

سال سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. جيڪي هندو وياج خورن هڪ سئو سالن ۾ 25سڄا ن اسان کي ڦريو آهي. سڀ سالن ۾ اردودان سرمائيدار 25اسان کي نيوڙيو، انهيء کان وڌيڪ

ڪجهه کڻي ويا. هاڻي اردو کي آڙ ڪري پاڻ حڪمران قوم بڻجي، اسان تي حڪومت ڪرڻ گهرن ٿا ۽ انهيء ڪري سنڌين کي حڪومت مان ڪڍڻ گهرن ٿا. سنڌ کي اسان هرگز ختم ڪرڻ نه ڏينداسين. پهريان اسان سڀني سنڌين کي مون سميت ڪهي عربي سمنڊ ۾ اڇاليو

نڌ ختم ٿي سگهي ٿي. اسان سنڌ کي پاڪستان ۾ عزت وارو ۽ خود دار صوبو وڃي، پوء س (125“)بڻائڻ گهرون ٿا. اسان ڀائرن واري زندگي گذارڻ چاهيون ٿا.

Page 60: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

حڪومت تي هنن دانهن ۽ ڪوڪن جو ڪو اثر ڪونه ٿيو. ڀٽي صاحب جي حڪومت ۽ وليء جي پارٽي، وڏي صوبي ۽ هڪ مخصوص اقليت جي خوشنودي حاصل ڪرڻ الء سنڌي ٻ

موت واري دستاويز تي صحيح ڪري سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو بڻايو. جيڪا سنڌ جي ماڻهن سان سراسر ناانصافي ۽ ظلم هو. اڄ تائين سنڌي عوام پنهنجي ان قومي جمهوري مطالبي جي مڃتا الء مختلف محاذن تي جنگ ڪري رهيو آهي. جنهن ڏينهن اسان جدوجهد

حيثيت تسليم ڪرائي ۽ ان کي پاڪستان جي قومي ۽ سنڌ جي ذريعي سنڌي ٻوليء جي واحد سرڪاري زبان مڃرايو. ان ڏينهن اسان جي مٿين جدوجهد پنهنجي ڪاميابي تي

پهچندي.

Page 61: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

زندگيء جا آخري ڏينهن

بنگالديش جي قيام کان پوء باقي بچيل پاڪستان جون حالتون نهايت خراب ٿي ويون. يحي

اقي پاڪستان جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪيون. جنهن هندستان ۽ خان ببنگالديش سان الڳاپا سڌارڻ ۽ نئين پاليسي اختيار ڪرڻ خاطر ڪراچيء ۾ مڙني سياستدانن کي گهرايو. قاضي صاحب پڻ ان ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيو. مهاجر ۽ پنجابي سياستدان بنگالديش

ا الڳاپا رکڻ جا خواهان نه هيا ۽ هو مجيب کي ڪافر ۽ غدار ۽ هندستان سان ڪنهن به قسم جڪوٺي رهيا هئا. هنن ڀٽي کي صالحون ڏنيون ته بنگالديش کي تسليم نه ڪيو وڃي. جنهن تي قاضي مٿانهن تنقيد ڪندي، ڀٽي صاحب کي فورن بنگالديش کي تسليم ڪرڻ ۽ هندستان

ب کي صاف لفظن ۾ چين ته، سان سٺا الڳاپا قائم رکڻ جي صالح ڏني. پاڻ ڀٽي صاحبنگالديش کي هڪدم مڃڻ گهرجي ۽ هندستان سان دوستي رکجي. هندستان سان اسان جا ”

( ڀٽي صاحب 126“ )ناتا آهن. اسين پاڪستاني ۽ هندستاني هڪ ئي زمين مان پيدا ٿيا آهيون.تي قاضي صاحب جي صالحن جو سٺو اثر ٿيو ۽ پاڻ قاضي صاحب جي موقف کي صحيح

ين.تسليم ڪجيئن ته قاضي صاحب، شيخ مجيب الرحمان جو سٺو دوست ۽ ساٿي هيو. ان ڪري ڀٽي، شيخ مجيب جا خياالت معلوم ڪرڻ الء قاضي صاحب سان رابطو قائم ڪيو. قاضي صاحب ان رابطي کان اڳ حڪومت کي درخواست ڪئي هئي ته کيس شيخ مجيب سان ملڻ جي اجازت

ان بنياد تي قبول ڪئي، جيئن شيخ مجيب جا ڏني وڃي. حڪومت سندن اها درخواست خياالت معلوم ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي صاحب وٽ نواب شاهه آيو ۽ کين لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏنائين. قاضي صاحب، شيخ مجيب سان مالقات ڪرڻ الء

۽ محبت سان لنڊن پهتو. شيخ مجيب الرحمان کين ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين ڏاڍي پيار مليو. شيخ مجيب، قاضي صاحب کي لنڊن ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي. پر قاضي صاحب جن لنڊن ۾

(127)هفتا رهڻ بعد واپس پاڪستان موٽي آيا. 3صرف بنگال جي ٽٽڻ کان پوء سنڌ ۾ حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. هڪ مخصوص اقليت،مجيب

يان باهه ٻاري ڏني. قاضي الرحمان جي حامين ۽ صوبائي خودمختياري گهرندڙ ليڊرن پو

Page 62: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

صاحب کي شڪ جي نظرن سان ڏسڻ لڳا ۽ سندن هر چر پر تي نظرداري ٿيڻ لڳي. وري جو ٻوليء وارا فساد ٿيا ته، سنڌي ٻوليء جي حقن الء قاضي صاحب جيڪو تحرڪ ورتو. ان سنڌ دشمنن کي هيڪاري قاضي صاحب کان ڊيڄاري وڌو. حڪومت پڻ قاضي صاحب جي سخت

رڻ شروع ڪئي. انهن مڙني ڳالهين قاضي صاحب جي جيء کي جهوري وڌو ۽ مخالفت ڪپاڻ ڪجهه وقت وطن کان ٻاهر رهڻ جو فيصلو ڪين. هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجي گهر واريء سميت سعودي عرب وڃڻ الء هوائي اڏي تي پهتا ته حڪومت سندن ٻاهر وڃڻ تي بندش

وجهي، کين هوائي اڏي تان واپس گهر روانو ڪيو.ڪومت جي انهن قدمن کين سخت صدمو رسايو. حڪومت جي ڪارندن ۽ مخصوص اقليت ح

کان قاضي صاحب جو وجود برداشت ٿي نه سگهيو. ڇو جو قاضي صاحب، سنڌ الء پڻ اهي حق گهري رهيو هو، جيڪي حق مجيب بنگالين الء گهريا ٿي. ان ڪري سنڌ دشمنن قاضي صاحب

ء حق ۽ سچ جو آواز هميشه الء ختم ٿي وڃي.کي مارائڻ جو منصوبو سٽيو. جيئن هيجڏهن قاضي صاحب کي اهي خبرون پهتيون ۽ پاڻ ڏٺن ته هتي رهي، سنڌ ۽ سنڌين الء ڪو به ڪم ڪري نه ٿو سگهجي، ته پاڻ غيرقانوني طور تي هن ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪين.

ان روانا ٿيا. ع جي هڪ ڏينهن پاڻ بنا ڪنهن ٻڌائڻ جي ٿر پارڪر کان هندست1974سپٽمبر رستي ۾ ڪيترين تڪليفن سهڻ کان پوء وڃي هندستان جي سرحد تي پهتا، جتي کين هندستاني فوج گرفتار ڪيو. جڏهن هندستان سرڪار کي سندن خبر پئي ته کين آزاد ڪري پاڻ وٽ مهمان جي حيثيت سان رهايو. هندستان سرڪار سندن آمد جو اطالع شيخ مجيب کي

ڪجهه هفتا دهلي ۾ رهڻ کان پوء بنگالديش پهتا. اتي سندن اچڻ مخفي ڏياري موڪليو. پاڻ رکيو ويو ۽ کين بنگالديش جو خاص مهمان ڪري رهايو ويو. شيخ مجيب، قاضي صاحب کي بنگالديش حڪومت جي خرچ تي ڊاڪا ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ويو ته اوهان

ي رهڻ بجاء لنڊن رهندا ته به سندن سمورو خرچ جا ٻار ٻچا پڻ هتي گهرايا ويندا. جي پاڻ هتعوامي ليگ برداشت ڪندي. پر جيئن ته ان وقت بنگالديش جي معاشي حالت سخت خراب ٿي چڪي هئي، ان ڪري قاضي صاحب، انهن مٿان بوجهه بنجڻ سٺو نه ڄاتو. ان ڪري قاضي

ي ليگ وارن صاحب جن لنڊن وڃڻ الء ڪابل پهتا. جتي سندن ٻن ڏينهن جو خرچ، عوام برداشت ڪيو. جتان پاڻ لنڊن روانا ٿي ويا.

پاڻ لنڊن ۾ سال کن رهائش اختيار ڪين. اتي رهندڙ سنڌي شاگردن سان الڳاپا وڌاين. اتان جي تعليمي ادارن جي نظام جو ڳوڙهو مطالعو ڪين. پاڪستان سرڪار، قاضي صاحب مٿان

Page 63: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

خ مجيب سان مالقات کي خراب غير قانوني طور ٻاهر وڃڻ جو ڪيس داخل ڪيو ۽ سندن شينظرن سان ڏٺو. وزيراعظم ڀٽي گهڻي ڪوشش ڪئي ته قاضي صاحب جن پنهنجي وطن واپس موٽي اچن. وزيراعظم ۽ وزيراعلي غالم مصطفى جتوئي کين واپس اچڻ الء نياپا موڪليا. ان بعد جڏهن جتوئي لنڊن ويو ته اتي به قاضي صاحب سان مليو ۽ کين واپس هلڻ

ور ڀرڻ لڳو.الء زقاضي صاحب جن جڏهن ڏٺو ته ملڪ کان ٻاهر رهي سنڌ وارن جي خدمت ڪري نه ٿي سگهجي، ان ڪري پاڻ واپس موٽڻ الء تيار ٿيا. هڪ دفعي برٽش ايئر الئينس ذريعي هڪ غير ملڪي جي حيثيت سان ڪراچي هوائي اڏي تي پهتا. جتان ٻه ڏينهن پاڪستان ۾ رهڻ

گهر نڪتا. سندن پهچڻ کان پوء هڪ مهيني گذرڻ بعد جي اجازت حاصل ڪري، اچي حڪومت کين هاالڻي مان گرفتار ڪيو ۽ کين ڪلفٽن پوليس الڪ اپ ۾ رکيو ويو. جتان پوء کين ضلعي ٺٽي جي گهاري بنگلي ۾ قيد رکيو ويو. ٻه ٽي هفتا پڇا ڳڇا ٿيندي رهي. ان

( جتان پڻ ڪجهه مهينن کان 128)مهينن گذرڻ کان پوء کين گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. 4بعد پوء آزاد ٿيا.

ان بعد قاضي صاحب جن عملي سياست تان رٽائر ٿيا ۽ باقي زندگي سنڌي ادب جي جهولي ڀرڻ الء وقف ڪري، پنهنجا لکيل ڪتاب ڇپرائڻ طرف توجهه ڏنن. ان سان گڏ وڪالت پڻ

ڪندا رهيا.سنڌ هاري ”ڳ ڪرڻ جي خيال کان پاڻ سياست کان رٽائر ٿيڻ کانپوء سنڌي هارين کي سجا

جي ويجهو رهيا. واندڪائي واري وقت ۾ پاڻ ٻهراڙين ۾ نڪري ويندا هئا ۽ اتي “ ڪاميٽي وڃي هارين سان ڪچهريون ڪندا هئا ۽ کين سندن مسئلن کان آگاهه ڪندا هئا.

وفات کان ڪجهه هفتا اڳ سندن ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ۽ ٻانهن ڀڄي پين. اها اڃان مس ٺيڪ سندن ٻڌڻ جي حواسن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. وفات کان ٻه ڏينهن اڳ پاڻ نواب شاهه کان ٿي ته

آڪٽومبر 13هاالڻي پهتا. اتي کين دل جو دورو پيو. جنهن مان پاڻ چڙهي ڪو نه سگهيا ۽ ع تي وفات ڪري ويا. کين هاالڻي جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.1982

ر ۾.وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ته ڀنڀو

Page 64: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ادبي ۽ ثقافتي زندگي

. ادبي زندگي1قاضي فيض محمد جن بااصول سياستدان ۽ قومي ورڪر هجڻ سان گڏ سٺا اديب، شاعر ۽ فنڪار پڻ هيا. پاڻ سياسي لٽريچر ۽ فلسفي جي ڏکين مسئلن تي لکڻ سان گڏ بامقصد ناول

جي عڪاسي ڪن ٿيون، جن ۾ هتان جي ۽ شاعري پڻ لکي اٿن. سندن لکڻيون سنڌي سماج پورهيت عوام، هاري ۽ مزدور جو دک درد سمايل آهي. سندن قلم طبقاتي سماج جي ڏاڍ ڏهڪاء، ظلم ۽ زورآوري، مذهبي نفرت ۽ ڪدورت خالف منظم جهاد ڪيو آهي. پاڻ پنهنجي

ان لکڻين وسيلي نه صرف معاشري جي ڪچاين ۽ خامين کي ننديو ۽ اگهاڙو ڪيو اٿن، پر سان گڏ هڪ سوشلسٽ ۽ سيڪيولر معاشري جي تعمير الء گس ۽ گهيڙ پڻ ٻڌايا اٿن. يعني سندن لکڻيون نه صرف اسان جي سماج جي خرابين ۽ قباحتن جون زنده تصويرون آهن، پر

انهن ۾ هن سماج کي بدالئڻ ۽ نئين سماج جي اڏاوت جو پڻ نقشو ڏنل آهي.ماالمال ڪيو اٿن. اڄ تائين سنڌ ۾ هنن ناولن جهڙا پاڻ سنڌي ادب کي ٽن ضخيم ناولن سان

اصلوڪا، ضخيم ۽ بامقصد ناول ڪنهن ڪو نه تخليق ڪيا آهن.پاڻ پنهنجون مڙئي تصنيفون جيل اندر يا وطن کان ٻاهر هجڻ وقت لکيون اٿن. ٻاهر وٺ پڪڙ واري سياست، رات ڏينهن ڊڪ ڊڪان ڪري سواء ننڍن پمفليٽن، مضمونن ۽ پريس

ي ٻيو ڪجهه لکي نه سگهندا هئا. جڏهن وقت جا حاڪم کين جيل موڪليندا هئا ته بيانن جاتي پاڻ ٻاهرين دنيا کان دور هجڻ ڪري پنهنجو اهو وقت لکڻ پڙهڻ تي صرف ڪندا هئا. پاڻ

جيل ۾ لکيائون. “ منهنجو سفر”۽ پنهنجي جيون ڪهاڻي “ جنسار”۽ “ اڻ ڄاڻ”پنهنجو ناول “ دردن سندو داستان”۽ “ لطيفي سنڌ ان سرچ آف ٽرٿ”، “ٻاويهه عٻاويهه سو ”باقي ٻيا ڪتاب

)ٻه حصا( شاعري سنڌ کان ٻاهر لنڊن ۾ جالوطن هئڻ واري عرصي ۾ لکين.پاڻ مستند ڪتاب لکڻ کان سواء ڪافي مضمون ۽ مقاال پڻ لکيا اٿن. جيڪي گهڻو ڪري سنڌ

هن سندن مضمون، ۾ اٿندڙ ڪرنٽ مسئلن تي ان دور جي اخبارن ۾ لکيا اٿن. جيڪڏتقريرون، پمفليٽ، دوستن ڏانهن لکيل خط ۽ آيل خط گڏ ڪري شايع ڪجن ته هوند سنڌي

Page 65: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ادب ۾ پنجن ڇهن ضخيم تصنيفن جو واڌارو ٿي پوي ۽ سندن اهي اهم تخليقون محفوظ ٿي تاريخ جو حصو بنجي وڃن. هيٺ اسان قاضي صاحب جي تصنيفن جو تفصيل ڏيون ٿا.

جنسار (1) 348۾ شايع ٿيو. جيڪو ڪرائون سائيز جي 1980حيدرآباد مان ٻيو دفعو سندن هي ناول

۾ سکر سينٽرل جيل ۾ لکين . پاڻ هن شاهڪار 1954صفحن تي مشتمل آهي. پاڻ هيء ناول ناول ۾ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي سماج جو نقشو چٽيو اٿن. ناول ۾ پاڻ سنڌ ۾ جاگيردارن

لم عوام ۾ نفاق پيدا ڪرڻ وارن ڪوششن جو ذڪر جا ظلم ۽ انهن طرفان سنڌ جي هندو مس ڪيو اٿن.

ٻاويهه سو ٻاويهه ع (2)

صفحن تي 309۾ شايع ٿيو. جيڪو ڊيمي سائيز جي 1979سندن هي ناول حيدرآباد مان مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ قاضي صاحب دنيا جي مستقبل جو نقشو چٽيو اٿن ۽ سائنسي

ن سماج جا خواهشمند هيا، ان سماج جي ترقي جي فائدن جو تذڪرو ڪيو آهي. پاڻ جنهتهذيب ۽ تمدن، قدرن ۽ ماپن بابت لکيو اٿن ۽ انسانذات جي بهتر مستقبل جو خواب بيان

ڪيو اٿن. سورن سندي سيج (3)

ايع ڪراين. جنهن ۾ ٽي مضمون اڳ ڪتابچن جي ع ۾ ش1970هيء ڪتاب پاڻ نواب شاهه مان صفحن 251ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب صورت ۾ ڇپيل ۽ باقي ٻه نوان مضمون ڏنل آهن.

تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي پهرين حصي ۾ عالمه آء آء قاضي جا سندن ڏانهن لکيل خط آهن، ان بعد عالمه صاحب جي وفات تي قاضي فيض محمد جا تاثرات ڏنل آهن. ان بعد سندن

ي تاثراتي خط ڀاء قاضي محمد الئق جا ڪجهه شعر ۽ قاضي فيض محمد جا والده جي وفات ت شامل آهن.

ع نواب 1964( ڇپيل 1)حصو:“ منهنجون مون سان ٻه ٽي ڳالهيون”ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ ، انسان ۽ ٻين فلسفي جي شاهه جيئن جو تيئن ڏنل آهي. هن مقالي ۾ ڪائنات، زندگي، موت

بنيادي مسئلن تي بحث ڪيل آهن. هن ساڳي مقالي جي حصي ٻئي ۾ )ڇپيل نواب شاهه

Page 66: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

۾ پڻ تحريڪ، سماج، وطن، قانون، منزل، راڳ ۽ ان جا مختلف سر ۽ ٻين نقطن تي ع( 1965 بحث ڪيل آهي.

ع 1970۾ سندن مختصر سوانح حيات “ ڳوڙهيون ڳالهيون”ڪتاب جي چوٿين حصي بعنوان ۾ سندن سنڌي “ شاگردن جي هلچل”جي دور تائين ڏنل آهي. ڪتاب جي پنجين حصي بعنوان

ع ۾ ووٽرن جون لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرائڻ واري مطالبي 1969ٻولي جي تسليمي خاطر جي حمايت ۾ ڪيل بک هڙتال جو تفصيل ڏنل آهي.

( عالمه آء آء قاضي4)

صفحن تي 60۾ شايع ٿيو، جيڪو ڪرائون سائيز جي 1981سندن هي ڪتاب حيدرآباد مان ان وابستا يادن تي مشتمل آهي. سندن هيء ڪتاب سنڌ جي عظيم انسان عالمه آء آء قاضي س

ٻڌل آهي. جنهن ۾ سنڌ جي همعصر دور جي سياست ۽ سماج تي سٺي روشني وڌل آهي. ( هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ 5)

صفحن تي 96ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو ڪرائون سائيز جي 1984سندن هيء ڪتاب حيدرآباد مان ي تحريڪ جي ڪارنامن مشتمل آهي. سندن هيء ڪتاب سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ هارين جي االٽ

۽ ڪارگذارين تي مشتمل آهي. جديد دور جي تحقيق ڪندڙن ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ طبقاتي تحريڪ تي لکندڙن الء هيء هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي. جنهن ۾ سنڌي هارين جي طبقاتي

جدوجهد تي سٺي روشني وڌل آهي. ( دردن سندو داستان6)

۾ شايع 1982۽ 1980۾ نواب شاهه مان هي سندن شاعري جو ڪتاب آهي. جيڪو ٻن حصنصفحن تي مشتمل آهن. پاڻ پنهنجي شاعري 1000ڪراين. هي ٻئي حصا ڪرائون سائيز جي

۾ لطيفي سنڌ جون روحاني منزلون، مارئي جي وطن الء حب، سسئي جي جدوجهد ۽ جستجو، سهڻي جي مقصد الء فنائي جهڙن موضوعن کي اظهار جو ذريعو بنايو آهي.

ن شاعري نه فن ۽ نه وري مقصد جي لحاظ سان ايتري پختي آهي. جهڙيون سندن ٻيون سند نثري تصنيفون آهن.

Page 67: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

(7) Lateefee Sindh in Search of Truth

134ع ۾ شايع ڪرايو. جيڪو ڊبل ڊيمي سائيز جي 1979پاڻ هيء ڪتاب نواب شاهه مان السافي جو ذڪر ڪيو صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ خاص قسم جي ف

اٿن. پاڻ هن ڪتاب ۾ ڪيترن فالسافيڪل نقطن تي بحث ڪيو اٿن. جيئن مادو، وجود، سمجهه، خودي دماغ، سوچ، عمل، سياست، پيار، حسن ۽ راڳ وغيره.

پاڻ هن ڪتاب ۾ لطيفي سنڌ جو روحاني مترلون، لطيف سائين جي مکيه سورمين مارئي، هن. جن ۾ سنڌ سان محبت ۽ ان جي وجود الء سسئي، سهڻي جي حوالي سان ٻڌايون آ

جدوجهد اهم عنصر آهي. ( منهنجو سفر8)

سندن هي اڻ ڇپيل ڪتاب، سندن جيون ڪٿا آهي.)جيڪو هن ڪتاب لکجڻ کان پوء شايع ٿي چڪو آهي.( پاڻ هن هڪ هزار صفحن جي ضخيم ڪتاب ۾ پنهنجي دور جي سياست، سنڌ

ڪرتوتن سميت پنهنجي زندگيء جي اهم سياسي جي حالتن، سياستدانن جي ڪارنامن ۽ واقعن ۽ تحريڪن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سندن هيء تصنيف موجوده دور تي

صدي جي تاريخ جو اهم دستاويز آهي. 20لکندڙن الء هڪ اهم ماخذ هجڻ سان گڏ ( اڻ ڄاڻ9)

ن هيء ناول پڻ صفحن تي ڦهليل آهي. سند 200سندن هيء ناول پڻ اڻ ڇپيل آهي، جيڪو اڳين ٻن ڇپيل ناولن جهڙو وزندار ۽ ڪارائتو آهي. جنهن جو ڇپجڻ وقت جي اهم ضروت

آهي.ان کانسواء سندن ٻيا به ڪيترا ننڍا ڪتابچا ڇپيل آهن ۽ ڪيئي مضمون، مقاال )ڇپيل

توڙي اڻ ڇپيل( مختلف رسالن ۾ ۽ ماڻهن وٽ محفوظ آهن. جيڪي ايترا ئي اهم آهن. ڏنل ڪتاب.جيترا مٿي

. راڳ سان محبت2

Page 68: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

قاضي فيض محمد جن اديب هجڻ سان گڏ سٺا فنڪار پڻ هيا. سندن آواز ڏاڍو سريلو ۽ من موهيندڙ هوندو هيو. پاڻ پنجن ڇهن سالن جي عمر کان وٺي پوڙهپڻ تائين راڳ سان الڳاپيل

غالم علي رهيا. پاڻ پنهنجي وقت جي برصغير جي اتم راڳيندڙن الهڏني نوناري، استاد بڙيخان ۽ برڪت علي خان جا دوست هئا. پاڻ انهن سان گڏ محفلون ڪندا هئا ۽ کين گهرائي راڳ جون محفلون به مچرائيندا هئا. سندن چوڻ مطابق ته پاڻ گهڻو اثر استاد بڙي غالم علي خان کان ورتو ۽ سندن راڳ ۾ استاد الهڏنو نوناري هيو. پاڻ پنهنجي استاد سان درٻاري،

۽ ميان جي ٽوڙي راڳ گڏ ڳائيندا هيا ۽ انهن راڳڻين جي فن مان پڻ واقف هيا.ڀيروي پاڻ ننڍي هوندي ڪاليجي دور ۾ سرن کي ٺاهڻ الء اسر جو تنبورو کڻي سمنڊ جي ڪناري تي ويندا هئا ۽ وڃي رياض ڪندا هئا. پاڻ پنهنجي آخري عمر ۾ حيدرآباد وڃي پنهنجي راڳ

سيڪل ڪالم تي مبني هيون. راڳ جي فن تي ڪيترا جون ٻه ڪيسٽون ڀراين. جيڪي ڪالمضمون ۽ مقاال پڻ لکيا اٿن. ان کانسواء راڳ تي هڪ خاص انٽرويو کانئن آخري ڏينهن ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌاالجي وارن پڻ ورتو. جنهن ۾ پاڻ سنڌ ۾ راڳ جي ماضي، حال ۽

مستقبل تي سٺي نموني ڳالهايو اٿن.پري ٿيا ته ان بعد راڳ کي ئي اظهار جو ذريعو بڻاين. پاڻ ع ۾ پاڻ سياست کان 1971جڏهن

هارمونيم کڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا. پهريان هاري ناري گڏ ڪري کين راڳ ٻڌائيندا هئا، ان بعد هارين سان سندن مسئلن تي ڳالهائيندا هئا ۽ کين صحيح سماجي شعور ڏيڻ ۽ منجهن

چر ڏيندا هئا.عوامي هلچل هالئڻ الء جاڳرتا پيدا ڪرڻ الء ليڪپاڻ پنهنجي آخري عمر ۾ ڪوشش ڪين ته سنڌ جي ڪالسيڪل راڳ کي وري جيارجي ۽ سنڌ ۾ راڳ سيکارڻ ۽ ان کي صحيح نموني اظهار جو وسيلو بنائڻ الء هڪ اڪيڊمي کولجي. پر سندن عمر وفا ڪين ڪئي، پاڻ پنهنجون حسرتون ۽ ارمان دل ۾ سانڍي هتان

رمندا ر هيا.جوده راڳ متعلق ڏاڍو فڪر هوندو هو ۽ چوندا هئا ته سنڌ مان راڳ ختم ٿي کين سنڌ جي مو

ويو آهي. سندن چئي مطابق ته حقيقي راڳ ڪالسيڪل راڳ آهي، جيڪو خود هڪڙي سائنس آهي. جنهن کان هن دور جا فنڪار وانجهيل آهن. پاڻ هن دور جي ڳائڻن بابت چوندا

خبر آهي. هينئر ڪو به ڳائڻو تانون، پلٽا ۽ هئا ته هنن کي نه ڳائڻ جو رياض ۽ نه فن جي سرگم ڪو نه ٿو پڙهي. هن وقت جي موسيقي ڀڳل دلي جا ٺڪاء آهن.

Page 69: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

مطلب ته پاڻ هڪڙي نه ته ٻئي پليٽ فارم تان پنهنجو حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪندا رهيا ۽ يا.ههڙي ڪاري ٻاٽ اونڌاهيء ۾ به مايوس ڪونه ٿيا، پر جاڳ جي جوت جالئيندا هليا و

Page 70: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

حواال ۽ سمجهاڻيون 81-جي جوت جالئي ويا، ص .1 59-ساهتي پبليڪيشن، ص .2 “ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو”ظفر عباسي: .3 27-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .4 8-جنسار، ص .5 3-سورن سندي سيج )شاگردن جي هلچل(، ص .6 منهنجو سفر، حصو پهريون .7 326-325-اسان جي آزادي جا اڳواڻ، ص .8 115-، ص2-ذاريم جن سينجنب گ .9

32-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .10 7-سورن سندي سيج )شاگردن جي هلچل(، ص .11 23-آء آء قاضي، ص .12 35-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .13 26-25-آء آء قاضي، ص .14 116-115-، ص2-جنب گذاريم جن سين .15 8-سورن سندي سيج )شاگردن جي هلچل(، ص .16 35-ص هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، .17 48-47-سورن سندي سيج، ص .18 36-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .19 ساڳيو .20 302۽ 291-اسان جي آزاديء جا اڳواڻ، ص .21 15-جي جوت جالئي ويا، ص .22

Page 71: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

84-ساڳيو، ص .23 30-29-آء آء قاضي، ص .24 31-ساڳيو ص .25 85-سنڌ ۾ بيچيني جا اسباب، ص .26 “قاضي فيض محمد هڪ مطالعو”نبي بخش کوسو: .27 82-81-ا اسباب، صسنڌ ۾ بي چيني ج .28 85-جي جوت جالئي ويا، ص .29 55-سنڌ جو سيد، ص .30 22-جي جوت جالئي ويا، ص .31 198-، ص2-جنب گذاريم جن سين .32 28-آء آء قاضي، ص .33 116-، ص2-جنب گذاريم جن سين .34 10-سورن سندي سيج )شاگردن جي هلچل(، ص .35 هي زمين ڪيئن سڌري )اڻ ڇپيل( .36 3-، ص“پاڪستان ڪجهه حقيقتون ڪجهه شڪايتون” .37 ساڳيو .38 116-، ص2-جنب گذاريم جن سين .39 43-42-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .40 31-30-باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ص .41 “هڪ مطالعو -قاضي فيض محمد” .42 116-، ص2-جنب گذاريم جن سين .43 چونڊ سياسي مضمون، .44 149-روبرو، ص .45 56-سنڌ جو سيد، ص .46 117-116-، ص2-جنب گذاريم جن سين .47 ن بابت ججهو مواد مون هٿ ڪيو آهي. هت ڊيگهه سبب نه ڏنو ويو آهي.هن ڪنوينش .48 56-سنڌ جو سيد، ص .49

Page 72: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

89-سنڌ ۾ بيچيني جا اسباب، ص .50 413-، ص3-اهي ڏينهن اهي شينهن .51 117-، ص2-جنب گذاريم جن سين .52 11-10-سورن سندي سيج )شاگردن جي هلچل(، ص .53 تائين 437کان 419-، ص4-منهنجو سفر .54 296-295-اڄ پڻ چڪيم چاڪ، ص .55 441-، ص4-منهنجو سفر .56 117-، ص2-جنب گذاريم جن سين .57 442-، ص4-منهنجو سفر .58 12-11-سورن سندي سيج )شاگردن جي هلچل(، ص .59 446-، ص4-منهنجو سفر .60 12-سورن سندي سيج )شاگردن جي هلچل(، ص .61 ساڳيو .62 467-ص 4-منهنجو سفر .63 470-ساڳيو، ص .64 117-، ص2-جنب گذاريم جن سين .65 444-، ص4-منهنجو سفر .66 88-جي جوت جالئي ويا، ص .67 ساڳيو .68 93۽ 40-هوندا سي حيات، ص .69 473-471-، ص4-منهنجو سفر .70 509-506-ساڳيو، ص .7172. Welcome Address to Bashani تان ورتل آهي. 4-“منهنجو سفر”عالمي امن ڪانفرنس بابت سڄو مواد .73 43-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .74 493-487-، ص4-منهنجو سفر .75 43-الٽي تحريڪ، صهاري ڪاميٽي ۽ ا .76

Page 73: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

65-64-ساڳيو، ص .77 500-496-، ص4-منهنجو سفر .78 15-14-سورن سندي سيج )شاگردن جي هلچل( ص .79 504-502-، ص5-منهنجو سفر .80 76-75-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .81 493-487-، ص4-منهنجو سفر .82 80-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .83 118-، ص2-جنب گذاريم جن سين .84 17۽ 16-دن جي هلچل(، صسورن سندي سيج،)شاگر .85 هيء زمين ڪيئن سڌري، )اڻ ڇپيل( .86 4-ڪجهه شڪايتون، ص -پاڪستان ڪجهه حقيقتون .87 94-روبرو، ص .88 565-منهنجو سفر، ص .89 8-3-عوام ۽ بنيادي جمهوريتن جي ميمبرن کي اپيل، ص .90 20-ليڊران ڪرام، ص .91 596-595، 5-منهنجو سفر .92 17-سورن سندي سيج، )شاگردن جي هلچل(، ص .93 592-591-، ص5-سفر منهنجو .94 565-564-ساڳيو، ص .95 ع1969سيپٽمبر 22روزانه عبرت حيدرآباد، .96 ع1969آڪٽوبر 7ساڳيو، .97 ع1969آڪٽوبر 14ساڳيو، .98 ع1969سيپٽمبر 16ساڳيو، .99

168-سنڌ جي سياست، ص .100 580-، ص5-منهنجو سفر .101 169-168-سنڌ جي سياست، ص .102 ع1970جوالء 12صبح سنڌ، هفتيوار ڪراچي، .103

Page 74: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

613-609-، ص5-رمنهنجو سف .104 51-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .105 587-، ص5-منهنجو سفر .106 53-51-هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، ص .107 ع، مهاڙي1962-2ٽماهي مهراڻ، حيدرآباد، .108 39-موت جي پاڇي هيٺان، ص .109 22-مڙيا مٿي مچ، ص .110 22-ساڳيو، ص .111 39-موت جي پاڇي هيٺان، ص .112 21-20-سورن سندي سيج، )شاگردن جي هلچل(، ص .113 567-566-، ص5-منهنجو سفر .114 ساڳيو .115 ساڳيو .116 31-مڙيا مٿي مچ، ص .117 32-ساڳيو، ص .118 33-ساڳيو، ص .119 39-موت جي پاڇي هيٺان، ص .120 27-سورن سندي سيج، )شاگردن جي هلچل(، ص .121 29-28-ساڳيو، ص .122 594-591-، ص5-منهنجو سفر .123124. Note on Language to President Bhutto 20-، ص1972ملير ڊائجيسٽ، آگسٽ .125 592-591-، ص5-سفر منهنجو .126 596-595-ساڳيو، ص .127 805کان 615-ساڳيو، ص .128

Page 75: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ماخذات

قاضي فيض محمد جا ڪتاب

ع1970سورن سندي سيج، نواب شاهه، .1 ع1979ٻاويهه سو ٻاويهه ع، حيدرآباد، .2 ع1980جنسار، حيدرآباد، .3 ع1980، نواب شاهه، 1-دردن سندو داستان .4 ع1982، نواب شاهه، 2-دردن سندو داستان .5 ع1981عالمه آء آء قاضي، حيدرآباد، .6 ع1984هاري ڪاميٽي ۽ االٽي تحريڪ، حيدرآباد، .78. Latiefi Sind in Search of Truth, Nawabshah, 1979 منهنجو سفر )اڻ ڇپيل( .9

اڻ ڄاڻ، )اڻ ڇپيل( .10

قاضي فيض محمد جون ٻيون لکڻيون ع1979فطرت کي جيئن مون ڏٺو، )مضمون( سڪرنڊ، .1 ڪرمن سندي دلڙي، )ڪتابچو( نواب شاهه .2 ع1981سنڌين الء پيغام، )مضمون(، جي جوت جالئي ويا، حيدرآباد، .3 ع1972راولپنڊي ٻولي ڪانفرنس، )تقرير(، ماهوار ملير ڊائجيسٽ، ڪراچي، آگسٽ .4 ع1970آگسٽ 9ڇنڊڇاڻ، )مضمون(، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، .5

Page 76: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ن، )مضمون(، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، ڪجهه شڪايتو -اسالم ڪجهه حقيقتون .6 ع1970

ڪجهه شڪايتون، )مضمون(، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، -پاڪستان ڪجهه حقيقتون .7 ع1970آگسٽ 14 ع1970آگسٽ 14يونٽ ڪونه ٽٽو آهي، )مضمون(، هفتيوار صبح سنڌ ڪراچي، .8 ع1980ڪنڊيارو، ‘ رڪيل لڙڪ’مون وٽ سودو سچ جو، )انٽرويو(، ساهتي پبليڪيشن، .9

قاضي فيض محمد جو سنڌ االجي کي ڏنل انٽرويو، )ڪيسٽ( .10 ع1984شيخ عبدالمجيد سنڌي، )مضمون(، ماهوار پارس، مئي ۽ جون .11 عوام ۽ بنيادي جمهوريتن جي ميمبرن کي اپيل، نواب شاهه .12 هيء زمين ڪيئن سڌري، )مضمون( اڻ ڇپيل .13 ننڍ ۽ سجاڳي )مضمون(، اڻ ڇپيل .14ع ۾ ڪتابن جي نمائش وقت ڪيل تقرير، 1981ايل ايم سي ڄامشورو ۾ سال .15

)انگريزي( اڻ ڇپيل هڪ نامعلوم هنڌ ۽ تاريخ تي ڪيل تقرير )انگريزي( اڻ ڇپيل .16 ع تي لکيل خط1966جون 3محمد علي ايم اين اي ڏانهن .17 ع1978هڪ اعلى اڳواڻ جو موت، )مضمون( هوندا سي حيات، حيدرآباد، .1819. Welcome Address to Bashani on Nov: 1957 20. A note on Language to President Bhutto

قاضي فيض محمد ڏانهن آيل خط عالمه آء آء قاضي جا خط، )ڇپيل(، سورن سندي سيج .1 خط )اڻ ڇپيل( 8شيخ مجيب الرحمان جا .2 خط )اڻ ڇپيل( 9قمر الزمان )عوامي ليگ( جا .3 شمس الحق )عوامي ليگ( جا خط )اڻ ڇپيل( .4 )اڻ ڇپيل( ذوالفقار علي ڀٽو جا خط .5

Page 77: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ممتاز علي ڀٽو جا خط )اڻ ڇپيل( .6 جي ايم سيد جا خط )اڻ ڇپيل( .7 مختلف سياستدانن جا خط )اڻ ڇپيل( .8

قاضي فيض محمد تي لکيل مضمون ۽ مقاال ع1967حيدرآباد، “ 2-جنب گذاريم جن سين”جي ايم سيد، .1 ع1982ڊسمبر 5ظفر عباسي، روزانه هالل پاڪستان ڪراچي، .2 ع1982آڪٽوبر 15زانه هالل پاڪستان ڪراچي، نبي بخش کوسو، رو .3 ع1982آڪٽوبر 20پير علي محمد راشدي، روزانه جنگ ڪراچي، .4 ع1984حيدرآباد، “ ناز سنائي، ماء کاهوڙي هليا .5 صوفي غالم مصطفى، روزانه آفتاب حيدرآباد .6 ع1984-4ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ٽماهي مهراڻ، .7

ٻيا مددي ڪتاب ع1980ديء جا اڳواڻ، ڪراچي، جي االنا، اسان جي آزا .1 ع1970مير امداد علي، سنڌ جي سياست، حيدرآباد، .2 ع1981، حيدرآباد، 3-علي محمد راشدي، اهي ڏينهن اهي شينهن .3 ع1981منصور سارنگ )مرتب(، جي جوت جالئي ويا، حيدرآباد، .4 ع1978خان محمد پنهور )مرتب(، هوندا سي حيات، حيدرآباد، .5 ع1969جو سيد، نواب شاهه، محمد امين کوسو، سنڌ .6 ع1970رياض بٽالوي )مرتب( ليڊران ڪرام، الهور، .7 ع1970محمود شام )مرتب(، روبرو، ڪراچي، .8 ع1967، حيدرآباد، 2-جي ايم سيد، جنب گذاريم جن سين .9

ع1975جي ايم سيد، چونڊ سياسي مضمون، ڪراچي، .10 ع1977جي ايم سيد، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، حيدرآباد، .11

Page 78: Book: Qazi Faiz Mohd, Ruk Sindhi

ع1985ڪجهه خط، حيدرآباد، جي ايم سيد، .12 ع1984رڪ سنڌي، باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، حيدرآباد، .13 ع1983رسول بخش پليجو، مڙيا مٿي مچ، ڪراچي، .14غالم محمد لغاري، موت جي پاڇي هيٺان، )مضمون( ماهوار سچ ڊائجيسٽ، .15

ع1970ميرپورخاص مارچ، اپريل ع1962-2ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، .16 ع جا مختلف پرچا1969روزانه عبرت حيدرآباد، سپٽمبر ۽ آڪٽوبر .17 ع1975محمد موسى ڀٽو، سنڌ ۾ بي چيني جا اسباب، حيدرآباد، .18 ع1984ناز سنائي، ماء کاهوڙي هليا، حيدرآباد، .19 ع1985حيدر بخش جتوئي، هاري انقالب، حيدرآباد، .20