ruk sindhi-ddutrial dess ji kahani

176
ڏﺗﮍﻳﻞ دﻳﺲ ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﻣﺼﻨﻒ: رڪ ﺳﻨﮅي2015 ع

Upload: sindhiadab

Post on 04-Feb-2020

30 views

Category:

Documents


0 download

DESCRIPTION

Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani Book By: Ruk Sindhi, in Sindhi Language

TRANSCRIPT

Page 1: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

جي كهاڻيڏتڑيل ديس

رڪ سنڌي: مصنف

ع2015

Page 2: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ترتيب

كنهن ڏنو؟كينجهر کي زهر .1

!ٿر ۾ سڀ كجهه ٺيك پر ميڈيا جو مٿو خراب .2

بدحال سنڌ تي وارثي جون دعوائون .3

پاكستان کي فقط پنجاب سمجهڻ نه گهرجي .4

وفاقي مالزمتن ۾ سنڌ جي كوٹا نظرانداز .5

سياستعوام جي نالي تي عوام دشمن .6

چچريل الشن سان ملك جا بنياد مضبوط ٿيندا؟ .7

ٿر كميشن ۽ انساني حياتيون بچائڻ جو سوال .8

ننڌڻكائي جي احساس ۾ مبتال ماڻهو .9

سنڌ جي وجود بچائڻ ال لڳاتار جدوجهد جي ضرورت .10

سنڌ جو درد كير محسوس كندو؟ .11

سنڌ ۾ انساني حقن جي پائمالي .12

13. چچريل الش ۽ سنڌ اسيمبلي جو ٺهرا

كراچي ۾ دهشتگردي پٺيان پرڏيهين جو هٿ .14

سنڌو ۾ پاڻي کوٽ سبب تباهيون .15

انصاف جي هر فورم تان مايوس ٿيل سنڌي ماڻهو .16

شگر ملز مالكن جي هك هٹي ۽ پريشان آبادگار .17

نئين ۽ باوقار قيادت کي وانجهيل سنڌ .18

Page 3: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

عوام جو دهشتگردن خالف مزاحمتي مورچو .19

دهشتگردن جون نرسريون ختم كرڻ جي ضرورت .20

وفاق خالف عدالت ۾ وڃڻ جو اعالن جوسنڌ .21

مباركون وقت کان وٺو .22

كاالباغ ڊيم جو نئون رينگٹ .23

ٿر ال اعالن اثر ڇو نه ٿا كن؟ .24

سٺا دهشتگرد ۽ خراب دهشتگرد .25

!كاش بدنصيب بس جا ماڻهو كراچي واسي هجن ها .26

وفاق کي سنڌ ڇو نه ٿي وڻي؟ .27

كمند جو بحران ۽ حكومت جي خاموشي .28

مڑهيل تنظيمن کان بچايو سنڌ کي پابندي .29

وفاق جا فيصال سنڌ خالف ڇو ٿا وڃن؟ .30

دهشتگردن جو پوليس خالف ٹارگيٹيڈ آپريشن .31

كمند جو مامرو ۽ سنڌ حكومت جي بي وسي .32

سنڌ جي آبادگارن جو تاريخي احتجاج .33

سي پي ايل سي ۽ چنائي كير آهن؟ .34

دهشتگردن جو سنڌ تي حملو .35

ڳولڻ گهرجنسنڌ تي حملو كندڙ جا پيرا وزيرستان ۾ .36

سنڌ دهشتگردن جي اطاعت قبول نه كندي .37

رين جي بيدخلي جي ضرورتاسنڌ ۾ امن ال ڌ .38

سنڌ جي وجود کي خطرا .39

سنڌ جو دهشتگردن کي نياپو .40

دهشتگردن جا حامي ملك جا خير خواهه ٿي نه ٿا سگهن .41

ٿر كول پراجيكٹ ۽ مقامي ماڻهن جا خدشا .42

Page 4: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

بلديا سانحو ۽ عوام جا ڏكندڙ ڏوهه .43

حقن کان انكار سبب بحرانقومي .44

ٿر جي قسمت ڇو نه ٿي بدلجي؟ .45

سڀ ڳجهه ظاهر ٿيڻ گهرجن .46

دهشتگردي خالف عوام جو آواز .47

عوام کان ال تعلق بڻيل حكمران .48

امڑ جي ٻولي جو ڏهاڙو .49

سنڌي ٻولي ۽ بي وس بڻيل سنڌ حكومت .50

راڻا ڀڳوان داس هك بيباڪ شخصيت .51

پوليسسنڌ جو امن ۽ بااثر ماڻهن آڏو بي وس ٿيل .52

سنڌ ۾ عام شهري جي تحفظ جو سوال .53

بي گناهه شهري قانون الڳو كندڙ ادارن جي نشاني تي .54

افغانين خالف آپريشن نمائشي نه هجڻ گهرجي .55

Page 5: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كنهن ڏنو؟كينجهر کي زهر

2ملك جي پاڻي ماهرن كينجهر ڍنڍ جو زهريلو پاڻي

. آهي لک ماڻهن جي زندگين ال هاڃيكار قرار ڏنو 30كروڙ

تازو هك خانگي اداري ماهرن جي مدد سان ٻڌايو آهي ته نوري

كينجهر ۾ ڇوڙ كرڻ آباد جي فيكٹرين جو زهريلو پاڻي

كينجهر جو . سبب سڄي كينجهر زهريلي بڻجي وئي آهي

زهريلو پاڻي كراچي، ٺٹو ۽ ڄامشورو جي عوام کي پياريو

ن پيو وڃي، جنهن سان كيتريون ئي بيماريون جنم وٺي رهيو

حمل ۽ منڇر ڍنڍ ته تباهه ٿي چكيون آهن، پر هاڻي هٿ . آهن

سان كينجهر ڍنڍ کي به تباه كري كروڙين انسانن کي

ماهرن . زهريلو پاڻي پياري سندن زندگين سان کيڎيو پيو وڃي

حكومت کان مطالبو كيو ته معاملي جو نوٹيس وٺي

.كروڙين انسانن جون جانيون بچايون وڃن

سنڌ جو فطري حسن ڏينهون ڏينهن تباهي كنڌي تي

حكومت جي بي ڌياني سبب سنڌ جا ٻيال، . پهچي رهيو آهي

ڍنڍون ڍورا، آبي وهكرا ۽ تفريحي ماڳ آهستي آهستي

سنڌ ۾ ماحول کي بچائڻ ال كابه خاطر . ميسارجي رهيا آهن

سنڌ ۾ ڍنڍن جي مالكي نه . خواهه اڳڀرائي ٿيندي نظر نه آئي

اهي ڏينهون ڏينهن تباهي جي طرف وڃي رهيون هئڻ سبب

ڍنڍون نه فقط سياحت بلكه ماهي گيري جو پڻ اهم ذريعو . آهن

سنڌ جي ڍنڍن جي مالكي كرڻ سان هكڑي پاسي اسان . آهن

جا مهاڻا خوشحال ٿيندا ته ٻي پاسي وري مختلف هنڌن تي اسان

Page 6: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

مثال طور ڍنڍن ۾ گند . کي تفريح جا موقعا پڻ ملي سگهندا

هه جي صفائي كري، اتي مٺي پاڻي جي موجودگي کي گا

يقيني بڻائي سياحت کاتي طرفان رهائشي هوٹل ۽ ان سان گڎ

كي معياري ريسٹورانٹ ٺاهڻ سان سنڌ جي ماڻهن کي تفريح

پر هتي ته ڍنڍون . جا سستا موقعا فراهم كري سگهجن ٿا

.زهريليون بڻجي رهيون آهن

ود آهن ۽ سڌي يا سنڌ ۾ تقريبن ٻارنهن سو ڍنڍون موج

اڻ سڌي طرح ٻارنهن لک ماڻهن جو روزگار انهن ڍنڍن سان

۽ اتان ملندڙ مڇي، پکي، لوڙهه، پٻڻ، بھ وغيره ڳنڍيل آهي

اڄكلهه . سنڌ جي اكثريت جي خوراڪ جو ذريعو پڻ آهن

ماحولياتي تبديلي پوري دنيا جو هك اهم مسئلو بڻجي ويو

ي تبديلي جو نتيجو اسان وٽ ايندڙ ٻوڏون پڻ ماحوليات. آهي

سنڌ جي ڍنڍن خاص طور تي منڇر ڍنڍ جي تباهه حالي کي . آهن

كينجهر . به ماحولياتي اثرن کان الڳ نه ٿو كري سگهجي

سميت سنڌ جي ٻين ڍنڍن کي تباهي کان بچائي انهن کي

جنهن سان . ماهيگيري سان گڎ سياحت جا مركز ٺاهڻ گهرجي

ه ٻئي طرف انهن ڍنڍن هك طرف روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا ت

ڍنڍن سان . کي نئين سر بحال كرڻ جو به امكان پيدا ٿيندو

.الڳاپيل عالئقن ۾ ترقي جون نيون راهون کلي سگهنديون

سنڌ ۾ حكومت جي بي ڌياني سبب اسان جا تاريخي

ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته انهن . ماڳ ۽ مكان تباهه ٿي رهيا آهن

جي كپن تي تفريحي ماڳ ماڳن مكانن ۽ ڍنڍن سميت درياهه

قائم كيا وڃن ها پر هاڻي ته انهن جي اصلي شكل جو باقي

جيكڎهن سنڌ حكومت ان ڏس . رهڻ به خطري کان خالي ناهي

Page 7: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

۾ اڳڀرائي كري ته هوند سنڌ جي تاريخي حسن ۽ خوبصورتي

ان سان گڎ پرڏيهي سياحن . کي ٻيهر بحال كري سگهجي ٿو

.اڻو كمائي سگهجي ٿوجو سنڌ ڏانهن ڌيان ڇكائي پرڏيهي ن

جيستائين كينجهر ڍنڍ جو سوال آهي ته نوري آباد جي

فيكٹرين جو زهريلو پاڻي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب نه فقط هن

ڍنڍ جو پاڻي زهريلو بڻجي رهيو آهي، پر ان سان گڎ ڀر پاسي

جنهن سان هزارين ماڻهن . جون زمينون به تباهه ٿي رهيون آهن

. بلكل ختم ٿي رهيا آهن جي جياپي جا ذريعا محدود يا

حكومت جيكڎهن ٿورڙو به تحرڪ وٺي ته هن آفت کي ٹاري

لکين ماڻهن جيمعيشت تي ايندڙ منڌيئڑو ختم . سگهجي ٿو

فيكٹرين جو زهريلو پاڻي روكڻ كو وڏو . كري سگهجي ٿو

مسئلو ناهي، ان سلسلي ۾ قانون موجود آهن، فقط انهن تي

كينجهر کي حكومت کي . عمل كرائڻ جي ضرورت آهي

.زهر ڏيندڙن خالف تكڑو ۽ اثرائتو قدم کڻڻ گهرجي

)ع2014آكٹوبر 30: ڇپيل(

Page 8: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

!ٿر ۾ سڀ كجهه ٺيك پر ميڈيا جو مٿو خراب

سنڌ حكومت ٿر جي صورتحال بابت انتهائي اهم

. خوشخبري ڏئي رهي آهي ته ٿر ۾ سڀ خير لڳو پيو آهي

ٿر جي معاملي تي هروڀرو ميڈيا جو مٿو اچي ڦريو آهي، جو

جو اهو ئي سبب آهي. حكومتي رنگ ۾ ڀنگ وڌي پئي وڃي

پي پي چيئرمين بالول ڀٹو صاحب ٿر جي معاملي تي وڏي

وزير سيد قائم علي شاهه ۽ صوبائي وزير منظور وساڻ کي

بالول هائوس مان جاري . ڏنل شوكاز نوٹيس واپس ورتا آهن

بابت هلندڙ رپورٹن كيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميڈيا تي ٿر

جڎهن ته اهي رپورٹون . مطابق شوكاز نوٹيس جاري كيو ويو

بيان . جنهن سبب نوٹيس واپس ورتو ويو. كوڙ تي ٻڌل هيون

۾ وڌيك چيو ويو آهي ته پيپلز پارٹي اندروني طور تي

معاملي جي جاچ كندي ۽ بالول ڀٹو زرداري معاملي جي ذاتي

۾ موت جو راكاس ٻئي طرف ٿر . طور تي نگراني كندو

ٿر ۾ ڏكاري حالتون . حياتيون ڳڑكائي ويو 3كالهه وڌيك

ڏينهون ڏينهن سنگين ٿينديون پيون وڃن، خوراڪ جي کوٽ ۽

. ٻار فوت ٿي ويا 3عالج جون سهولتون نه هئڻ سبب وڌيك

مٺي . ٿي ويو آهي 53ٻارن سميت فوتين جو انگ 42جنهن بعد

۽ ڏيپلي تعلقي جي جي سول اسپتال ۾ ٹن مهينن جو سنديش

جڎهن . مختلف ڳوٺن ۾ هك هك ڏينهن جا ٻه ٻار فوت ٿي ويا

حكومتي دعوائن کي هك . ته كيترائي ٻار عالج هيٺ آهن

Page 9: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

طرف رکي جيكڎهن ٿر جي ماڻهن جا رايا ۽ ڏک ٻڌجن ٿا ته

ڏكار متاثرن جو چوڻ آهي ته عالج . لڱ كانڈارجي وڃن ٿا

ٻهراڙي وارن . آهن جون سهولتون شهري عالئقن تائين محدود

عالئقن ۾ كي به امدادي سرگرميون شروع نه كيون ويون

.آهن

سنڌ حكومت ٿر واسين جي كهڑي خدمت كري رهي

ٻڌايو پيو وڃي ته . ان جو كالهه وڌيك ڦاٽ ڦاٹي پيو آهي. آهي

سنڌ سركار امدادي كم جي نالي تي مٹي سان ڀريل كڻك

مئجسٹريٹ مٺي كالهه جڈيشل . جون ٻوريون ٿر پهچايون آهن

۽ ريلف انسپيكٹر جي گودام تي ڇاپي دوران مٹي سان ڀريل

ذريعن موجب مٺي جي رليف . ٻوريون پكڑيون ويون 292

كڻك گودام ۾ ڄامشورو جي بوالڙي گودام مان آندل كڻك

ٻوريون اهڑيون نكتيون جن ۾ مٹي ڀريل 292جي ٻورين مان

تي رليف اطالع ملڻ. هئي، جيكي غريبن ۾ ورهايون وڃن ها

انسپيكٹر ميان سعد رباني ۽ جڈيشل مئجسٹريٹ مٺي گودام

. ٻوريون هٿ كري ورتيون 292تي ڇاپي دوران مٹي سان ڀريل

نومبر تي ڄامشورو جي بوالڙي گدام 4گودام انچارج مطابق

292ٻوريون مٺي آنديون ويون جن مان 4895مان كڻك جون

ته ان حوالي جڎهن . ٻوريون مٹي سان ڀريل كڻك جون هيون

سان خوراڪ کاتي جي ڊائريكٹر کي اطالع ڏنو ويو هو ۽ ٻن

ڏينهن تائين ٻورين سان ڀريل ٹرڪ گودام جي ٻاهران بيٺل

جڎهن ته اعلي عملدارن جي دٻا تي مٹي سان ڀريل . رهيون

ٻئي پاسي ڊپٹي كمشنر . ٻوريون گودام ۾ رکيو ويون

ي خوراڪ ٿرپاركر آصف جميل گودام پهتو ۽ سڄي ذميوار

Page 10: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

کاتي تي وجهندي چيو ته كڻك جي فراهمي جي ذميواري

جڎهن ته خراب كڻك کي جدا كيو . خوراڪ کاتي جي آهي

جڎهن ته صاف كڻك . ويو آهي، جيكا جلد واپس اماڻي ويندي

.خاندانن ۾ ورهائي ويندي 1200مٺي تعلقي جي

ٿر ۾ موت جو راكاس ڦيرا پيو ڏئي، پر اسان جا

ن ٿر جي قسمت بدالئڻ ال حكمت عملي سالن کا 67حكمران

اهو ئي سبب آهي جو كالهه پيپلزپارٹي . جوڙڻ ۾ پورا آهن

سنڌ جي جنرل سيكريٹري سينيٹر تاج حيدر چيو آهي ته

حكومت ٿرپاركر ۾ هك منظم حكمت عملي تحت رليف ۽

اسان جي غلطي . ڊيولپمينٹ پروگرام تي كم كري رهي آهي

ٿيون ڇو ته اسان بروقت آگاهه جي كري ميڈيا ۾ خبرون شايع

سينيٹر تاج حيدر جو چوڻ آهي ته . نه كري سگهياسين

اسان . ٿرپاركر جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي

زمين اندر پاڻي کي استعمال ۾ آڻڻ ال هن مسئلي جي حل ال

صوبائي وزير . مختلف پروجيكٹس تي كم كري رهيا آهيون

کوٽ جي كري موت جي ترديد ڄام مهتاب ڏهر ٿر ۾ غذائي

كندي ٻڌايو ٿر ۾ ٻارڙن جو موت ناتجربيكار داين ۽ وقت

حكمرانن جو ٿر بابت موقف . کان اڳ پيدائش سان ٿيو آهي

ميڈيا جيكڎهن خاموش . سڄي سنڌ تي ٺٺولي كرڻ برابر آهي

به كئي وئي پو به ٿر جي معصوم ٻارن جو پرواز ٿيندڙ ساهه

.نه ڏيندوحكمرانن کي سک سان سمهڻ

)ع2014نومبر 2: ڇپيل(

Page 11: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

بدحال سنڌ تي وارثي جون دعوائون

منهنجي سنڌ جي مڑني خوبين کي گرهڻ لڳي چكي

جنهن سنڌ ۾ نياڻين کي ست قرآنن جي برابر سمجھو . آهي

جتي ماڻهو پنهنجون نياڻيون ٻين کي سام طور . ويندو هو

قربان كندا سر انهن جي حفاظت ال ماڻهو پنهنجا.ڏيندا هئا

اتي اڄ نياڻين کي زبردستي اغوا كري بندوق جي زور . هئا

سندن ننڍپڻ ۾ بي جوڙ شادي . تي سندن مذهب مٹايو وڃي ٿو

کيس پنهنجي ذاتي مفادن خاطر قتل كيو . كرائي وڃي ٿي

ڏنڈ ۾ كنهن جانور وانگر پنهنجي مخالف حوالي . وڃي ٿو

،جت جتي چوري عيب هئي ، قتل پاپ هو. كيو وڃي ٿو

اها . حكمران عوام جي جان مال جي حفاظت جا ذميوار هئا

هتي ته كوڙي انا ۽ معتبري . سنڌ خبر ناهي كاڏي هلي وئي

ماڻهن جي . ال نياڻي جانورن وانگر ذبح كيون وڃن ٿيون

هر طرف كوس ۽ .ٻارڙا اغوا ٿين ٿا . ملكيت ڦري وڃي ٿي

مقتل گاھ قتل عام آهي، ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ سنڌ

. جتي سوا جالد جي ٻئي كنهن کي كا به آزادي ناهي. آهي

اهڑي .ڄڻ سنڌ ۾ماڻهو پاڻ ڏاڍن جي غالمي ال پيدا ٿيو آهي

اها حالت ان . كيفيت ۾ ماڻهو جيئن ٿا اها وڏي ڳالھه آهي

جنهن جي كري . كري آهي ته سنڌ هك هنڌ بيهي رهي آهي

. گذري رهيا آهنماڻهو سخت مايوسي وارين صورتحال مان

کي اها حالت نظر اچي ٿي اهي ان کي جيئن جن فردن، گروهن

ان خوف . جو تيئن بيان كن ٿا ته اڃا وڌيك خوف پيدا ٿئي ٿو

Page 12: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

مان جان به تڎهن ڇٹندي جڎهن اسان ان راكاس کي نروار

ان تي چڑهيل منافقي واري چادر الهينداسين ته . كنداسين

هن مايوسي واري اونداهي اهي. عوام منجھه اعتماد وڌندو

هن . نكرڻ جي جدوجھد كندا کڎ مان ٻاهر نكري ايندا يا

.. وقت هر طرف جيكا نراسائي آهي

چونڈيل . سنڌ ۾ هر طرف ڦرلٹ جي بازار گرم آهي

توڙي اڻ چونڈيل بااثر عوام جي مال تي ڇتن كتن وانگر

عوام سان دوستي جون دعوائون به ان مال تي. وڙهي رهيا آهن

سنڌ ۾ اربين .ڦرلٹ جو حق حاصل كرڻ جي كوشش آهي

رپيا رقم جيكا ترقياتي كمن ال هر سال رکي وڃي ٿي اها

انهن کان پڇاڻي وارو . كيئن ٿئي ٿي . خرچ كٿي ٿئي ٿي

هن وقت. كير به ناهي ته اوهان اها رقم كيئن ٿا خرچ كريو

م نه كنهن به شهر يا ڳوٺ ۾ كو به ترقياتي ك حالت آهي ته

.ٿي رهيو آهي

سنڌ ۾ امن امان جي حالت اها آهي جو اڃا سج ئي نٿو

. لهي ته ننڈن يا وڏن شهرن کي مالئيندڙ روڊ ويران ٿي وڃن ٿا

سج لهڻ . ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن اچ وڃ بند ٿي وڃي ٿي

. کانپو چور ، لوفر ، ڌاڙيل ۽ پوليس روڊن تي نظر اچن ٿا

وڃو ٿا ته . ٿي ته اڳئتي نه وڃو پوليس ماڻهن کي روكي چوي

ڦري ويو يا اغوا ٿي ويو ته ان ۾ . پنهنجي ذميواري تحت وڃو

پوليس جي حالت اها آهي ته كو بي . اسان جو كجھه نه وڃي

پهچ ماڻهو كنهن جي خالف دانهين ٿئي ٿو ته پوليس ان کي

چوي ٿي ته اهي ڏوهاري آهن انهن مٿان كيترائي كيس داخل

ن كو جھيڑو ٿيو ته ان جاذميوار به اوهان آهن اسان هلئو

Page 13: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ٻين . ئين سنڌ جو كو به روڊ محفوظ ناهيا. فريادي آهيو

پوليس كانوائي ضلعن کان كراچي اچڻ ال نيشنل ها ويز تي

، ان باوجود روزانو مسافر كوچون. ۾ سفر كرڻو پوي ٿو

. اغوائون ٿي رهيون آهن . بسون كارون ڦرجي رهيون آهن

لت هي آهي ته پوليس ۽ رينجرس جو آپريشن شهرن جي حا

15کان 10هلي رهيو آهي ان هوندي گادي واري شهر ۾ روزانو

ڇاكاڻ ته حكمرانن . قاتل گرفتار نٿا ٿين. ماڻهو قتل پيا ٿين

جو عوام سان جو رياست جو كاروهنوار هالئيندڙ انتظاميا

متي جو ڏوهارين سان مفاهانهن . كو به الڳاپو يا واسطو ناهي

مظلوم عوام سان هو كنهن به قسم جي مفاهمت .رشتو آهي

۽ .سنڌ مكمل طور تي يرغمال بڻيل آهي . كرڻ نٿا چاهين

ان . جيئن ئي سج لهي ٿو ته سنڌ ۾ زندگي بيهي رهي ٿي

. باوجود سنڌ تي سياسي مالكي جون دعوائون جاري آهن

كنهن کي به سنڌ جي سياسي ميدان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو،

ان تي كنهن جي . ڇاكاڻ ته سنڌ اسان کي وراثت ۾ مليل آهي

هن . هر وارو اسان جو هوندو. به وارثي قبول نه كئي ويندي

محكوم ۽ گگدام ماڻهن تي حكمران جو حق ڌڻي سڳوري

انهن دعوائن کي فقط عوام ئي . فقط اسان کي ئي ڏنو آهي

فقط ٿوڙي . للكاري سگهي ٿو ۽ كوڙو قرار ڏئي سگهي ٿو

.جي ضرورت آهي همت

)ع2014نومبر 24: ڇپيل(

Page 14: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

پاكستان کي فقط پنجاب سمجهڻ نه گهرجي

وفاقي حكومت انكشاف كيو آهي ته ملكي گئس

45ندڙ سنڌ کي پيداوار مان سيكڑو پيداوار ڏي 69پيداوار ۾

سيكڑو اپت ڏيندڙ 4ملكي پيداوار جو ، جڎهن تهسيكڑو

سيكڑو گئس 41پيداوار جو پنجاب صوبي کي جملي گئس

بي سي 6ملك اندر گئس جي گهرج . فراهم كئي پئي وڃي

بي 2بي سي ايف آهي، هن وقت ملك اندر 4ايف ۽ پيداوار

جي کوٽ آهي، وفاقي ) ارب كيوبك فوٽ 2(سي ايف

هين ترميم بعد جوڙيل پاليسي ۾ فيصلو 18كامورن موجب

هك رفائنري كيو ويو آهي ته هر صوبو پنهنجي پنهنجي هك

ع ۾ 2000-01قائم كندو، هن ٻڌايو ته انرجي مكس جو

6ع ۾ وڌيك 2011- 12لک ٹن هو جيكو 45كروڙ 4استعمال

ويو، انهي عرصي ۾ گئس جو مجموعي لک ٹن ٿي 50كروڙ

سيكڑو، جڎهن ته تيل جو 50.5سيكڑو کان وڌي 41.7استعمال

كي ضرورت تي پهتو آهي، مل 30.7کان گهٹ ٿي 43.5استعمال

Page 15: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

85ملك مان پيدا ٿئي ٿو، جڎهن ته سيكڑو تيل 15جو رڳو

سيكڑو امپورٽ كيو وڃي ٿو، پاكستان جي كل امپورٽ

هن ٻڌايو ته ملكي .سيكڑو خرچ تيل جو هجي ٿو 40بل ۾

62سيكڑو كوئلو ملك مان جڎهن ته 38ضرورت ۾ ايندڙ

ي هن ٻڌايو ته كي پ .سيكڑو كوئلو امپورٽ كيو وڃي ٿو

يم سي ايف ايم ا 384بيرل تيل۽ 800هزار 36كي صوبي مان

بلوچستان ۾ امن امان كري .ڊي گئس پيداوار ٿئي ٿي

ايم ايم 741تيل ۽ بيرل 5.3بالڪ بند آهن، بلوچستان مان 16

10ڏنل الئسنس مان 25پنجاب ۾ .سي ايف ڊي گئس ملي ٿي

ايم ايم سي 183بيرل تيل ۽ 593هزار 13غير فعال آهن، اتان

ايف ڊي گئس ملي ٿي، هن چيو ته سڀني صوبن مان سنڌ سان

آهي، سنڌ وڌيك تيل ۽ گئس حاصل كرڻ ۾ كاميابي ٿي

سيكڑو ڏئي رهيو آهي، 69صوبو مجموعي گئس پيداوار جو

هنڌ 7ڏنل آهن، سنڌ ۾ رڳو ليزون 104الئسنس ۽ 51سنڌ ۾

يرل تيل جڎهن ب 912هزار 30غير فعال آهن، سنڌ مان روزانو

.ايم ايم سي ايف ڊي گئس ملي رهي آهي 2821ته

پاكستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ جا معدني وسيال تيل،

گئس ۽ كوئلو هتان جي ماڻهن جي ملكيت تسليم نه ٿي

قدرت اهي نعمتون جن ماڻهن کي عطا كيون . كئي وڃي

پاكستان ٺهڻ . آهن، انهن کان انهن کي محروم كيو ويو آهي

ل تائين سنڌ جي تيل، گئس، بجلي، بندرگاهه ۽ ٻين کان وٺي هي

ان . گذرسفر جي وسيلن تي هك مخصوص گروهه قابض آهي

قبضي ڇڎائڻ ال سنڌ جا ماڻهو هر دور ۾ پرامن ۽ جمهوري

انداز ۾ جدوجهد كندا آيا آهن، پر ان جو حكمران نوٹيس وٺڻ

Page 16: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

حكومت کڻي كنهن جي به هجي پر سنڌ جي . ال تيار ناهن

پاكستان ٺهڻ کان وٺي اهي . ن کي سک نصيب نٿو ٿئيماڻه

سورن ۾ زندگي گهاري رهيا آهن، دانهون كوكون كرڻ جي

سنڌ . باوجود انهن جي كيس جي شنوائي ئي نٿي كئي وڃي

مان نكرندڙ تيل ۽ گئس جا زخيرا به مال غنيمت سمجهي

انهن جو ڦل جيكو مكاني ماڻهن کي .استعمال كيا پيا وڃن

هو ملڻ ته ٺهيو پر جيكي قانوني طور تي ٺاهه ملڻ گهرجي، ا

وفاق جي ان . كيا ويا آهن انهن تي به عمل نه پيو كيو وڃي

روش سان محبتون وڌي نه ٿيون سگهن، پر نفرتن جون ڄڀيون

.سڀ كجهه ساڙي رک كري سگهن ٿيون

)ع2014نومبر 24: ڇپيل(

Page 17: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

وفاقي مالزمتن ۾ سنڌ جي كوٹا نظرانداز

وزير اعظم سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ

وفاقي سنڌ کي آبادي مطابق مطالبو كيو ته کي خط لکي

نوكرين ۾ حصو ڏنو وڃي ، آئين صوبن کي آبادي جي بنياد

جيكا بدقسمتي سان سنڌ تي وفاقي نوكرين ۾ كوٹا ڏئي ٿو

وفاقي كاموراشاهي ۾ سنڌ جي نمائندگي اٹي ۾ .کي نٿي ملي

هن خط ۾ چيو آهي ته اهل آفيسرن کي . ي برابر آهي لوڻ ج

سنڌ حكومت جي ذريعن . نوكرين ۾ انهن جو حق ڏنو وڃي

آفيسرن موجب وفاقي كاموراشاهي ۾ كجھه آفيسر سنڌ جي

جي ترقي ۾ ركاوٽ آهن كجھه مهينا اڳ فيڈرل پبلك

گريڈ 21گريڈ مان 20پروموشن بورڊ طرفان سروس كميشن

پر وزير اعظم طرفان . ي سفارش كئي وئي ۾ ترقيون ڏيڻ ج

ان .سنڌ جي آفيسرن کي ترقي کان نااهل قرار ڏنو ويو هو

۾ ويا ته کانپو وزير اعظم جي فيصلي خالف آفيسر عدالت

عدالت انهن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ، ان فيصلي خالف

حكومت وفاقي سركار اپيل ۾ ويل آهي جنهن جي كري

رن ئي مهينن کان آفيسرن كيس عدالت ۾ هجڻ سبب كيت

هن وقت صوبائي .جي ترقي جو معاملو اٹكيل آهي

نالي ماتر سنڌ جا سيكريٹرين ۽ چيف سيكريٹرين ۾ صرف

Page 18: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

گريڈ جي ترقين جو معاملو حل 21کان 20 آفيسر موجود آهي

ٿئي ته سنڌ جا آفيسر به ترقيون حاصل كندڙن ۾ شامل ٿي

.ويندا

ڳالهه جي شكايت سنڌ جا ماڻهو كافي وقت کان ان

كري رهيا آهن ته گذريل كجهه ڏهاكن کان وفاقي مالزمتن

وفاقي ادارن . ۾ سنڌ جي كوٹا تي عمل نه پيو كيو وڃي

سميت كارپوريشنن، ملٹي نيشنل كمپنين ۾ به سنڌي مالزم

پي آ اي، نيشنل . مقرر كرڻ کان به انكار كيو وڃي ٿو

۾ سفارتكارن جي شپنگ كارپوريشن، دفاع جا ادارا، پرڏيهه

مقرري ۾ سنڌي ماڻهو مكمل طور تي نظرانداز كي اپيا

۾ به مالزمتن ) سي ڊي اي(كيپيٹل ڊولپمينٹ اٿارٹي . وڃن

وڏن عهدن تي به هك سنڌي . ۾ ٻه اکيائي فقط سنڌين سان آهي

سي ڊي اي نيشنل باڊي آهي، هر صوبي جا ماڻهو كوٹا . ناهي

يئر توڙي جونئير موجب هئڻ گهرجن، پر سي ڊي اي ۾ سين

وفاقي سيكريٹرين ۾ به فقط . پوسٹ تي هك به سنڌي ناهي

.هك صوبو نظر اچي ٿو

ٻين صوبن مان لکين ماڻهو اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا، جن

سنڌ جو ڊوميسائيل ٺهرائي سنڌ ۽ وفاق جي مالزمتن ۾ سنڌ

وفاقي کاتن توڙي . جي كوٹا تي اچي قبضو كيو آهي

جي كوٹا تي ٻين صوبن جي خودمختيار كارپوريشنز ۾ سنڌ

ماڻهن کي مالزمتون ڏنيون ويون، جن ۾ سئي گئس، آئل اينڈ

گئس كارپوريشن، پي آ اي، پي آ ڊي سي ۽ بينكون شامل

ع جي آئين تحت وفاقي مالزمت ۾ سنڌ جي رکيل 1973.آهن

كوٹا کي هميشه نظرانداز كيو ويو، خاص طور آمريت جي

Page 19: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سمجهي وفاقي ۽ خودمختيار دور ۾ سنڌين کي جاهل ۽ نااهل

سنڌ سان ٿيل انهن . ادارن جي مالزمت کان محروم رکيو ويو

ناانصافين جو ذميوار سنڌ مان چونڈيل سينيٹ ۽ قومي

اسيمبلي جا نمائندا آهن، جن جي اكثريت صرف پنهنجا ذاتي

مفاد حاصل كندي رهي ۽ پنهنجا نوازيندي رهي، پر سنڌين

هن وقت . ورڻ ال تيار نه آهي جي مجموعي مفادن ال چپ چ

سنڌ ۾ آئل اينڈ گئس كارپوريشن ۾ جيكي سنڌ جا مالزم

كانٹريكٹ تي رکيل آهن، اهي گذريل هك سال کان احتجاج

كري رهيا آهن ته کين پكو كيو وڃي، كافي ڀيرا انهن

فيلڈس ۾ ڌرڻو هڻي پيداوار به بند كئي، پر حكومت طرفان

ئن ته آئل اينڈ گئس جي. كا توجهه نه پئي ڏني وڃي

كارپوريشن جو هيڈ كوارٹر اسالم آباد ۾ آهي، ان كري

اصولي طور . آفيسرن جي اكثريت جو تعلق به پنجاب سان آهي

تي جتي اهي آئل فيلڈس آهن، انهن عالئقن جي ماڻهن کي

مالزمتن تي رکيو وڃي، پر افسوس ته هنن فيلڈس ۾

الئقن مان آندا چوكيدار ۽ پٹيواال به پنجاب، سرحد ۽ ٻين ع

هن وقت سنڌ ۾ پ پ جي حكومت آهي، تنهنكري ان . وڃن ٿا

جو اخالقي فرض بڻجي ٿو ته، حكومت سنڌين سان روزگار

ان معاملي تي . جي معاملي ۾ ٿيندڙ زيادتين جو تدارڪ كري

وفاق کي هك خط لکڻ كافي ناهي، پر هر سطح تي احتجاج

عمل كرايو كري وفاقي مالزمتن ۾ سنڌ جي جائز كوٹا تي

.وڃي

)ع2014نومبر 26: ڇپيل(

Page 20: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

عوام جي نالي تي عوام دشمن سياست

عوام جي درد ۾ بي حال ٿيندڙ سياستدان عوام جي

حكمران به . نالي تي ڌرڻن ۽ جلسن جا منڈل مچايو ويٺا آهن

ساڳي ڳالهه كن ٿا ته هو ماڻهن جي مينڈيٹ تي حكومت ۾

كوششن ۾ رات ڏينهناچي عوام جي بهتري ۽ بهبود ال

مصروف آهن، پر هن ملك جا ويچارا ماڻهو اهو عوام ڳولهي

رهيا آهن، جن جي دک ۽ درد سياستدانن جون ننڍون ڦٹائي

ڇڎيون آهن ۽ هو هك ٻئي خالف فقط ئي فقط عوام جي

اهو عوام خبر ناهي كهڑي خوش . محبت ۾ برسرپيكار آهن

مران ۽ نصيب ملك جو آهي، جنهن جي ال اسان جا حك

سياستدان پنهنجي جان جي بازي لڳائڻ جي دعوى كندا رهيا

ڇاكاڻ ته پياري پاكستان جو عوام ته سندن ايجنڈا تي . آهن

مسكين ماڻهو ته هر دور ۾ عذاب ۾ مبتال . آهي ئي كونه

حكومت كنهن جي به هجي، كهڑي به منشور تحت . رهيا آهن

م جي عوام کان ووٽ ورتا ويا هجن، پر هن ملك جي عوا

هن وقت ملك منجهه وڌندڙ . صحت ۾ كابه بهتري نه آئي آهي

. مهانگائي عوام جو جيئڻ تان ارواح ئي کڻائي ڇڎيو آهي

مهانگائي عوام منجهه مايوسي پئدا كندي آهي ۽ جڎهن عوام

منجهه مايوسي انتها تي پهچندي آهي ته پو ان منجهان خونريز

Page 21: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

پنهنجن هٿن سان انقالب جنم وٺندا آهن، جيكي بيوس ماڻهو

پاڻ يا پنهنجن ٻچن کي جيئري مارڻ واري حد تي وڃي پهچندا

آهن، سي آخر ۾ كنهن ٻئي جي جان وٺڻ ۾ به دير نه كندا

شايد حكمرانن کي دنيا اندر آيل انقالبن جو تدارڪ . آهن

هن وقت پياري پاكستان جي معيشت تيزي سان تباهي . ناهي

زوال جي كري سڄو تيزي سان وڌندڙ معاشي. ٿي رهي آهي

بي روزگاري، بک ۽ بدحالي . نظام ڊانواڊول ٿي رهيو آهي

انساني رشتن ۾ . سبب ماڻهن ۾ ويڳاڻپ وڌي رهي آهي

ماڻهو شديد نفسياتي . اوپرائپ ان ئي بدحالي جو نتيجو آهي

.دٻا سبب پنهنجن زندگين جا ڏيئا اجهائي رهيا آهن

يد نه هن ملك جا غريب ماڻهو روزگار جي كا به ام

خاص كري وچولو طبقو . ڏسندي خودكشين تي مجبور آهن

وڏي آزار ۾ آهي ، جيكو نه ته هيٺين سطح تي وڃي سگهي

موجوده . ٿو ۽ نه وري مٿي وڃڻ ال کيس موقعا ميسر آهن

امير جيئن پو تيئن امير سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام ۾

. ويلن جي ماني ال به پريشان آهن 2ٿي رهيا آهن ۽ غريب

غريب طبقي ال تعليم، سٺي صحت جون سهولتون، آرام ۽

هو ته فقط ان اڻ تڻ ۾ آهن ته . آسائش ته خواب بڻجي ويا آهن

پنهنجي خاندان کي عزت . پنهنجو پاڻ کي كيئن زنده رکن

عوام ذلتن جي اونهي اوڙاهه ۾ . ينڀريو جياپو كيئن ڏيار

هن وقت ملك جي ڀرندڙ سماج ۾ . غرق ٿيندو پيو وڃي

كيئن ۽ كهڑي تبديلي آڻجي، ان ال نه ته كا سنجيده سياسي

قيادت موجود آهي ۽ نه وري كنهن پارٹي وٽ اهڑو پروگرام

اسان جي سياستدانن طرفان تبديلي جي ڳالهه ڄڻ ته ٺٺولي . آهي

Page 22: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

عظيم آدرشن ۽ جرئتمندي واري سوچ سان . بڻجي وئي آهي

سنجيده تبديلي جي كنهن به . نفرت جو اظهار كيو وڃي ٿو

خيال کي بدالئڻ واري سوچ ۽ ڳالهه کي قبول كرڻ بدران ان

سرمائيداري نظام ۽ ان جي ڀرجهلو . تي ٺٺولي كئي وڃي ٿي

بڻيل جاگيرداري ۽ قبيالئي سسٹم عوام کي مدي خارج رسمن

عوام وٽ هكڑي پنجوڙ مان . كري ڇڎيو آهيجي قيد ۾ بند

. نكري ٻئي كوڙكي ۾ ڦاسائڻ کانسوا كو به چارو ناهي

ساڳيا چهرا پارٹيون بدالئي، وفاداريون تبديل كري نون نعرن

هن ملك ۾ . سان عوام کي بي وقوف بڻائي رهيا آهن

جمهوريت ۽ اليكشن ذريعي تبديلي هك خواب بڻجي ويو

پوري دنيا جو مسئلو آهي، پر ٻين ڀلي جو مهانگائي . آهي

ملكن ۾ واپارين توڙي ٹرانسپورٹرن کي اهڑي ڇوٽ هرگز

هتي جا . ناهي هوندي، جهڑي هتي جي واپارين کي مليل آهي

واپاري هر پندرهين ڏينهن تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو بهانو

بڻائي شين جا اگهه وڌائيندا رهن ٿا پر قيمتن کي كنٹرول ۾

اهڑي ته اگهور ننڈ ستل آهن جو سندن سجاڳي كرڻ وارا ادارا

جو پري پري تائين امكان نظر نٿو اچي ۽ ائين نظر اچي رهيو

آهي ته سركار پاڻ به اهوئي چاهيندي هجي ته ڀل قيمتون

اسالم آباد جي ايوانن يا انهن کان باهر . وڌنديون ئي رهن

ان ال نالو ته عوام جو ورتو . جيكا جنگ وڙهي پئي وڃي

وڃي ٿو، پر اهو عوام شايد هن ملك جو نه پر كنهن ٻئي

.سياري جي مخلوق هجي

)ع2014نومبر 26: ڇپيل(

Page 23: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

چچريل الشن سان ملك جا بنياد مضبوط ٿيندا؟

بلوچستان بعد سنڌ ۾ به کنڀي گم كرڻ بعد قومي

. كاركنن جا چچريل الش ملڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي

اڻڄاتل ماڻهن پاران کنڀي گم كرڻ بعد كالهه حيدرآباد مان

باقراڻي ڀرسان هٿ جسمم اڳواڻ آصف پنهور جو چچريل الش

گذريل رات دير سان باقراڻي جي ڳوٺ شير محمد . آيو آهي

جتوئي ڀرسان هٿ آيل الش جي سڃاڻپ جسمم جي گم كيل

اطالع ملڻ تي پوليس . اڳواڻ آصف پنهور طور كئي وئي

جو الش چانڈكا اسپتال نيو پهچي مقتول قومپرست اڳواڻ

مقتول آصف پنهور . ويو، جتي سندس پوسٹ مارٹم كيو ويو

جو الش سندس ڀا راشد پنهور وصول كري گوالڙچي روانو

ڏينهن 100وارثن جو چوڻ آهي ته آصف پنهور کي . ٿي ويو

مقتول قومپرست . اڳ حيدرآباد مان کنڀي گم كيو ويو هو

ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ اڳواڻ آصف پنهور کي گوالڙچي

هوڏانهن قومپرست اڳواڻ آصف . مٹي ما حوالي كيو ويو

پنهور جي قتل خالف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا كري

.ڌرڻا هنيا ويا آهن

Page 24: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

آصف پنهور جي چچريل الش کان اڳ به كيئي سنڌي

پاكستان ۾ اهي گمشدگيون . نوجوانن جا الش ملندا رهيا آهن

نه رڳو پاكستان دنيا جي خطي تي واحد .اڄ جو قصو ناهن

ملك آهي، جتي ماڻهن کي جبري طور اغوا كري گم كرڻ

بعد سندن وارثن کي تحفي ۾ الش ملن ٿا، پر مختلف ملكن

۾ ماڻهن کي زوري گم كري ماري خون ٻوڙي ڇڎڻ وارو

صرف اهي ئي ملك نه، سڄي دنيا تي بادشاهي . عام آهي قصو

۾ به ائين ٿئي ٿو، جنهن تي به جا خواب ڏسندڙ آمريكا

۾ كيترائي ماڻهو گم كرڻ جو دهشتگردي خالف جنگ

سنڌ ۾ روزانو اها صورتحال بد کان بدتر ٿيندي . الزام آهي

حسن ناصر کان وٺي اڄ تائين سوين سياسي ۽ . پئي وڃي

قومي كاركنن جي گمشدگي ۽ چچريل الشن جي تاريخ رت

ئي چونڈيل حكومتون آيون انهي وچ ۾ كيتريون . هاڻي آهي

انهن سڀني کي انهن مضبوط گم كندڙ هٿن جي ويون پر

. هك لكير كڍي انهي جي ٻي ڀر بيهاري ڇڎيو آهي ڌڻين

سنڌ ۽ بلوچستان مان گم ٿيلن جو حساب كتاب كنهن وٽ به

ائين ناهي ته كنهن کي خبر كانهي، خبر سڀني کي آهي . ناهي

. وزيشن ۾ ناهي رهيوپر كير كجهه عملي طور كرڻ جي پ

وٽ كهڑيون درد كهاڻيون آهن، گم ٿيل ماڻهن جي وارثن

سپريم . كير انهن کي ٻڌڻ ۽ محسوس كرڻ جي ال تيار ناهي

كورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جا كيس به رولڑي جو شكار آهن،

ع کان تيزي سان هلندڙ كيسن ۾ نه گمشدگين بابت 2007

هن ادارن کي كنٹرول رياست جي پاليسي تبديل ٿي، نه وري ان

Page 25: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ٿي سگهيو، نه وري انهي تعداد ۾ گھٹتائي اچي سگهي،

.گمشدگين جو سلسلو جاري آهي

يا ماري شك جي بنياد تي ماڻهن کي کنڀي گم كرڻ

پاكستاني عدالتن ۾ گم . ڇڎڻ وارن کان كير پڇڻ وارو ناهي

ٿيل ماڻهن جا كيس هلندي به سال لنگهي ويا، پر سوين

يسن مان هك به كيس ۾ اختيارين اها رپورٽ هزارين اهڑن ك

ناهي ڏني ته کين انهن کڻي گم كيو، جن وٽ كو اختيار نه

سپريم كورٽ جبري . هو يا سندن اهو كم غير قانوني هو

گمشدگين جي حوالي سان اهو واضح كري چكي آهي ته وٹن

سوين شاهديون آهن ته ماڻهن کي گم كرڻ جي پويان اهي

ين كرڻ جو كنهن قسم جو كو اختيار ملوث آهن، جن وٽ ائ

جيكڎهن . ناهي، پو به عدالتون پاڻ کي بي وس سمجهن ٿيون

كير واقعي به ايترو ڏوهي آهي، غدار آهي، باغي آهي ته انهي

جي ال قانون ۾ سزا به موجود آهي، انهي تي كيس هالئڻ

بنا ثبوتن جي ماڻهن کي گم كرڻ، . کان ڇو ٿو لنوايو وڃي

سيلن ۾ واڙڻ، بعد ۾ سندن چچڇريل الش اڇلڻ سان نه ٹارچر

ته ملك جا بنياد مضبوط ٿيندا ۽ نه وري ماڻهن جي دلين ۾ كا

.محبت پئدا ٿيندي

)ع2014نومبر 28: ڇپيل(

Page 26: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ٿر كميشن ۽ انساني حياتيون بچائڻ جو سوال

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر جي صورتحال کي

. ركني جاچ كميشن قائم كري ڇڎي آهي 2نظر ۾ رکندي

غالم ) ر(ٻه ركني جاچ كميشن جو چيئرمين، جسٹس ان

ارجن ) ر(اينڈ سيشن جج سرور كورائي ۽ ميمبر ڊسٹركٹ

ٿر جي صورتحال تي قائم كيل . رام کي مقرر كيو ويو آهي

ڏينهن ۾ رپورٽ تيار كري 30اها ٻه ركني جاچ كميشن

ميشن ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ ك. وزيراعلي سنڌ کي پيش كندي

صورتحال جا سبب ۽ غفلت كندڙ ماڻهن ۽ ادارن جي

انكوائري كميشن ان ڳالهه جي به جاچ . نشاندهي كندي

كندي ته مقامي انتظاميه ٿر جي معاملي جي كهڑي طرح

جاچ كميشن ٿر جي صورتحال . نگراني كري رهي آهي

سميت اتان جي ماڻهن جي بهتري ال پنهنجون تجويزون به

پيش كندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڑي صورتحال کان بچي

.سگهجي

ٿر ۾ جيكو انساني الميو جنم وٺي چكو آهي، ان کي

روكڻ ال سنڌ حكومت جي كاركردگي كا تسلي بخش نه

هن وقت جڎهن وڏي وزير جاچ كميشن جوڙڻ جو . رهي آهي

اعالن كيو آهي ته اهو قدم بهتر پر تمام گهڻو دير سان کنيو

كميشن جي قيام بابت به حكومت كافي گوٿناٿ . آهيويو

کان كم ورتو، پر مخالف ڌر جي سخت تنقيد بعد اهو قدم

جيتوڻيك سنڌ اسمبلي ۾ ميمبرن جي تنقيد فقط . کنيو آهي

Page 27: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

پر . اها نه هئي ته كميشن جوڙڻ ۾ دير ڇو ٿي كئي وڃي

ايوان ۾ اها گهر به كئي وئي ته ٿر ۾ انساني حياتيون بچائڻ

تكڑا قدم کنيا وڃن، پر حكومت فقط هك كميشن کي ال

.ئي اهم سمجهيو

هك طرف سنڌ حكومت كميشنون جوڙڻ ۾ مصروف

آهي ته ٻئي طرف ٿر ۾ مور بدران موت جو رقص جاري آهي،

خوراڪ . كالهه به وڌيك هك ٻارڙي ۽ عورت فوت ٿي وئي

جي کوٽ، بيمارين ۽ عالج جون سهولتون نه ملڻ سبب ٻن

200ٻارڙن سميت فوتين جو انگ 89ن هك سئو مهينن دورا

ٻارن جو عالج 59سول اسپتال مٺي ۾ . کان وڌي ويو آهي

هلندڙ آهي، جڎهن ته ٹن ٻارن کي حيدرآباد منتقل كيو ويو

ٿر جا هزارين ماڻهو اڃا تائين حكومتي امداد جا منتظر . آهي

آهن، كروڙين روپيا امداد جي اعالنن باوجود ماڻهو بکن ۾

هه ٿي ويا، بک ۽ بيمارين وڌيك ٹن ٻارڙن کان زندگيون پا

سنڌ . کسي ورتيون، سوين ٻارڙا اسپتالن ۾ داخل كيا ويا آهن

حكومت پاران فوتي ٻارڙن جي وارثن ال اعالينل ڏوكڑ

كنهن هك متاثر کي به اڃان تائين نه مليا ۽ نه وري فوت ٿيل

ثر ٿر جي ڏكار متا. ٻارڙن جي لسٹ تيار كئي وئي آهي

كيترن ئي ڳوٺن ۾ امدادي سرگرميون شروع ئي ناهن ٿيون،

نالي ماتر امدادي ٹيمون توڙي ميڈيكل كئمپون به رڳو

شهرن تائين محدود آهن، ماڻهو کاڌ خوراڪ وٺڻ ال كيترائي

ڏورانهن عالئقن جا . ميل پنڌ كري شهرن ڏانهن اچي رهيا آهن

چار بڻيل ماڻهو ڀاڙو نه هئڻ كري شهرن ۾ پهچڻ کان به ال

. آهن، جنهن كري سندن ٻار بيمارين وگهي فوت ٿي رهيا آهن

Page 28: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

امداد جي وڏن وڏن اعالنن باوجود ٿر جي ڏكار متاثر عالئقن

۾ اڃا تائين صورتحال انتهائي خراب آهي، جتي مارو ماڻهو

کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ پيئڻ جو پاڻي نه هئڻ سبب بک ۽ اڃ

ئقن جي ماڻهن جي ڏكار متاثر عال. ۾ پاهه ٿي رهيا آهن

امدادي سامان نه ملڻ كري وڏي انگ ۾ لڎپالڻ جاري آهي،

حكومتي اعالنن . وڌيك كيترائي ڳوٺ خالي ٿي ويا آهن

باوجود ڏكار متاثرن کي اڃا تائين كڻك مكمل طور تي

ناهي ملي سگهي، سنڌ سركار ٿر واسين کي خوراڪ، صحت

هن آسرن ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم كري ڏيڻ وارين ٺل

كميشن جوڙڻ . کانسوا ٻيو كجهه به نه كري سگهي آهي

ڇاكاڻ ته اهو . کان اڳ ٻارن جون حياتيون بچائڻ اهم آهن

تعين بعد ۾ به ٿي سگهي ٿو ته ٿر ۾ هن صورتهال پويان

پر پهريان هنگامي . كنهن جي غفلت ۽ الپرواهي شامل آهي

.گهرجنبنيادن تي انساني حياتين کي بچائڻ ال قدم کڻڻ

)ع2014 ڊسمبر 8: ڇپيل(

Page 29: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ننڌڻكائي جي احساس ۾ مبتال ماڻهوچور ۽ ڌاڙيل گهرن . سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڑهيل آهي

سنڌ کي بدامني جي . جا گهر، ڳوٺن جا ڳوٺ اجاڙي رهيا آهن

ايئن ٿو محسوس ٿئي ته . باهه ۾ ساڙي ڀسم كري رهيا آهن

سندن مليل هجي ۽سنڌ ڄڻ ته ڌاڙيلن ۽ ڦورن کي مقاطعي تي

مقاطعي ختم ٿيڻ جا آخري سال رهجي ويل هجن، جو هو هن

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم . باغ جو هر گل ڇنڻ ال آتا هجن

علي شاهه صاحب جنهن وٽ سنڌ جي گهرو مامرن جي واڳ پڻ

آهي، تنهن کي شايد اها فرصت نه ٿي ملي جو هو هن طرف

شرف جي دور ۾ جيكا ڌيان ڏئي سگهي ته ٻيلي جنرل ضيا ۽ م

سنڌ ڌاڙيلن کي مقاطعي تي مليل هئي، سندن مقاطعي جو مدو

جيكڎهن جمهوري حكومت به سنڌ ٻيهر . پورو ٿي چكو آهي

مقاطعي تي ڏني آهي يا وري مقاطعي واري مدي ۾ واڌ كئي

.آهي ته پو حكمرانن تي كابه ميار نه ٿي ٺهي

سنڌ کي آمريت جي دور ۾ جيكي هچائون بڇايون

ويون هيون، انهن مان سنڌي ماڻهن جي جمهوريت اچڻ بعد جند

آجي ٿيڻ گهرجي ها، پر خبر ناهي ته ڇو کين جمهوريت جو به

سنڌ ۾ هك پاسي ڌارين جون ڏاڍايون آهن ته . ثمر نه ٿو ملي

ٻئي پاسي ڌاڙا، ڦرون، دشمنيون ۽ پنهنجن جا دوالب آهن، جن

اتر هجي . هن ٿيونسان زندگي جون رونقون تباهه ٿينديون ر

يا الڙ، ٿر هجي يا كاڇو، چوڏس تباهي ۽ بربادي جا اهڑا منظر

ٿر، جتي موت . آهن جو دنيا ڏسي ڏندين آڱريون ڏئي ٿي

نامهربان موسم جيئن ڏهاڙي كيترين ئي مائرن جون

جهوليون خالي كري معصوم گلڑن کي مرجهائي پاڻ سان وٺي

Page 30: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ جا حكمران ٿو وڃي ۽ مجموعي طور پوري سنڌ ۽

اوپرائپ ۽ بيحسي جو اهڑو مثال . بيحسي مان ڏسندا رهن ٿا

.سنڌ اندر اڳ كڎهن نه مليو

هن دردمندن جي ديس جا ماڻهو اڳ ته دنيا جهان ال ڏڍ

جنهن ڏيهه . ۽ آسرو هوندا هئا، اهي اڄ پاڻ بي آسرا ٿي ويا آهن

جا ماڻهو ٻين جو پيٹ ڀرڻ ۾ فخر محسوس كندا هئا، اڄ

ان . سندن ٻچا ماني ڳڀو نه ملڻ سبب تڑپي تڑپي مري رهيا آهن

ساڳي ڏيهه ۾ اڄ موت جو راكاس معصوم زندگيون ڳڑكائي

رهيو آهي پر ساڃاهه جا ساکي واري ۾ منهن لكايو، سڀ

اهڑي قسم جي بدحالي جيكڎهن . ٺيك هجڻ جو راڳ آالپين ٿا

اگهور كنهن ٻئي خطي ۾ ٿيندي هجي ها ته ڇا اتي حكمران

عوام به اونو ٿي پنهنجن جا جنازا کڄندو . ننڈ ۾ ستل هجن ها

جيكڎهن سنڌ جي قومي شعور پڇاڻي واري روايت . ڏسي ها

کي پاڻي ڏنو هجي ها ته اڄ سنڌي ماڻهن کي كنهن جي كارڊ

هجڻ جا طعنا نه ملن ها، نه ئي وري متبادل جي اڻهوند جو

ي التعلقي جو فائدو کڻندي موجوده سركار عوام کان اهڑ

ڇا ان کان به وڌ كا ٻي انتها ٿي سگهي ٿي . مظاهرو كري ها

جو سنڌ جا كيترائي عالئقا سج لهندي، نو گو ايرياز بڻجي

ايستائين جو كجهه . وڃن ٿا، اتي ڌاڙيلن کي ڇوٽ هجي ٿي

ڏينهن اڳ ڌاڙيلن جي احتجاج جون خبرون پڻ منظر عام تي

ف دانهيو هو ته کانئن هر آيون هيون، جن تر جي پوليس خال

مهيني سر جي قيمت هك لک روپيا وصول كئي وڃي ٿي؟

جنهن ديس ۾ ڌاڙيل به پوليس خالف مظاهرا كندا هجن، اتي

باقي خدا جي خلق جو ڇا حال هوندو، ان جو اندازو لڳائڻ

Page 31: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

جيكا پوليس ڏوهارين کان ڀتا اوڳاڙيندي .كجهه مشكل ناهي

سگهجي ٿي ته اها امن امان هجي، ان کان كهڑي اميد كري

پر افسوس ته انهي . بحال كرائڻ ۾ پنهنجو كردار ادا كندي

صورتحال جو كنهن به هيستائين مناسب نموني نوٹيس نه

ورتو آهي ۽ حالت هي آهي جو اغواكاري هاڻ باقاعده صنعتي

صورت اختيار كري وئي آهي، روزاني كيترائي ماڻهو اغوا

ان وٺي چوري ڌاڙا ۽ ڦرن جا التعداد واقعا اغوا ک. ٿيندا رهن ٿا

پر ستن سالن کان سنڌ اندر . روز جو معمول ٿيندا پيا وڃن

حكمراني كندڙ موجوده سركار جي كن تي كا جون

سنڌ ۾ کير ۽ ماکي جون نديون . سرندي نظر نه پئي اچي

وهائڻ ته ٺهيو، ماڻهن کي روزگار جا نوان موقعا پيدا كري

، صحت ۽ تعليم جون بنيادي سهوليتون مهيا ڏيڻ به گهوريو

كري ڏيڻ ته ٿيو خواب، پر جيكڎهن ماڻهن کي امن ۽ سكون

. جي زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو وڃي، تڎهن به هنن لک کٹيو

اهڑي عدم تحفظ واري ماحول ۾ ماڻهو نه ته پنهنجي

صالحيتن جو صحيح معني ۾ مظاهرو كري سگهندا آهن نه

. صوبي جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهندا آهنوري اهي پنهنجي

جيكڎهن سركار چاهي ٿي ته هتي جا ماڻهو پنهنجي صالحيتن

سان ملك جي ترقي ۾ هٿ ونڈائين ته کين فوري طور تي

صوبي ۾ امن جي صورتحال طرف ڌيان ڏيڻي پوندي ۽

ڏوهارين جي رحم كرم تي ڇڎيل عوام کي اهو احساس

.ناهن ڏيارڻو پوندو ته اهي ننڌڻكا

)ع2014ڊسمبر 5: ڇپيل(

Page 32: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ جي وجود بچائڻ ال لڳاتار جدوجهد جي

ضرورت

سنڌ ۾ چچريل الش ملڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ جو نان

لڳي ٿو ته كجهه قوتن سنڌ ۽ ان جي ڌڻين . ئي نه ٿو وٺي

سنڌ ۽ ان جو . خالف اڻ اعالنيه جنگ شروع كري ڇڎي آهي

ان ٻه واٹي تي ٹنگيل آهي،عوام جنهن وقت موت ۽ حياتي جي

وقت هتان جون سياسي پارٹيون عوام جي آجپي ال كا

سنجيده سياسي جدوجهد يا ان بابت رستو طئه كرڻ ۾ ناكام

سنڌ ۾ كنهن به هك مسئلي يا معاملي تي لڳاتار . ويون آهن

جدوجهد كري كي نتيجا حاصل كرڻ ۾ ناكامي سبب عوام

ان جي قيادت تان اعتماد جو ڏينهون ڏينهن سياسي پارٹيون ۽

اسان وٽ وڏو الميو اهو رهيو . ۽ ويساه ختم ٿيندو پيو وڃي

آهي، جو هر ننڍي وڏي پارٹي عوام جي بنيادي مسئلن بدران

هميشه وڏا نعرا هنيا آهن، وڏيون دعوائون كيون آهن، كنهن

به معاملي تي پنهنجي وت ۽ وس کان وڏي دعوي كرڻ ڄڻ ته

ڀلي كنهن پارٹي وٽ ٹانگي ۾ ويهڻ . هتي فيشن ٿي ويو آهي

جيترا كاركن ۽ حامي هجن پر چتا اهو ڏنو ويندو آهي ته

” ڌرتي ٹامون“اسان جو فالڻو مطالبو تسليم نه كيو ويو ته

بڻائي ڇڎينداسين، اصل زمين آسمان هك كري ڇڎينداسين،

پر اهو مسئلو جيئن جو تئين رهندو آهي يا وري سنڌ جون

كارنامو سرانجام ڏئي چكيون هونديون مخالف قوتون اهو

پر نه سنڌ جي ڌرتي ٹامون ٿيندي آهي نه وري بيانن ۽ . آهن

Page 33: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

نعرن جي اٿاريل دز كنهن وطن دشمن جو فقط منهن ئي ميرو

اٹلندو دشمن قوتن کي اسان جي سياسي . كري سگهندو آهي

.قيادت مذاق جو سامان مهيا كندي آهي

پارٹين جي وڏين اصل ۾ اسان جي سياسي

دعوائن ۽ نعرن بعد انهن جي پاسداري نه كرڻ يا پنهنجي

طاقت کان وڏي ڳالهه كرڻ واري رجحان، حكمرانن کي كو

مسئلو حل كرڻ تي مجبور ته نه كيو آهي، اٹلندو سنڌي قوم،

ان جون سياسي پارٹيون ۽ قيادت وطن دشمن حلقن ۾ کل ۽

پت وائکي كري اسان پنهنجي. مذاق جو سبب بڻجي وئي آهي

دشمن قوتن کي هر اهو عمل كرڻ جو ڄڻ تي اڻ سڌو

سرٹيفكيٹ ڏئي ڇڎيو آهي، جنهن سان هي قوم ۽ ان جو وطن

اڄ جڎهن حكمران . پنهنجي حيثيت ۽ اهميت وڃائي ويهي

كاالباغ ڊيم کان وٺي ٿل كئنال تائين پنهنجي موقف تي اڙيا

انهن جي وڏن منصوبن تي بيٺا آهن ۽ پاڻي جي ذخيرن بابت

مخالفت كندڙن کي کلم کال دڙكا ۽ ڌمكيون ڏيڻ تي لهي

آيا آهن، ان جو سبب اهو ئي آهي جو هو سمجهن ٿا ته جڎهن به

هنن انهن منصوبن تي كم شروع كيو ته، سنڌ جي سياسي

قيادت فقط بيانن تائين پنهنجو احتجاج ركارڊ كرائي خاموش

ڇاكاڻ ته .اڳ جيان کين اهي قدم ڦٻي ويندا. ٿي ويندي

ماضي ۾ به اهو ٿيو آهي، جو اسان جنهن منصوبي يا سنڌ

دشمن قدم جي مخالفت كئي آهي، حكمرانن ان تي وڏي ديده

دليري سان كم كيو آهي، پر عمل جي صورت ۾ سنڌ مان

كا به منظم جدوجهد يا مزاحمت سندن راهه جي رنڈڪ نه بڻي

.آهي

Page 34: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

يل الش اڇليا هن وقت جڎهن ڌرتي ڌڻين جا چچر

پيا وڃن، سنڌ جا معدني وسيال لٹيا پيا وڃن، ناڻي ورڇ مان

سنڌ کي جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي، مالزمتن ۾ سنڌ جي كوٹا

تي عمل نه ٿو ٿئي، ڌارين کي آڻي هتي آباد كيو پيو وڃي،

تكراري پاڻي منصوبن تي عمل ال سنجيدگي سان

حيثيت ختم منصوبابندي كئي پئي وڃي، سنڌ جي ٻولي جي

كئي پئي وڃي، ان وقت سنڌ جي سياسي قيادت ماضي وانگر

ڇڑوڇڑ احتجاجن، بک هڑتالن، مظاهرن ۽ بيانن تائين محدود

كنهن به هك معاملي تي لڳاتار جدوجهد جو كو پري . آهي

اهوئي سبب آهي جو سنڌ دشمن . تائين به ڏس پتو نه ٿو ملي

كو به . ني آهيقوتن سنڌ جي ان واويال کي اهميت ڏيڻ ڇڎي ڏ

اسان جا . اسان جي احتجاجن جو نوٹيس وٺڻ ال تيار نه آهي

ليڈر فقط اخبارن ۾ بيان ڏئي، پنهنجا فوٹو ڇپرائي پاڻ کي

سياسي قيادت ان . جيئرو رکڻ جا جتن كرڻ ۾ مصروف آهن

خوش فهمي ۾ مبتال آهي ته فقط بيانن جي حد تائين سنڌ جي

جڎهن ته اها سندن وڏي . ٿاعوام کي پاڻ سان گڎ رکي سگهون

. ڇاكاڻ ته عوام کانئن كوهين ڏور ٿيندو پيو وڃي. ڀل آهي

سنڌ کي بچائڻ، سنڌي نوجوانن جون حياتيون بچائڻ ۽ سنڌي

قوم جي نسل كشي روكرائڻ ال هك ٻه هڑتال يا مطاهرن

جيكي قوم کي . بدران لڳاتار جدوجهد جي ضرورت آهي

.كامرانين تائين پهچائي

)ع2014ڊسمبر 3: ڇپيل(

Page 35: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ جو درد كير محسوس كندو؟

. اڄ سنڌ جو عوام هٿياربند دشمنن جي گهيري ۾ آهي

کين ان گهيري مان سندن پرامن جمهوري جدوجهد صحيح

بندوق جي ٻولي . سالمت ٻاهر كڍڻ ۾ ناكام رهي آهي

اڄ سنڌي عوام کي تاريخ .ڳالهائيندڙ دليل ٻڌڻ ال تيار ناهن

جي ان موڙ تي آڻي بيهاريو ويو آهي، جتي گولي جو جواب

كالهه . گولي سان ڏيڻ کان سوا ٻيو كوبه چارو نه رهيو آهي

سنڌ جي ڌرتي کي ٻيهر پنهنجن كونڌرن جا الش تحفي ۾ ڏنا

. نوري آباد مان كالهه وڌيك ٻه چچريل الش مليا آهن. ويا آهن

ي ۽ واجد النگاهه جا چچريل الش هٿ اچڻ بعد سرويچ پيرزاد

اها . سنڌ ڌرتي ٻيهر نفرت جي باهه اوڳاڇڻ شروع كئي آهي

باهه انهن قوتن خالف ڀڑكا ڏئي ڀنڀٹ بڻجڻ طرف وڃي رهي

آهي، جيكي قوتون پاكستان جي وجود کان وٺي سنڌ جي

رستن تي ٻرندڙ باهه کي شايد . وجود جون انكاري رهيون آهن

هنجي رياستي طاقت سان كجهه ڏينهن اندر وسائڻ حكمران پن

پر سنڌي ما، ڀيڻ ۽ ڀا جي دل ۾ جيكا . ۾ كامياب وڃن

نفرت جي باهه اوتي وئي آهي، ان کي وسائڻ ال شايد

دلين ۾ محبت ۽ . حكمرانن وٽ اهو پاڻي ئي موجود نه هجي

. مٺاس پيدا كرڻ ال صدين جو سفر طئه كرڻو پوندو آهي

رت پکيڑڻ ال فقط هك ڄڀي ئي كافي هوندي جڎهن ته نف

Page 36: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

پر هتي ته پاكستان جي عمر جي حساب کان به وڌيك . آهي

.سنڌي عوام جي من کي جهير ڏنا ويا آهن

حكمران چون ٿا ته سنڌ سميت ٻين صوبن کي اهي

سڀ حق ۽ اختيار ڏنا ويندا، جن جو هتان جي قومن نه پر

قت اقرار كيو ع جي آئين و1973حكمرانن موجب صوبن سان

پر شايد حكمرانن جا اعالن ۽ اقرار حج تي ويندڙ ان . ويو هو

وياجي سيٺ وانگر آهن، جنهن موجب هو حج تي وڃي پنهنجا

جنهن بعد کيس وري نوان گناه . اڳيان سڀ ڏوهه بخشرائي ايندو

عوام کي اهو ضرور ٻڌائڻو پوندو . كرڻ ال پروانو ملي ويندو

، جيكي هك جيئري جاڳندي قوم ته اهي كهڑيون قوتون آهن

اهي كهڑا هٿ آهن، . جو وجود برداشت كرڻ ال تيار ناهن

جيكي سنڌ جي عوام کي ملك کان كوهين دور ڌكڻ جا

اهي كهڑيون طاقتون آهن جن کان هن . سانباها كري رهيا آهن

ملك جي قومن ۾ پنهنجائپ، پيار، هك ٻئي جو احترام ۽

ون كوششون برداشت نه ٿيون برابري وارا الڳاپا قائم ٿيڻ ج

جنرل مشرف جي آمريتي دور جي خاتمي بعد عوام منجهه . ٿين

اها اميد پيدا ٿي هئي ته مظلوم ماڻهن کي وڌيك الش نه ملندا،

ماضي ۾ . سندن حقن ۽ خودمختياري جو احترام كيو ويندو

ٿيل ناانصافين جا پيرا کڄندا، چور پكڑي عوامي عدالتن ۾

پر . رلٹ جو حساب وياج سميت واپس كرڻو پوندوڦ. آندا ويندا

.هتي ته قصو ئي الٹو ٿو نظر اچي

ملك جي مالكي جي دعوى كندڙ سياسي پارٹين کي

اقتدار جي حصي پتي واري ڄنڈا پٹ مان فرصت ئي نه ٿي

ته پو هو هك قوم جي ڌرتي تي لڳل باه جو سيك . ملي

Page 37: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ي جو نوحو رت ۾ ٻڎل ڌرت. كيئن محسوس كري سگهنديون

اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ملك جي . كير ٻڌي سگهندو

استحكام ۽ سالميت جو ڏينهن رات راڳ آالپيندڙن کي

جمهوريت جو ته اونو آهي، پر هك قوم جي وجود مٿان

منڌيئڑو ڦيرائڻ وارن هٿن جي كير به نشاندهي كرڻ ال تيار

وم ڏانهن ع ۾ به اسان جي حكمرانن جو هك ق1970. نه آهي

ان . اهو ئي رويو هو، جيكو اڄ سنڌين ڏانهن رکيو پيو وڃي

وقت به اهي اعالن كيا ويا هئا ته ملك ۾ سڀ خير آهي، ڀر

اڄ به سنڌ جي مسئلي . وارا ملك شيطان گيري کان نه ٿا مڑن

پويان سنڌي عوام سان ٿيل ناانصافين جو داستان ڳولڻ يا انهن

منجهائي، عوام جي اکين کي تسليم كرڻ بدران مسئلي کي

سنڌ عوام جي دلين . ۾ ڌوڙ وجهڻ جي كوشش كئي ٿي وڃي

۾ موجود درد جا سبب ڳولڻ ال ٻاهر نهارڻ بدران سرويچ، واجد

النگاهه، آصف پنهور ۽ ماجد جي ما کان معاملي جو نبيرو

پنهنجن پٹن جا الش . پڇيو وڃي ته سڀ سٹ سلجهي پوندا

ته ملك كيئن سالمت رهي کڻندڙ والدين کان پڇيو وڃي

جمهوريت ال پريشان سياستدان آخر سنڌي ما جي . سگهي ٿو

اعلى . ڳلن تي ڳڑندڙ ڳوڙهن تي ڇو نه ٿا سوچڻ ال مجبور ٿين

عهديدارن جي اختيارن ۾ هيٺ مٿانهين ال سر پكڑي سوچ ۾

ويٺل اقتداري دانشور هك ديس جي سيني مان وهندڙ رت ۽

اه جو سيك ڇو نه ٿا محسوس كري سندس وجود کي لڳل ب

ٻيلي سوڳ ۾ ورتل ڌرتي ڌڻين سان وڌيك ڀوڳ نه . سگهن

ٻيلي جمهوريت کان وڌيك مظلوم قومن جو وجود . كيو

برقرار رکڻ، سندن اندر ۾ اوتيل ٹانڈن تي پاڻي وجهڻ اهم

Page 38: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

حكمران توڙي مخالف ڌر ۾ ويٺل ايندڙ وقت جا اقتدار . آهي

ميت ۽ استحكام جا ڌڻي جيكڎهن واقعي ملك جي سال

حقيقي خيرخواه آهن ته پو هو ملك جي مظلوم قومن جي

كيس کي اوليت ڏئي، سندن وجود مٿان لٹكندڙ تلوار کي

هٹائين، ٻي صورت ۾ جنهن ميلي مچائڻ جو اهتمام كيو پيو

وڃي، ان ال پٹ ئي ميسر نه هوندو ته دوسو كٿي دهل

.وڄائيندو

)ع2014ڊسمبر 2: ڇپيل(

Page 39: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ ۾ انساني حقن جي پائمالي

سنڌ ۾ انساني حقن جي پائمالي جون مختلف ڀيانك

هك طرف نامعلوم قوتون هتان جي . شكليون موجود آهن

قومي كاركنن کي کنڀي گم كن ٿيون يا وري كجهه

ٻئي طرف . عرصي بعد سندن چچريل الش اڇليا پيا وڃن

. ڌاڙيل باقي ماڻهن جي نڑي تي ننهن ڏئي ويٺا آهن دهشتگرد ۽

سنڌ جو هر شهر ۽ ڳوٺ هٿياربند گروهن جي چنبي ۾ يرغمال

آهي، كٿي دهشتگرد ته كٿي وري ڌاڙيل بندوق کنيو ماڻهن

باقي رهيل كثر قبيالئي . جو ساهه مٺ ۾ كيو ويٺا آهن

سنڌ ۾ جتي قبائلي رتوڇاڻ . جهيڑن پوري كري ڇڎي آهي

هه انسان کي قرباني جو ٻكرو بڻايو پئي وڃي، هيٺ بي گنا

. اتي بدامني به سنڌ واسين جو جيئڻ عذاب كري ڇڎيو آهي

چوريون، ڦرون ڌاڙا، اغوائون معمول جو حصو بڻجي ويا آهن،

كيترائي ماڻهو ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، جڎهن ته روزانو جي

ن جو بنياد تي چار کان پنج ماڻهو اغوا پڻ ٿين ٿا، ۽ ٻين واردات

اسان جي حكومت کي هرطرف خير . ته كو كاٿو ئي كونهي

نظر اچي رهيو آهي، پ پ حكومت اڃا شايد هني مون ملهائي

سنڌ ۾ القانونيت جي كري گذريل كيتري ئي . رهي آهي

عرصي کان امن امان جي صورتحال بگڑيل رهي آهي ، چورين

ڦرن، اغوائن ۽ ڌاڙن کان ويندي ۽ قتل غارت جا اهڑا واقعا

روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن ۾ روزانو كيترائي بيگناهه

Page 40: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

انساني جانيون اجل جو شكار ٿي وينديون آهن، ۽ كيتريون

ئي چورين، ڦرن، ڌاڙن ۽ اغوائن جون وارداتون پيش اينديون

آهن، پر رياست جيكا عوام کي تحفظ ڏيڻ ال پنهنجو هر

ي نظر وسيلو استعمال كري سگهي ٿي، اها سنڌ ۾ ڄڻ ته كٿ

ئي نه ٿي اچي ان جو مثال سنڌ جي مٿين پيش كيل جهلك

.مان ملي وڃي ٿو

سنڌ ۾ جيكا انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي،

انهي جي روكٿام ال كڎهن به منظم نموني سنجيدگي کان

كم ناهي ورتو ويو، اهو ئي سبب آهي، جو هتي عام انساني

جانين جو ضايع ٿيڻ هك معمول بڻجي چكو آهي، سنڌ ۾

القانونيت جي كري حالتون ان حد تائين پهچي چكيون آهن

ئقي ۾ عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو جو هر عال

قائم كيل ادارا انهي آهي، جڎهن ته عوام جي تحفظ ال

حقيقت اها آهي ته عوام . سڄي صورتحال کان التعلق بڻيل آهن

کي تحفظ فراهم كرڻ ال هتي مختلف ادارا به قائم كيل آهن

ته قانون به جوڙيل آهن پر انهن ادارن جي غير ذميواري ۽

انون تي عمل نه ٿيڻ ۽ ان جي ڀڃكڑي جي كري امن امان ق

جي بگڑيل صورتحال تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، قانون

جي ڀڃكڑي هك اهڑو جرم آهي، جنهن ۾ ملوث ماڻهو کڻي

كهڑي به گروهه يا پارٹي سان الڳاپيل هجي يا کڻي كيترو به

و، سگهارو ڇو نه هجي پر قانون كنهن کي به معاف ناهي كند

ڇاكاڻ ته قانون خود هك رياست آهي ۽ اهو قانون ئي رياست

جي وڏي سڃاڻپ آهي، جڎهن ته ان رياستي نظام ۽ قانون کان

كوبه مٿانهون ناهي، ايستائين ڳالهه ٺيك آهي پر جڎهن ان

Page 41: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

قانون تي ئي عمل نه ٿي سگهي ته انصاف جي اميد كهڑي

ياستي بنياد تي كري سگهجي ٿي، جڎهن اها پوليس ۽ ٻيا ر

ادارا ان قانوني دائري کان ٻاهر رهي كم كندا هجن ته اهڑي

صورتحال ۾ انصاف جي اميد ايئن آهي، جيئن ٻٻرن کان ٻير

.گهرڻ

جيكڎهن موجوده حكومت عوام کي امن ۽ انصاف

مهيا كري نه سگهي ته ان سان سماج ۾ وڌيك اناركي

ر ٹوال پکڑبي، پو جيكو ڏاڍو سو گابو واري كار ٿيندي ۽ بااث

عوام کي پنهنجي قبضي ۾ كري وٺندا، هر ماڻهو پنهنجي

خيريت ان ۾ ئي سمجهندو ته يا ته هو هٿياربند بدمعاشن سان

سلهاڙجي ساڳي واٽ اختيار كري يا وري خاموشي سان ظلم

۽ ستم سهڻ کي ترجيح ڏئي، ان صورت ۾ حكومت جو وجود

جنهن . رياست جي رٽ باقي نه رهندي. بي معنى بڻجي ويندو

سان هي سماج جهنم جو ڏيک ڏيڻ شروع كندو، ان کان اڳ

جو حالتون آخري حدون به پار كري وڃن، حكومت سڄي سنڌ

۾ بدمعاشن جي رستا روڪ كري ۽ کين لغام ڏيڻ ال قانون

سنڌ جي ماڻهن کي امن ۽ سكون ڏيڻ سان . کي حركت ۾ آڻي

.ئي ترقي جون راهون کلي سگهن ٿيون

)ع2014 ڊسمبر 10: ڇپيل(

Page 42: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

چچريل الش ۽ سنڌ اسيمبلي جو ٺهرا

سنڌ اسيمبلي قومپرست كاركنن جا چچريل الش ملڻ

وارو واقعن خالف كالهه اتفاق را سان ٺهرا منظور كري

جنهن ۾ ڌرتي ڌڻين کي کنڀي گم كرڻ ۽ بعد ۾ . ورتو آهي

كميشن سندن الش اڇلڻ وارن واقعن جي جاچ ال عدالتي

پ پ ميمبر سكندر شوري . جوڙڻ جو مطالبو كيو ويو آهي

انساني حقن جي لتاڙ ۽ قومپرست كاركنن جا چچريل الش

ملڻ وارن واقعن خالف مذمتي ٺهرا پيش كيو، جيكو منظور

ان موقعي تي ايوان کي خطاب كندي سكندر . كيو ويو

ڃن، شوري چيو ته مائرن کان پٹ ۽ ڀينرن کان ڀائر کسيا پيا و

ان جا كهڑا سبب آهن؟ بلوچستان کانپو سنڌ ۾ به الش ملڻ

هن مطالبو كيو ته چچريل . وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي

الش ملڻ واري واقعي جي جاچ ال عدالتي كميشن جوڙي

سكندر شوري چيو ته چچريل الش ملڻ سنڌ خالف وڏي . وڃي

ي سازش آهي، پاكستان ۾ الڳيتو انساني حقن جي ڀڃكڑي ٿ

هن چيو ته آمرن جو اقتدار تي قبضو كرڻ به . رهي آهي

انساني حقن جي ڀڃكڑي آهي، كنهن تي الزام آهن ته ان کي

ڊپٹي اسپيكر شهال رضا چيو ته . عدالت ۾ پيش كيو وڃي

سنڌ ۾ چچريل الش ملڻ خالف سول سوسائٹي اسيمبلي آڏو

احتجاج كيو، جنهن دوران متاثر كٹنبن جوڊيشل كميشن

شهال رضا چيو ته چچريل الش ملڻ . مطالبو كيو جوڙڻ جو

Page 43: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

. افسوسناڪ آهي، حكومت واقعن جي جاچ ال قدم کڻي

فنكشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته سنڌ ۾ الش

نصرت سحر عباسي چيو ته . ملڻ جا واقعا انتهائي حساس آهن

حكومت ۽ اپوزيشن کي چچريل الش ملڻ واري معاملي تي

.نداگڎيل قدم کڻڻا پو

سنڌ اسمبلي ۾ چچريل الش ملڻ خالف هي ٺهرا

انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي منظور كيو

پر بدقسمتي سان سنڌ جي ماڻهن کي ته هن رياست ۾ . ويو آهي

انسان ئي نه ٿو سجهيو وڃي، کين انساني حق ڏيڻ وارو

سنڌ کي جنهن نموني كنڈائتو كيو . معاملو ته پو جو آهي

ن جي نتيجن کان شايد هن رياست جا واڳ ڌڻي پيو وڃي، ا

. واقف ناهن، يا وري هنن تاريخ مان سبق حاصل نه كيو آهي

جن قوتن اوڀر پاكستان ۾ الش كيرائي پاكستان کي بچائڻ

جي كوشش كئي هئي، انهن کي اتي ذلت جوڳي ناكامي

هاڻي وري ساڳيو باب سنڌ ۾ ورجايو پيو . نصيب ٿي هئي

ملك جي وحدت خالف كم نه كري ڇا اهي قوتون . وڃي

رهيون آهن؟ سنڌ جا ماڻهو اسالم آباد ۾ ويٺل حكمرانن کان

سوال كن ٿا ته کين ٻڌايو وڃي ته ملك جي سالميت خالف

سازشون سنڌ جي ڳڀرو نوجوان كري رهيا آهن يا اهي قوتون

ملك جون پاڙون پيون کوٹين جيكي سنڌ کي رت ۾

ع وارو 1971هي نه ته ٻيلي . وهنجارڻ جون خواهشمند آهن

زمانو آهي ۽ نه وري سنڌ بلوچستان آهي، جتي پهاڙن ۾ رت

هن دور ۾ . وهڻ جو سيك دنيا محسوس كري نه سگهندي

Page 44: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كنهن کي به طاقت جي زور تي ديڄاري ۽ ڌمكائي نه ٿو

.اڄ دنيا جهان جون اکيون کليل آهن. سگهجي

سنڌ اسيمبلي سوال كري ٿي ته آصف پنهور ۽ وحيد

، سرويچ پيرزادي ۽ واجد النگاهه جا الش كنهن ڏنا الشاري

آهن، كير آهي جيكو سنڌ جي ٻچن کي گهران ۽ رستن تان

کنڀي بعد ۾ تشدد كري گوليون هڻي ماري رستن تي اڇلي

ٿو؟ آخر سنڌ وارن جو قصور ڇا آهي؟ جيكڎهن كاركنن جي

قتلن وارو ۽ سنڌ کي چچريل الش ملڻ وارو اهو سلسلو جاري

جن کي ! ه پو حالتون ۽ معامال هٿن مان نكري ويندارهيو ت

كو به روكي نه سگهندو ۽ سنڌ ۾ به بلوچستان جهڑا منظر

سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي نسل كشي كئي . پيش اچڻ لڳندا

پئي وڃي، جنهن جي رستا روڪ جي ضرورت آهي ۽ ان ڏس

۾ رياست جيكڎهن گهربل كردار ادا نه كيو ته پو سڀاڻي

جو فيصلو ڏيندي ۽ تاريخ جو فيصلو انتهائي بي تاريخ پنهن

.رحم هوندو آهي

)ع2014ڊسمبر 11: ڇپيل(

Page 45: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كراچي ۾ دهشتگردي پٺيان پرڏيهين جو هٿ

تازو ملك جي ڳجهن ادارن رپورٽ ڏني آهي ته سنڌ

جي گادي واري شهر ۾ دهشتگردي ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾

عالئقن ۽ ملك جي مٿانهن حصن خاص كري قبائلي

ھاڻي جڎھن ملك . افغانستان مان آيل پناهگير ملوث آهن

كم كندڙ ڳجھا ادارا توڙي قانون نافذ كندڙ ادارن بہ اندر

اھڑيون رپورٹون ڏيندا رھيا آھن تہ ڏوھن ۾ گھڻي ڀاڳي اھي

سنڌ کان ٻاھران آيل ماڻھو ملوث آھن تہ اھڑين رپورٹن کي مد

نڌ حكومت غير قانوني نظر رکندي اها ڳالهه عجيب آهي ته س

. ترسيل ماڻهن خالف كوبه سنجيده قدم کڻڻ ال تيار ناهي

جنھن جو نتيجو ويجھي مستقبل ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ئي

ڀوڳڻو پوندو جئين پھرين ٿيل ڌارين آبادكارين جو ڀوڳي رھيا

آھيون۔ سنڌ تاريخي طور تي صوفين جي سرزمين رھي آھي ۽

ن آقائن جي خوشنودي حاصل رھندي پر حكمران طبقو پنھنج

كرڻ ال صوفين جي سرزمين کي انتھا پسندي جي اوڙاھ ۾

ڌكڻ ڄڻ سندن فرضن ۾ شامل ٿيندو ھجي۔ سنڌ جي ساڃاھ

وند ڌرين کي ھن سنجيدہ مسئلي تي كر کڻڻو پوندو نہ تہ

اسان جي ايندڙ نسل کي صوفي ازم جي خوشبو بہ سنگھڻ

زي جي ايوارڊ حاصل كرڻ ال كانہ ملندي۔ اسان کي مھمانوا

ال پنھنجا نسل تباھ ناھن كرائڻا۔ ڌارين آبادكارين جي كري

جيكو كجھ سنڌ ۽ سنڌ قوم ڀوڳيو آھي اھو كنھن کان

تاريخ جا ورق اھڑين انيك حقيقتن سان كارا . لكيل كونھي

Page 46: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ٿيل آھن پر انھي ساڳي تاريخ مان ڇا اسان اڃان بہ صرف اھو

ڌارين جو کليل دل سان آڌرڀا ئي پرائي سگھيا آھيون تہ

كيون يا پنھنجي ڌرتي، قوم ۽ روايتن جي پاسداري كيون۔

فيصلو ھتان جي سڃاڻ ڌرين کي كرڻو پوندو تہ اھي مستقبل

جي سنڌ کي صوفي شاھ عنايت، شاھ عبدالطيف ڀٹائي ۽ رھبر

سنڌ سائين جي ايم سيد واري سنڌ يا ھك انتھاپسند ۽ مذھبي

.ڻ چاھين ٿاڄار ۾ جكڑيل سنڌ ڏس

ڌاريا اڄ جي سنڌ جو ٻرندڙ مسئلو آهي، سنڌ جي

راڄڌاني كراچي ته افغانين، بهارين، برمين، بنگالين مطلب ته

ڀانت ڀانت جي كاٺي جو مركز بڻجي چكي آهي، غير

قانوني پرڏيهين جي لوڌ جي بنا كنهن رنڈ روڪ جي لوڌ جي

تبديل كري ڇڎي سنڌ آمد سنڌ جي راڄڌاني جي تصوير ئي

آهي، نه رڳو ايترو پر كراچي جيكا ورهين کان وٺي رت

ڳاڙيندي رهي آهي، تنهن ۾ به توهان جي ئي ماتحت كم

كندڙ ادارن جي رپورٽ موجب وڏو هٿ انهن پرڏيهين جو

آهي، ائين ٿو لڳي سنڌ، خاص كري ان جي راڄڌاني كراچي

نڈ بنا كنهن ر. ڄڻ ته عالمي يتيم خانو بڻجي چكي هجي

روڪ جي اهي ماڻهو سنڌ اچن كيئن ٿا ؟ آخركار انهن جي

رستا روڪ ۽ جيكي غير قانوني طور هن ڌرتي تي داخل ٿي

ال چكا آهن تن جي پنهنجي پنهنجي ملكن ڏانهن واپسي

كو جامع پالن ڇو نه ٿو ٺاهيو وڃي،ضرورت ان ڳالھ جي آھي

يكالي ڏني تہ سنڌ ۾ آباد ٿيل غير قانوني ماڻهن کي نه فقط ن

وڃي، پر ملك جي اترين عالئقن مان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ لوڌين

ڇاكاڻ ته سنڌ . کي به روكڻ ال قانون سازي كئي وڇي

Page 47: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

حكومت ۽ ان جي اسيمبلي کي سنڌي ماڻهن جي مفادن جو

نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ اسمبلي ۾ سڀاڻي . تحفظ كرڻو پوندو

ا موجود سنڌين بدران كنهن ٻي مخلوق جا چونڈيل نمائند

هوندا ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌي ميمبرن کي ڌكا ۽ ٿيلها

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خيبرپختونخواہ ۾ . نصيب ٿيندا

مختلف موقعن تي آپريش دوران پهتل پناهگيرن جي واپسي

افغانين کي سندن ملك موكلڻ ال . جو بندوبست كيو وڇي

ڌ جي تشخص ۽ ڇاكاڻ ته هي سن. وفاق تي زور بار آندو وڃي

جنهن کي سياسي حكمت عملين . قومي وحدت جو مسئلو آهي

خاص كري آئين ۾ هك صوبي کان . جي ور چڑهڻ نه ڏجي

ٻئي صوبي ۾ ٿيندڙ لڎپالڻ کي روكڻ ال مناسب ترميمون

.كيون وڃن

)ع2014ڊسمبر 12: ڇپيل(

Page 48: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌو ۾ پاڻي کوٽ سبب تباهيون

سنڌو درياهه جو پاڻي نه سنڌ جي مختلف عالئقن ۾

پهچڻ سبب اتي بيٺل پاڻي جا تال ۽ کوهه زهريال بڻجي رهيا

مال متاع ته ڇا پر ماڻهن کي هاڻي ته پيئڻ ال تازو پاڻي به . آهن

بيٺل زهريلو پاڻي پيئڻ سبب هزارين ماڻهو پيٹ . ميسر نه آهي

خاص كري چمڑي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا جي بيمارين ۽

ن ته كيترائي ٻار، عورتون، جوان ۽ ٻڍا گيسٹرو جڎه. آهن

پاڻي ال پساهه ڏيندڙ . سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن

ماڻهن جي كوبه واهر كرڻ ال تيار ناهي، کين كير به اهو

ٻڌائڻ ال تيار ناهي ته کين سنڌو جي پاڻي کان ان كري

محروم كيو ويو آهي، جو بدقسمتي سان هو سنڌ جهڑي

.ننڌڻكي ديس جا ڄاوا آهن

سنڌ جي ماڻهن سنڌو دريا ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ

تي ڳڻتي جو اظهار كندي مطالبو كيو آهي ته سنڌو دريا جو

آزاد، فطري ۽ ماحولياتي وهكرو بحال كري انڈس ڊيلٹا کي

تباهي کان بچائي سنڌو تي وڌيك كو به ڊيم ۽ بيراج نه ٺاهيو

سمنڈ جي مهڑ ۾ ايندڙ لکين بدين ۽ ٺٹي ضلعي ۾. وڃي

سوين ڳوٺ ۽ وسنديون . ايكڑ زمين سمنڈ ڳڑكائي چكو آهي

هزارين ماڻهو پنهنجا اباڻا . سمنڈ جي پيٹ ۾ هليون ويون آهن

پر سندن بحالي ال . پڈ ڇڎي دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿيا آهن

ڇاكاڻ جو . حكومتي سطح تي كوبه بندوبست نظر نه ٿو اچي

سوات جي خاص مخلوق ته نه آهن، جو هو كو وزيرستان يا

Page 49: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سندن ال حكومتي سطح تي خاص فنڈ قائم كيا وڃن، يا کين

آفت سٹيل قرار ڏئي سندن كنهن ٻئي هنڌ تي آبادكاري جو

بدين ۽ ٺٹي واسي ته پنهنجي ئي شهر . انتظام كيو وڃي

كراچي جي بولٹن ماركيٹ جا به رهواسي نه آهن، جو سندن

سندن ال . ان صدر جا در کڑكائي سگهيدانهن ۽ كوڪ ايو

هي ڀٹائي ۽ سچل جي ديس . اسالم آباد جا ايوان پريشان ٿين

جا سادا سودا ماڻهو پاڻ ۾ ئي پٹكو ۽ ماتم كرڻ تي اكتفا

.كري سگهن ٿا

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ كا قدرتي آفت ناهي،

پر سنڌ کي . جنهن کي رب جي رضا سمجهي صبر كجي

تباهه ۽ برباد كرڻ ال هك وڏي خوفناڪ سكائڻ،

پنجاب طرفان سنڌو . منصوبابندي سان كم كيو پيو وڃي

درياهه تي ڊيم اڏڻ سميت پنهنجي حصي کان وڌيك پاڻي زور

زبردستي کڻڻ سبب اڄ سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي ال به

پاكستان ٺهڻ کان پو سنڌو درياهه جي پاڻي . تڑپي رهيا آهن

پنجاب . لڳندڙ ڌاڙن جو كو انت ايندو نظر نه ٿو اچيتي

سنڌو طرفان پنهنجا ٹي درياهه ڀارت کي وكرو كرڻ کان پو

سنڌ جا حكمران . تي قبضي وارو باب بند ٿيندو نظر نه ٿو اچي

پاڻي واري مامري تي پنجاب جي ارهه زورائي آڏو بند ٻڌڻ ۾

تي سڀ معاهدا يا ڇاكاڻ ته پاڻي . ناكام نظر اچي رهيا آهن

ڇاكاڻ ته هو هن ملك . ٺاهه پنجاب آڏو كا به حيثيت نه ٿا رکڻ

هو آقا آهي ۽ ٻيا سندس غالم . جي اڇي كاري جو مالك آهي

آهن، ان كري غالم ته معاهدن جا پابند هوندا آهن پر ڏاڍي جي

اڳيان سڀ معاهدا ۽ قانون كوريئڑي جي ڄار وانگر كمزور

Page 50: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ع واري لولي لنگڑي ٺاهه تي به 1991ري پاڻي وا. ثابت ٿيندا آهن

پنجاب عمل كرڻ ال تيار ناهي، جڎهن ته ان ٺاهه تي سنڌ جي

ماڻهن جا سخت اعتراض آهن، سنڌ جا ماڻهو پنجاب کان پاڻي

پر پنجاب . ع واري ٺاهه تي عمل جا گهرجائو آهن 1945جي

ه ان ٺاه. ع واري پاڻي ٺاهه تي به عمل كرڻ ال تيار ناهي1991

۾ چشما جهلم لنك كينال ٺاهڻ جو كٿي به ذكر موجود

ناهي، ان باوجود چشما لنك كينال نه فقط زبردستي جوڙيو

ئي مهينا وهايو 12ويو پر ان کي ٻوڏ جي مند بدران زبردستي

ڀارت سان پاڻي معاملي تي گڎجاڻيون كندڙ . پيو وڃي

حكمران آخر پنهنجي ئي ملك جي ماڻهن سان ساڳي معاملي

هك طرف ڀارت طرفان سنڌو . ٻٹو معيار ڇو رکيو ويٺا آهن تي

درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي ان بنياد تي مخالفت كئي پئي وڃي ته

ان سان پاكستان پاڻي کان محروم ٿي ويندو ته ٻئي طرف

ساڳيو موقف رکڻ تي سنڌ کي ملك دشمني جا طعنا ۽ مهڻا

خاطر هن ڇا پنجاب جا حكمران پنهنجن مفادن. ڏنا پيا وڃن

.ملك جا بنياد به اکوڙڻ چاهين ٿا

)ع2014ڊسمبر 13: ڇپيل(

Page 51: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

انصاف جي هر فورم تان مايوس ٿيل سنڌي

ماڻهو

ٿر مان اعلي تعليم ال مهراڻ يونيورسٹي موكليل

نوجوان كمليش مينگھواڙ اڃا سوڌو بازياب ٿي نه سگهيو

آهي، هو کيس كنهن گم كيو آهي، سندن مطالبو ڇا . آهي

نوجوانن کي زبردستي کنڀي گم كهڑي مقصد خاطر سنڌ جي

لڳي . كن ٿا، اهي ارادا به اڃا لوڪ سامهون اچي نه سگهيا آهن

ٿو ته سنڌي ماڻهن ۾ اڻ ڄاتل خوف پئدا كرڻ ال سندن پٹن

سنڌ حكومت . كوبه داد فرياد نه پيو ٿئي. کي کنڀيو پيو وڃي

نوٹيس ورتا ٿا وڃن، خط . فقط ٺلها بيان ڏيڻ تائين محدود آهي

ماڻهن کي انڌي تسلي ڏئي ريجهائڻ جي . لکيا پيا وڃن

پر اڻ ڏٺيون قوتون پنهنجي كرت ۾ . كوشش كئي ٿي وڃي

بلوچستان ۾ چچريل . کين كير به روكڻ وارو ناهي. لڳل آهن

الشن ملڻ تي پنهنجي حكومتي دور ۾ بلوچ عوام کان

اڳوڻا حاكم سنڌ جي معافيون وٺندڙ سنڌ جا ناميارا اڳواڻ ۽

ٺلهو مذمتي بيان به ڏيڻ کي . ساڳي مسئلي تي چپ آهن

پر کين اهو نه وسارڻ گهرجي ته . پنهنجي شان خالف سمجهن ٿا

کين سنڌ جي عوام ئي حكمراني جو اڳ به تاج پارايو هو ۽

. هاڻي به سنڌ سطح تي کين تخت ۽ تاج جو مالك كيو آهي

Page 52: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

فظ سندن اندر ۾ وڍ نه شايد نوجوان كمليش جي امڑ جا اهي ل

ٿا وجهن ته جيكڎهن كمليش كا غلطي كئي آهي يا نه پر

ان کان وڌيك . کيس اڻ كيل غلطين جي به معافي ملڻ گهرجي

كهڑي بي وسي هوندي آهي، جنهن جو سنڌ جون مائرون

.اظهار كن

سنڌ ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿيڻ جو نان ئي

جا وارث عدالتن جا در هك طرف گم ٿيل ماڻهن . نه ٿو وٺي

کڑكائي رهيا آهن ته ٻئي طرف شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾

پر گم ٿيل ماڻهو بازياب ٿيڻ . احتجاجي مظاهرا كيا پيا وڃن

. بدران وڌيك ماڻهو اغوا يا گرفتار كري گم كيا پيا وڃن

سپريم كورٽ هن معاملي تي بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن

ڇكايو، پر سنڌ جا بابت ته روز كيس هالئي كجهه ڌيان

جڎهن ته خود . ماڻهو انصاف جي ان فورم کان به محروم آهن

گم ٿيل ماڻهن بابت عدالتي كميشن موجب سڄي ملك ۾

پر ان طرف . سڀ کان وڌيك سنڌ جا ماڻهو گم كيا ويا آهن

جنهن كري سنڌ ۾ جي عوام . حكمران ڌيان ڌرڻ ال تيار ناهن

ماڻهن منجهه اهو سنڌ جي . منجهه ناراضگي وڌي رهي آهي

خيال پختو ٿيندو پيو وڃي ته شايد کين هن ملك جو شهري نه

سنڌ جي ماڻهن سان مفتوحن وارو سلوڪ . ٿو سمجهيو وڃي

ڇاكاڻ ته ساڻن ٿيندڙ ناحق جو كٿي به فرياد نه . كيو پيو وڃي

خود . کين سڀني فورمن تان مايوس كيو ويو آهي. ٿو ٿئي

ين منجهه ناراضگي ۽ اعلى عدليه بابت به ماڻهن جي دل

شكايتون موجود آهن، ڇاكاڻ ته عدليه ملك جي ٻين حصن ۾

ٿيندڙ انساني حقن جي خالف ورزين جو ته هكدم پاڻ مرادو

Page 53: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

نوٹيس وٺي ٿي پر سنڌ ۾ ٿيل كيسن تي كوبه پاڻمرادو

كراچي ۾ ماريل بي گناهه سنڌين جي . نوٹيس نه ٿو ورتو وڃي

مظفر ڀٹو . نه ورتو ويوقاتلن جي گرفتاري ال كوبه تحرڪ

جي شهادت ۾ ملوث جوابدارن خالف كابه كارروائي نه كئي

سندن ڀا ۽ . شهيد بشير قريشي جو خون لوڙهيو ويو. ويئي

ايئن سنڌي ماڻهن . هك كاركنن جو موت به آيو ويو ٿي ويو

اٹلندو سنڌ مان وڌيك سياسي كاركن . جا كيس لوڙهيا ويا

كراچي ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌ تازو. گرفتار كري گم كيا ويا

.كونڌر كٺا ويا، پر كوبه داد فرياد نه ٿيو 7جا

سنڌ جي حكومت توڙي وفاقي حكومت سنڌ جي

ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ ال هيل تائين كهڑا قدم کنيا آهن،

سنڌ حكومت سنڌي ماڻهن . اهي به سڀني کي ساريا پيا آهن

جڎهن . ناهيسان زيادتين خالف ٻڑڪ به ٻاهر كڍڻ ال تيار

حكومت جون قانون الڳو كندڙ ايجنسيون دهشتگردن ۽

قانون ٹوڙيندڙن بدران پرامن شهرين کي نشانو بڻائينديون ته

اٹلندو عوام حكومت ۽ . ان سان كو سٺو تاثر قائم نه ٿيندو

جيكا ڳالهه . ان جي ايجنسين سان تعاون كرڻ ڇڎي ڏيندو

ن کان اڳ جو سنڌ ا. اڳتي هلي انتهائي هاڃيكار نتيجا ڏيندي

جا ماڻهو به بلوچستان جي عوام وانگر انتها تي پهچن، سنڌ ۾

بي گناهه ماڻهن کي اغوا كري گم كرڻ وارو سلسلو بند

ان عمل ۾ . گم ٿيل ماڻهو بازياب كرايا وڃن. كيو وڃي

.ملوث ڌرين کي قانون جي كٹهڑي ۾ آندو وڃي

)ع2014ڊسمبر 13: ڇپيل(

Page 54: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ك هٹي ۽ پريشان آبادگارشگر ملز مالكن جي ه

كمند جا آبادگار كمند جو بهتر اگهه نه ملڻ سبب

هزارين ٹراليون شگر ملن آڏو بيٺيون آهن، پر . پريشان آهن

شگر ملز مالك .كارخاندار كمند خريد كرڻ ال تيار ناهن

روپيا ڏيڻ کان 182حكومت طرفان كمند جو مقرر كيل اگهه

كمند جو بحران شدت اختيار ان سبب . انكار كري رهيا آهن

جنهن سبب هك طرف آبادگار پريشان آهن ته . كري ويو آهي

ٺٹو ۽ سجاول . ٻئي طرف شگر ملز پيڑائي شروع نه كئي آهي

ملون بند پيل آهن، 3شگر ملن مان اڃا تائين 4ضلعن جي

جي پيڑاهي شروع كئي آهي صرف هك الڙ شگر مل كمند

رپيه ڏيڻ 182جو اگهه پر حكومت طرفان مقرر كيل كمند

ملز . رپيه في مڻ كمند خريد كرڻ شروع كيو آهي 155 بدران

مالكن اهو موقف اختيار كيو آهي ته اسان کي وڌيل اگهه جو

ٻي طرف باقي ٹن شگرملز طرفان . نوٹيفكيشن نه مليو آهي

9كمند جي پيڑاهي شروع نه كرڻ سبب ٻنهي ضلعن جي

هڑي جو شكار ٿي لک ايكڑ تيار كمند سوك 3تعلقن ۾

لک ايكڑ زمين خالي نه ٿيڻ سبب 3رهيو آهي، جڎهن ته

ساڳي صورتحال خيرپور . كڻك پوکائي به نه ٿي سگهي آهي

جتي شگر ملن حكومت طرفان مقرر كيل . ضلعي ۾ به آهي

Page 55: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

روپيه في مڻ آبادگارن کي ڏيڻ کان انكار 182كمند جو اگهه

يه في مڻ وٺڻ روپ 155كري ڇڎيو ۽ شگر مل تي ايندڙ كمند

جنهن خالف خيرپور ضلعي جي آبادگارن ڊي سي . لڳا آهن

هائوس تي ڊي سي خيرپور منور علي مٺياڻي سان ايم پي اي

آبادگار اڳواڻ محمود کهڑو ، چوڌري فقير نعيم احمد کرل ۽

حسين ، لعل بخش سيال جي اڳواڻي ۾ مالقات كئي ۽ ڊي

گر ملون سي خيرپور کي ٻڌايو ته خيرپور ضلعي جون ش

آبادگارن سان نا انصافي كندي حكومت پاران مقرر كيل

جڎهن ته ڊي سي خيرپور شگر مل مالكن . اگهه نه ٿو ڏنو وڃي

سان فون تي رابطو كيو ته خيرپور شگر مل ۽ راڻيپور شگر

مل انتظاميا ڊي سي خيرپور کي ٻڌايو ته آبادگار غلط بياني

هه مقرر نه كيو حكومت كو به كمند جو اگ. كري رهيا آهن

جنهن بعد ڊي . آهي نه وري اهڑو كو نوٹيفكيشن جاري كيو

سي خيرپور بيوس ٿي خاموش ٿي ويو ۽ آبادگارن کي چيو ته

اوهان نوٹيفكيشن جي كاپي ڏيکاريو پو شگر مل مالكن

.سان ڳالهائينديس

آبادگارن موجب حكومت كمند جو نئون اگهه مقرر

كري نوٹيفكيشن كڍيو آهي پو به كمند جو مقرر اگهه نه

في مڻ تي 155ٿو ڏنو وڃي ۽ مل مالك پنهنجو ڏاڍ ڏيکاريندي

آبادگارن چتا ڏنو آهي ته . كمند خريد كري رهيا آهن

نه ڏنو ۽ گذريل 182جيكڎهن شگر مل مالكن كمند جو اگهه

ڊسمبر 15ن ۾ ڏنل كمند جي رقم جي ادائگي نه كئي ته سيز

ٻئي طرف ٹنڈو محمد . تي آبادگار قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻندا

خان ۾ بااثر ڌر جي شوگر مل جي انتظاميه پاران سنڌ آبادگار

Page 56: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

شوگر ملز سميت مختلف شوگر ملن جون زوري سيكٹر

آفيسون بند كرائي سوين مالزمن کي بيروزگاري كرڻ واري

عمل خالف ترقي پسند پارٹي پاران تحريك جو اعالن كيو

.ويو آهي

سيكڑو طبقي جو گذر 70سنڌ جي غريب ۽ هيٺين

سفر ٻني ٻاري تي آهي پر افسوس جو موجوده كجهه ملز

مالك هك هٹي قائم كري سنڌ جي معيشت کي تباهه كرڻ

جنهن كري هزارين ماڻهو بي روزگار ٿيا . جو طئي كيو آهي

كالكن اندر 24گارن اعالن كيو آهي ته جيكڎهن آباد. آهن

ملز جي حوالي سان سمورا مسئال حل نه كيا ويا ته انتهائي

سخت قدم کنيا ويندا ۽ پهرين مرحلي ۾ اڄ سومر جي ڏينهن

ڊسمبر تي ڊي سي آفيس آڏو احتجاج كري ايندڙ الئحه عمل 15

هر سال آبادگارن ۽ مل مالكن وچ ۾ . جو اعالن كنداسين

ند جي اگهه تان ڇكتاڻ ٿيندي آهي آبادگارن جي مرضي كم

هوندي آهي ته کين اهو اگهه ملي جيكو سنڌ سركار مقرر

كري ٿي جڎهن ته مل مالكن جي خواهش هوندي آهي ته

سركار آبادگارن جو ته خيال رکي ٿي پر مل مالكن جي

مرضي کانسوا کنڈ جو اگهه مقرر كيو وڃي ٿو جيكو کين

هن ڀيري به آبادگارن ۽ مل مالكن وچ ۾ هلندڙ . قبول ناهي

. تكرار جي نتيجي ۾ شگرملون شروع نه ٿي سگهيون آهن

آبادگارن جون كمند سان ڀريل ٹريكٹر ٹراليون ۽ ٹركون

هزارين مڻ كمند کڻي سنڌ جي مختلف شگرملن آڏو گڎ ٿي

چكيون آهن پر اڃا تائين فيصلو نه ٿيڻ كري آبادگارن کي

اسان حكومت کي صالح . رهي آهيسخت نقصان پهچي

Page 57: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ڏينداسين ته اها آبادگارن جي حقن جو تحفظ كندي شگرملن

سنڌ جي . جي مالكن جي ناجائز مطالبن آڏو گوڏا نه کوڙي

.معيشت کي رسندڙ نقصان جو هكدم ازالو كيو وڃي

)ع2014ڊسمبر 14: ڇپيل(

Page 58: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

نئين ۽ باوقار قيادت کي وانجهيل سنڌ

سنڌ سميت سڄي ملك ۾ كرپشن، پنهنجا نوازي ۽

خاص كري . اهليت جي لتاڙ پنهنجا پير پختا كري چكي آهي

سنڌ ۾ اهليت جي جنهن نموني مٹي پليت كئي پئي وڃي، ان

آپيشاهي، .هن سماج جون پاڙون کوکليون كري ڇڎيون آهن

كرپشن ۽ ناانصافي تي ڀاڙيندڙ پاكستاني حكمرانن

قائداعظم کان وٺي جنهن حكومتي طريقئه كار کي چونڈيو،

تنهن انگريزن جي هك سؤ سالن جي محنت سان قائم كيل

بهرحال پاكستاني . سڄي سسٹم جي ڀڃ ڊاهه شروع كئي

حاكمن طرفان کنيل تمام تر غير قانوني ۽ غير آئيني قدمن

وجود انگريز دور ۾ قائم كيل ادارا تقريبن ويهارو سال پو با

به پنهنجي مضبوط جوڙجك ذريعي منفي ۽ عوام دشمن

هٿكنڈن آڏو كنهن نه كنهن روپ ۾ مزاحمت فراهم كندا

پر جڎهن حاكم طبقن كن خاص قومن، گروهن ۽ ادارن . رهيا

جي باالدستي کي ملك مٿان مڑهي ڇڎيو ته انصاف، احتساب،

عدي ۽ سرشتي جي جا تي آهستي آهستي ڏاڍ، ڦرلٹ، قا

نتيجي ۾ ڏنڈا . القانونيت ۽ افراتفري جا عنصر سگھارا ٿي ويا

هن وقت اسان بدبودار . راڄ هن ملك جو مقدر بڻجي ويو

سماج جو ڳريل ۽ ڌپ كري ويل الش پنهنجي كلهن تي کڻي

Page 59: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

هن ملك جي تعمير ۽ ترقي جا سکڻا ۽ كوڙا نعرا هڻي رهيا

.ونآهي

ملك جي رعايت يافته حاكم طبقن جاگيردار، گادي

نشين پير ۽ كاموري ذريعي ملك ۾ مراعات يافتا هك اهڑو

طبقو سگھارو كيو آهي، جنهن حكومتي اشارن تي نه رڳو

عوامي خواهش کي ضابطي هيٺ رکيو، پر گڎوگڎ نمائندگي ۽

اهڑي طرح . ليڈرشپ وارو كردار به پاڻ وٽ رکي ڇڎيو آهي

دار ۽ كاموري جي ناپاڪ اتحاد سان سڄي ملك ۾ هك جاگير

اهڑو حلقو پيدا ٿيندو رهيو آهي، جنهن جو مقصد فقط اهو ئي

هو ته جائز يا ناجائز طريقي سان پيسو ۽ پاور هٿ كجي ۽ پو

انهن ٻنهي هٿيارن جي سگھه تي عوام مٿان مسلسل

ڦورو طبقن جو ايجاد كيل اهو . حكمراني كندو رهجي

. ر حوالي سان سڄي ملك ۾ كاميابي ماڻيندو رهيوفارمولو ه

حكومتي سرشتو ڏنڈا راڄ وارو هجي، جمهوري هجي يا

. عبوري، مذكوره ڦورو طبقن جي هر دور ۾ چاندي رهي آهي

پارليامينٹ ۽ انتظاميا ان طبقي جي هٿ ۾ هئڻ كري هو وڏي

جنهن جي نتيجي ۾ قانون . حد تائين عدليا تي به غالب رهيو

تي عمل كرائڻ ۽ تكراري فيصلي کي پنهنجي حق ٺاهڻ، ان

.۾ كرائڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل بڻجي ويو

بدقسمتي سان سنڌي سماج جي نئين دور ۾ نمائندگي

كندڙ طبقن جي كاركردگي ۽ كردار به سواليه نشان هيٺ

خاص طور گذريل صدي جي ستر واري ڏهاكي . اچي ويا آهن

عام تان هٹندي وئي، تيئن تائين جيئن ئي سينيئر قيادت منظر

وڏيرن، كاپي كلچر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل كامورن، پيٹ

Page 60: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

پرست اديبن، ليکكن ۽ جذباتي شاگرد ليڈرن جي صورت ۾

جيكا كم فهم، كرپٹ، حاسد ۽ جاهل قيادت سنڌ کي نصيب

ٿي، تنهن جي كرتوتن ٹيهن سالن ۾ سنڌ کي انهي حالت تي

جديد رخن ۾ پيشقدمي ته پهچايو آهي، جو هينئر زندگي جي

ٿي بعد جي ڳالهه، روايتي انداز سان واجبي ترقي ماڻڻ وارو

بلكه هن خطي ۾ امكاني جاگرافيائي ۽ . عمل به نظر نٿو اچي

سياسي تبديلين دوران جيكڎهن سنڌ پنهنجو سالم وجود

اڄ جيكا . برقرار رکڻ ۾ كامياب ٿئي ته به وڏي ڳالهه ٿيندي

ن جي منتظر سياسي قيادت، كرپشن سگھارين ڌرين جي اشار

کي عبادت سمجھندڙ كامورا شاهي، غداري ۽ ابن الوقتي جو

ماڊل وڏيراشاهي، تعليم جو ٻيڑو تباهه كندڙ ماستر شاهي،

ذهن ۽ ضمير وكڻندڙ ليکك لڎو اوهان جي اڳيان اڳيان هلي

ٿو ۽ كاروكاري، قبيالئي دهشتگردي، جھالت ۽ ترقي کان

ي جيكا اسان جي سڃاڻپ آهي، سا سنئون وانجھيل سنڌ وار

” شاندار كارنامن“سڌو نتيجو آهي پاڻ کي مليل ان قيادت جي

جو، جيكا قيادت اسان جي سماج کي اڄوكي بدتر صورتحال

اها صورتحال وڌيك شدت سان انهي كري . ۾ وٺي آئي آهي

محسوس ٿيڻ لڳي آهي جو سنڌ ڏينهون ڏينهن وڌيك بحرانن

.ي وڃيجي ور چڑهندي پئ

)ع2014ڊسمبر 16: ڇپيل(

Page 61: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

عوام جو دهشتگردن خالف مزاحمتي مورچو

پشاور ۾ سفاڪ ۽ رهزن ٹولن طرفان معصوم ٻارڙن

کي شهيد كرڻ واري سانحي سڄي ملك جي عوام سميت

ملك جو عوام بنا . سياستدانن کي متحد كري ڇڎيو آهي

كنهن رنگ، نسل، مذهب ۽ فرقي جي دهشتگردي خالف

هن سانحي سبب ئي تحريك . پنهنجيايكي جو ثبوت ڏنو آهي

ي ڌرڻو ختم كرڻ جو انصاف پنهنجو حكومت خالف جار

جڎهن ته كالهه وزيراعظم جي سڎايل آل . اعالن كيو آهي

پارٹيز كانفرنس ۾ مڑني پارلياماني پارٹين سركت كري

دهشتگردن کي نياپو ڏنو آهي ته سندن مقابلو فقط حكومت ۽

ان جي رياستي ادارن سان نه پر سڄي قوم ۽ ان جي قيادت

عوام اچي تائين ٻن ڏينهن اندر كشمير کان كر. سان آهي

.احمت جو اعالن كيو آهيزاحتجاج كري دهشتگردن خالف م

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٹين

جي اجالس ۾ تحريك انصاف سميت ملك جي سمورين

سياسي پارٹين دهشتگردن خالف كارروائيون جاري رکڻ ۽

پشاور واقعي خالف قومي اسيمبلي ۾ گڎيل ٺهرا پاس كرڻ

جڎهن ته عمران خان دهشتگردي کي . تي اتفاق كري روتو آهي

پشاور . كميٹي جوڙڻ جو مطالبو كري ڇڎيو آهيروكڻ ال

۾ معصوم گلن جهڑن ٻارڙن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ

کانپو وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سياسي

. پارٹين جو هنگامي اجالس پشاور جي گورنر هائوس ۾ ٿيو

Page 62: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

وزير اعظم نواز شريف چيو ته عدالتن کي به حفاظتي خدشا

ان . ي جج عدم تحفظ جو شكار آهنجنهن جي كر. آهن

هن چيو ته دهشتگرد . معاملي جو حل گڎجي كڍڻ گھرجي

گرفتار ٿين ٿا، اهي آزاد ٿي وڃن ٿا جيكي بعد ۾ وري ساڳين

اجالس کانپو گڎيل پريس . ٹولن ۾ شامل ٿي وڃن ٿا

كانفرنس كندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته پشاور واقعي

، هن واقعي سان اسان جا جي جيتري مذمت كجي گھٹ آهي

هن چيو ته اجالس ۾ كيترائي اهم . جذبا مجروح ٿيا آهن

وزير اعظم . فيصال كيا ويا آهن جن تي عمل كيو ويندو

ٻڌايو ته اجالس ۾ پشاور سانحي تي ڏک ۽ كاوڙ جو اظهار

دهشتگردي ۽ انتها پسندي خالف جنگ اسان . كيو ويو آهي

كيو آهي ته هن چيو ته اجالس فيصلو. جي جنگ آهي

. دهشتگردي خالف الئحه عمل جوڙي ان تي عمل كيو ويندو

.هن چيو ته هاڻي سٺن ۽ خراب طالبان جو فرق نه رکيو ويندو

ملك جي كروڙين ماڻهن جي خواهش آهي ته پاكستان ۽

. سڄي خطي کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ كيو وڃي

دهشتگردن جي خالف موثر عدالتي كارروائي جي ضرورت

جن دهشتگردن کي گرفتار كيو وڃي ٿو اهي كمزور . هيآ

پراسيكيوشن ۽ جاچ سبب پنهنجون ضمانتون كرائي وٺن ٿا

دهشتگردي جي . ۽ دهشتگردن کي موت جي سزا نٿي ملي

خاتمي جي عدالتن کي به سنگين خطرا درپيش آهن ۽ انهن جي

سنگين ڏوهن ۽ . ڳڻتي ختم كرڻ ال قدمن جي ضرورت آهي

ي كيسن کي اكالئڻ ال خصوصي عدالتن جي دهشتگردن ج

قانونسازن کي ان معاملي جو جائزو وٺڻ گهرجي . ضرورت آهي

Page 63: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

وزيراعظم جي منظوري کان پو سڄي . ۽ فيصلو كرڻ گهرجي

قيدين جون صدر 17ملك ۾ موت جي سزا حاصل كندڙ

حكومتي . طرفان رحم جون اپيلون رد كيون ويون آهن

ڄڻن 6وهارين جو تعلق پنجاب ۽ ڏ 10ذريعن جو چوڻ آهي ته

. جو تعلق سنڌ ۽ هك ڄڻي جو تعلق خيبرپختونخواهه سان آهي

وزيراعظم پاكستان گذريل ڏينهن دهشتگردن کي انجام تائين

پهچائڻ ال سزا موت تان پابندي هٹائڻ جي منظوري ڏئي ڇڎي

. هئي ۽ ان حوالي سان قانوني كارروائي جو آغاز ٿي ويو آهي

ڇاكاڻ ته سڀ ماڻهو ان . جو عوام آجيان كندو جنهن جي ملك

تي متفق آهن ته دهشتگردن سان كابه رعايت ملك ۽ ان جي

.عوام سان سنگين غداري هوندي

)ع2014ڊسمبر 19: ڇپيل(

Page 64: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

دهشتگردن جون نرسريون ختم كرڻ جي

ضرورت

حكمرانن پياري پاكستان ۾ پوکيل نفرتن جو تيار

ٻج پوکيندڙ هاڻي . شروع كيو آهيٿيل فصل هاڻي لڻڻ

ان الباري جي . پنهنجي پكل فصل جو البارو كري رهيا آهن

شروعات انتهاپسندن ۽ دهشتگردن کي ڦاسي تي لٹكائڻ

كجهه دهشتگردن کي ڦاسي ڏني وئي . كئي وئي آهي سان

آهي ۽ ٻين کي انت تي پهچائڻ ال ڦاسي گهاٽ تيار كيا پيا

کان پو حكمرانن کي كل پشاور جي اسكول سانحي. وڃن

. پئي آهي ته دهشتگرد سڀ قاتل، سفاڪ ۽ بي رحم هوندا آهن

سڀ هك جهڑا . انهن ۾ كوبه چڱو ۽ خراب نه هوندو آهي

.جن ال سزا به ساڳي هجڻ گهرجي. هوندا آهن

هن بدنصيب ملك ۾ دهشتگردن جهڑي مخلوق كا

تو پاكستان ۾ هي سڀ كجهه اوچ. آسمان مان نازل نه ٿي آهي

نه ٿيو آهي، پر دهشتگردي ۾ ملوث ڌرين کي كيترن ئي

ضيا شاهي واري دور کان . ڏهاكن کان مچائي مهوڙ كيو ويو

پنجاب ۾ بنياد پرستي ۽ فرقيواريت جي ڀوت کي ميدان خالي

پو ڏسندي ڏسندي پنجاب جي هر وسندي ۽ . كري ڏنو ويو

هڑا واهڑ ۾ اهڑا مذهبي مركزن جي نالي تي دهشتگردي جا ا

اڏا قائم كيا ويا، جيكي ظاهري طور تي ته مدرسن جي نالي

سان سڃاتا پئي ويا، پر اصل ۾ اهي دهشتگردن جون نرسريون

هيون، جتي نوجوان نسل کي افغان جهاد ۽ كشمير ۾ جهاد

انهن کي . جي نالي تي لشكرن جي صورت ۾ تيار كيو ويو

Page 65: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

اتان جن. هٿيار پنهوار ڏئي، ڀر وارن ملكن ۾ موكليو ويو

. واندكائي ملڻ بعد پنهنجي ئي ملك کي ٹانڈا ڏيڻ شروع كيا

تحريك طالبان، لشكر جهنگوي، لشكر طيبه، جيش محمد ۽

ٻيا کوڙ سارا هٿياربند گروپ مذهب جي نان تي پنهنجن ئي

شيعا، سني، بريلوي، . مسلمان ڀائرن جا كنڌ كورڻ لڳا

شيطان کي به ديوبندي جي نالي تي اهڑا ته ممڻ مچايا ويا جو

هر گروپ ٻئي کي كافر قرار ڏيندي دير ئي نه . شرم اچڻ لڳو

هر گروپ وٽ فتوى جو پروانو کيسي ۾ پيل هو، . كرڻ لڳو

پو جيكو به ماڻهو سندس اطاعت قبول نه كرڻ لڳو ته ان کي

پنجاب . كافر قرار ڏيندي كابه ندامت محسوس نه كئي وئي

هر . يون ٿيڻ لڳيونجو ڀتيون كافر كافر جي نعرن سان كار

گروپ فقط پاڻ کي مسلمان سمجهڻ ۽ ٻئي مسلمان کي واجب

.القتل قرار ڏيڻ لڳو

ملك جي وڏي آبادي واري صوبي مان لشكر ڀرتي

كري جهاد جي نالي تي سڄي ملك ۾ موكليا ويا، پو موٽ

معصوم . ۾ هر شهر خودكش بمبارن جي باهه ۾ سڑڻ لڳو

پر پنجاب جا . ديون سڑڻ لڳيونماڻهو مرڻ لڳا، بازارون ۽ وسن

حكمران انهن لشكرن خالف كابه كارروائي كرڻ کان

لشكرن جي كڌن كرتوتن جي پرده پوشي كئي . كترائڻ لڳا

کين ڳجهه ڳوهه ۾ هٿيار پنهوار ۽ ڏوكڑ پئسا فراهم . وئي

انهن . كيا ويا، جيئن ڀروارن ملكن کي ٹانڈا ڏئي سگهجن

. دار ۾ آڻي سگهجيملكن ۾ پنهنجي حامي گروپن کي اقت

هاڻي پنجاب جي حكمرانن جا تيار كيل اهي پورس جا هاٿي

ٻين ال باريل باهه هاڻي سندن ئي . کين کي لتاڙي رهيا آهن

Page 66: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

پشاور سڑي پيو، راولپنڈي ٻري . گهر کي ساڙي رهي آهي

پئي، فيصل آباد ۾ گولين جو مينهن پيو وسي ۽ حكمران

هن وقت جڎهن ملك .پنهنجو ئي پوکيل فصل لڻي رهيا آهن

جا والي وارث سڎائيندڙ ان ڳالهه کي تسليم كرڻ لڳا آهن ته

هاڻي سٺن ۽ خارب طالبان ۾ فرق رکڻ نه گهرجي ته ان موقعي

تي اسان جي اها به گذارش آهي ته ماضي ۾ سٺن طالبان

جي نالي تي جيكي لشكر آڻي ملك ۾ آباد كيا ) دهشتگردن(

ونيون اڏي ڏنيون ويا ۽ خاص كري كراچي ۾ کين كال

ويون، انهن کي اتان نيكالي ڏيڻ ال تكڑا اپا وٺن گهرجن،

جيستائين . جيئن دهشتگردن جون نرسريون ختم ٿي سگهن

پناهگير كئمپن جي نالي تي سڄي ملك ۾ دهشتگردن جون

نرسريون ختم نه ٿيون كيون وڃن، ان وقت تائين كوبه

.آپريشن نتيجا ڏئي نه سگهندو

)ع2014سمبر ڊ 23: ڇپيل(

Page 67: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

وفاق خالف عدالت ۾ وڃڻ جو اعالن جوسنڌ

سنڌ حكومت وفاق طرفان گئس تي ڊولپمينٹ سيس

جي رقم مان حصو نه ڏيڻ تي سپريم كورٽ جو دروازو

كالهه وڏي وزير سيد قائم علي . کڑكائڻ جو فيصلو كيو آهي

. اجالس ۾ اهڑو فيصلو كيو ويو شاهه جي صدارت هيٺ هك

ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي خزاني واري وزير مراد علي شاهه

چيو ته سنڌ کي گئس انفرا اسٹركچر ڊولپمينٹ سيس جي مد

۾ انتهائي گهڻو مالي نقصان ڏنو پيو وڃي، وفاقي حكومت

سنڌ جي مشوري کانسوا ماڙي گئس جي قيمتن ۾ تبديلي

ع ۾ اهو چئي 2011قي حكومت هن چيو ته وفا. كئي آهي

گئس انفرا اسٹركچر ڊولپمينٹ سيس وصول كيو هو ته ان

ايران گئس پائيپ الئين منصوبي تي خرچ –جي رقم پاڪ

كئي ويندي پر بعد ۾ سپريم كورٽ ان فيصلي کي رد كيو،

ارب روپين کان 100وفاقي سركار ڊولپمينٹ سيس جي مد ۾

وصولي كئي آهي ان ارب روپين تائين سيس جي مد ۾ 135

كري ان رقم تي صوبن جو حق ٿئي ٿو جيكو انهن کي نه

جڎهن ته اجالس کي خطاب كندي وڏي وزير . پيو ڏنو وڃي

قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حكومت كڎهن به كنهن به شعبي

۾ پنهنجي آئيني حق تان هٿ نه کڻندي، ايڈووكيٹ جنرل ۽

ف سپريم سينيئر وكيلن جي مدد سان وفاقي حكومت خال

هن چيو ته . كورٽ ۾ الڳ الڳ پٹيشنز داخل كرايون وڃن

Page 68: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

اسان اهي سڀ معامال سي سي آ ۾ کڻنداسين جن سان صوبن

جي حق تلفي پئي ٿئي، سنڌ سميت مڑني صوبن کي نقصان

کان بچائڻ گهرون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته کين پنهنجا پنهنجا حق

.ملن

ها به ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم وٽ ا

درخواست كئي هئي ته وفاق طرفان سنڌ حكومتکجي هلندڙ

ارب رپيا جاري كيا وڃن، واضح 20ٹارگيٹيڈ آپريشن جي ال

رهي ته هك مهينو اڳ پڻ سنڌ ۾ امن امان ۽ آپريشن جي ال

ارب رپيا گهريا ويا هئا پر وفاقي حكومت هن وقت تائين 20

ريشن ال رقم جاري نه كئي، جنهن كري سنڌ حكومت آپ

جديد سهولتون حاصل كري نه سگهي، جڎهن ته آپريشن تي

ارب رپيا خرچ كري چكي آهي، وفاقي 4سنڌ حكومت

حكومت جي خاطري باوجود كو به فنڈ جاري نه كيو ويو

ان کانسوا وڏي وزير خط ۾ ڄاڻايو آهي ته بجلي جو . آهي

كراچي ۾ . كنٹرول سنڌ حكومت جي حوالي كيو وڃي

ن باوجود آپريشن پنهنجا گهربل نتيجا نه ڏئي مڑني كوشش

ريجرز تي كروڙين روپين جي بجيٹ خرچ كرڻ . رهيو آهي

.باوجود ڳالهه اتي جو اتي آهي، جتان شروع ٿي هئي

. كراچي شهر ۾ ملك جي كنڈ كڑڇ جا ماڻهو رهن ٿا

. خاص كري غيرقانوني پرڏيهين کي هتي كابه جهل پل ناهي

تان مان غير قانوني طور آيل افعانستان ۽ خاص كري هندس

ماڻهن کي شهر جي كجهه سياسي گروپن جي حمايت حاصل

ان كري هن شهر ۾ حكومتي رٽ قائم ٿي نه ٿي . آهي

غير قانوني پرڏيهين سبب كراچي هاڻي امن وارو . سگهي

Page 69: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

شهر نه پر بدامني وارو شهر بڻجي ويو آهي ۽ روزانو قتل

ن شهر ۾ ه. عام كراچي شهر جو حصو بڻجي چكو آهي

روڊن تي، گهٹين ۾ يا كاروباري عالئقن ۾ هاڻي كنهن جو

الش بند ٻوري ۾، كنهن جو الش سڑيل، كنهن جو الش

. چچريل ته كنهن جو الش ڌڙ سسي کان ڌار ملي رهيو آهي

اصل ۾ كجهه ڌريون چاهن ٿيون ته كراچي شهر تي سندن

.قبضو هجي، ان بنياد تي شهرين جو رت وهايو پيو وڃي

ل ۾ وفاقي حكومت كراچي آپريشن کان اڳ اص

جيكي اعالن كيا هئا، انهن تي سختي سان عمل جي

ان سلسلي ۾ كوبه سياسي دٻا شهر جي حالتن . ضرورت آهي

وفاق کي سنڌ سان مالي . کي وڌيك خراب كري ڇڎيندو

خاص كري گئس جي ڊولپمينٹ . متٿڀيد ختم كرڻ گهرجي

جي رقم جاري كئي سيس جي مد م سنڌ کي پنهنجي حصي

سنڌ سان كنهن به قسم جو انيا وفاق ۽ صوبي جي . وڃي

وفاقي كامورا شاهي . بهتر الڳاپن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو

اهڑي صورتحال پئدا كرڻ اچهي ٿي جيئن وفاق ۾ موجوده

جنهن جو . نواز حكومت خالف پريشانيون پئدا ٿين

.وزيراعظم کي نوٹيس وٺڻ گهرجي

)ع2015 جنوري 2: ڇپيل(

Page 70: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

مباركون وقت کان وٺو

ملك جي ٻنهي ايوانن كالهه ملك ۾ فوجي عدالتون

ترميم ۽ آرمي ايكٹ ۾ ترميم جا 21قائم كرڻ بابت آئين ۾

ملك ۾ مارشال جي غير موجودگي . بل منظور كري ورتا آهن

۾ فوجي عدالتون قائم كرڻ جو شايد ملك ۾ هي نرالو ۽

سانحي بعد دهشتگردن خالف پشاور. مثال هجي پهريون

اثرائتي كارروائي ال كي خاص اپا وٺڻ ال ملك جي سياسي

پر نيٺ ان جاکوڙ . قيادت كافي ڏينهن کان هڻ وٺ ۾ هئي

اهڑو مثال قائم كيو، جنهن جا اڳتي هلي نتيجا شايد مثال

ملك جا سڀ ماڻهو بنا كنهن . قائم كندڙن کي به ڀوڳڻا پون

متفق هئا ۽ آهن ته انتهاپسند دهشتگرد شك جي ان ڳالهه تي

پر هنن اهڑو . گروپن خالف سخت كارروائي ٿيڻ گهرجي

كوبه مطالبو نه كيو هو ته ان ال اهڑا قدم کنيا وڃن، جنهن

سان ملك مان جمهوريت جي تڎا ويڑهه ال ميدان سازگار ٿئي

پر اهو سڀ . يا پارليامينٹ پنهنجي اختيارن تان سرينڈر كري

لك کي دهشتگردن کان بچائڻ ال كيو ويو، جنهن تي كجهه م

.چونڈيل نمائندا مباركن جا مستحق آهن

كالهه اسالم آباد ۾ ملك جي اعلى ايوانن اندر ويٺل

چونڈيل نمائندن جيكو كارنامو سرانجام ڏنو آهي، ان تي هو

سندن ان اهم اڳڀرائي تي کين ان . مبارڪ جا مستحق آهن

Page 71: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ملي ويو، جڎهن ملك ۾ جمهوريت ال وقت ئي سينيٹ ۾ داد

بي مثال قربانيون ڏيندڙ پيپلز پارٹي جي سينئر اڳواڻ رضا

. رباني پنهنجي عمل تي شرمساري جو اظهار كندي روئي ڏنو

سندس زبان ۾ كيئي لفظ اٹكي بيهي رهيا، هو گهڻو كجهه

چوڻ پيو چاهي، پر سندس زبان جذبات جي شدت سبب سندس

اکين ۾ اٿلي آيل ڳوڙهن گهڻو كجهه هن جي . ساٿ نه ڏنو

ملكي سياسي قيادت طرفان پنهنجي پير تي . سمجهائي ڇڎيو

ان بابت هو پاڻ به . كهاڙو هڻڻ جو جيكو قدم کنيو ويو آهي

چڱي پر آگاهه آهن، پر سندن ٻانهن ۾ اهو ٻل ناهي جو اها مٿان

ان كري سڀني اهو چوندي ترميمون . پوندڙ بار سهي سگهي

. ته هنن مجبوري ۾ زهر جو كڑو ڍڪ ڀريو آهيمنظور كيون

هاڻي اهو زهر جمهوريت جي صحت تي كڎهن ٿو پنهنجو اثر

ڇڎي، ان ال کين مستقبل جو انتظار كرڻ کان سوا ٻيو چارو

هونئن به كڎهن كڎهن كن فيصلن جي مبارڪ وقت . ناهي

کان وٺڻي پوندي آهي، ان كري شايد وقت اڳتي هلي

ڌ جا ماڻهو ته اڳ ئي هن ملك جا كارا سن. مباركون ڏيندو

ڇاكاڻ ته سندن . آهن، انهن جي صحت تي كوبه اثر نه پوندو

مٿان ته اهي قدم به الڳو هوندا آهن، جن جو آئين ۾ شك جي

ان كري هن ديس جي ماڻهن ال . بنياد تي به ذكر نه هوندو آهي

فكر انهن کي . قانونن جو ٺهڻ يا ڊهڻ كا معنى نه ٿو رکي

گهرجي، جيكي وفاداري جو ثبوت ڏيندي ڏيندي پنهنجا كرڻ

.سر فدا كرائڻ گهرن ٿا

مذهب جي نان تي دهشتگردي جو خاتمو، انتهاپسندي

جو انت، فرقيواريت جو جن بوتل ۾ بند كرڻ هن ملك جي

Page 72: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ملك . حقيقي معنى ۾ خير خواهه ماڻهن جو مطالبو رهيو آهي

گ ۽ نسل جي منجهه مڑني ماڻهن جو بنا كنهن مذهب، رن

عزت ڀريو جياپو سنڌ سميت سڄي ملك جي باشعور ماڻهن جو

مقصد رهيو آهي، ان ال هن ملك جي ماڻهن پنهنجون جانيون

قربان كيون آهن، پر سندن اها خواهش ان ايجنڈا جو کاڄ نه

بڻجڻ گهرجي، جنهن سان رهيون کهيون آزاديون به ختم

۾ جمهوريت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملك. كيون وڃن

. کي كمزور كرڻ بدران ان کي وڌيك سگهارو كيو وڃي

.جمهوري ادارن ۽ آزاد عدليه جو مان مٿانهون رهڻ گهرجي

)ع2015جنوري 7: ڇپيل(

Page 73: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كاالباغ ڊيم جو نئون رينگٹ

وفاقي حكومت، تكراري كاالباغ ڊيم جي مئل

پاڻي ۽ كالهه. گهوڙي کي وري جيئارڻ جو فيصلو كيو آهي

بجلي جي وزارت قومي اسيمبلي کي لکت ۾ آگاهي ڏني آهي

ته اتفاق را پيدا ٿيڻ بعد ڊيم تي كم شروع كيو

قومي اسيمبلي کي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران .ويندو

لکت ۾ آگاهي ڏني وئي ته كاالباغ سميت ٻين كيترا ئي ڊيم

اغ لکت ۾ آگاهي موجب كاالب. اڏڻ جو منصوبو جوڙيو آهي

ڊيم جي تفصيلي ڊيزائن ۽ دستاويز مكمل آهن، اتفاق را پيدا

پاڻي ۽ بجلي . ٿيڻ بعد منصوبي تي كم شروع كيو ويندو

واري مملكتي وزير عابد شير علي جو چوڻ آهي ته داسو ڊيم

منصوبو جلد مكمل كيو ويندو ۽ ان حوالي سان تياريون

.كري ڇڎيون آهن

جنهن کي جيئارڻ كاالباغ ڊيم هك مئل گهوڙو آهي،

گذريل اسيمبلي متفقه طور ان منصوبي کي . ممكن ئي ناهي

اها اسيمبلي . اڳ ئي تكراري قرار ڏئي رد كري چكي آهي

پڻ هئي، كاالباغ ڊيم جيئن ته ) ن(جنهن جو حصو مسلم ليگ

ملكي سالميت ال خطري مثل هك منصوبو آهي، تنهن كري

هڑي تكراري سياسي عقل ۽ دانش ته كنهن به صورت ۾ ا

منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي اجازت نه ٿيون ڏين، جنهن سان

كاالباغ ڊئم جنهن کي ملك جي . ملك جا بنيادن ئي لڎي وڃن

Page 74: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ٹن صوبن تكراري منصوبو قرار ڏيندي ان کي ملك جي

سالميت خالف قرار ڏنو آهي، هن تكراري منصوبي کي

ستان ۽ هميشه ال ختم كرڻ ال ٹنهي صوبن جن ۾ سنڌ، بلوچ

سرحد صوبو شامل آهن انهن جي آئين ساز ادارن صوبائي

اسيمبلين مختلف وقتن تي ٺهرا منظور كري كاالباغ ڊئم

اهڑي منصوبي تي ٻيهر . رٿا کي مكمل طور تي رد كيو آهي

.ڳت ڏيڻ ملك سان كا خيرخواهي چئي نه ٿي سگهجي

ڏٺو وڃي ته كاالباغ ڊيم اهو منصوبو آهي، جيكو سنڌ

كمل طرح سكائيندو ۽ خيبرپختونخواهه کي ٻوڙيندو، کي م

اهوئي سبب آهي جو هي منصوبو ٻنهي صوبن ۽ اتان جي

گڎوگڎ بلوچستان . عوام ال زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي

جيئن ته گڈو کان هيٺ سنڌو مان پاڻي کڻي ٿو، تنهن كري

ڊيم جي صورت ۾ سنڌ سكڻ جي امكانن سبب طئي آهي ته

ع واري ٺاهه تحت ملي 1991کي به جيكي پاڻي بلوچستان

رهيو آهي، سو به ملڻ بند ٿي ويندو، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ

۽ خيبرپختونخواهه سان گڎوگڎ بلوچستان به هن منصوبي جو نه

رڳو مخالف آهي پر ان کي اسيمبلي جي ذريعي رد به كري

صرف پنجاب ئي ورهين کان وٺي كاالباغ ڊيم جي . چكو آهي

پنجاب جي به پاپولر سياسي جماعت . كالت كندو رهيو آهيو

جو جيتري قدر تعلق آهي ته اها به ماضي جي ) ن(مسلم ليگ

موقف جي ڀيٹ ۾ هينئر اهو ئي چٹو موقف رکي ٿي ته

. تكراري ڊيم ٺهڻ نه گهرجي

جڎهن ملك جا ٹي صوبا ۽ اهم سياسي جماعتون

ق ۾ ناهن بشمول حكمران جماعت جڎهن هن منصوبي جي ح

Page 75: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

منصوبو ڇو اڀاريو ويو آهي؟ هي اوچتو ئي اوچتو هي ته پو

تنهن جي . منصوبو جنهن جماعت طرفان اٿاريو ويو آهي

مسلم . پنهنجي صفن ۾ به هن منصوبي تي شديد اختالف آهن

سنڌ جي قيادت ان منصوبي خالف آهي ۽ هو اهڑي ) ن(ليگ

القون ڏئي منصوبي جي حمايت كرڻ بدران پارٹي کي ٹي ط

نواز ليگ حكومت طرفان تكراري كاالباغ دئم . سگهي ٿي

جي اڏاوت کي چئني صوبن جي رضامندي سان مشروط كرڻ

ان . وارا بيان به ڄڻ ٹن صوبن جي عوام تي ٺٺولي برابر آهن

كري ملكي سالميت کي نظر ۾ رکندي ان قسم جي راڳڻي

.بند ٿيڻ گهرجي

)ع2015جنوري 8: ڇپيل(

Page 76: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ٿر ال اعالن اثر ڇو نه ٿا كن؟

ٿر ۾ وزيرن، كامورن ۽ سياستدانن جي آوت جاوت جاري

. پر ٿرين جي قسمت ۾ كابه تبديلي نه اچي سگهي آهي. آهي

ٻارڙا به موت جي منهن ۾ وڃن پيا، عورتون ۽ ٻڍڙا به سڎكي

ٿر جون هاڻي ته ڏكار جي راكاس. سڎكي ساهه ڏين پيا

. سرحدون اورانگهي ٻين عالئقن تي به حملو كيو آهي

ٿرپاركر کانپو كوهستان ۽ اڇڑي ٿر ۾ به سوين ٻارڙا وبائي

ڏكاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم گلن . بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن

جي كومائجڻ جو سلسلو ركجي نه سگهيو، وڌيك چئن

ي نينگرين جي فوت ٿيڻ کانپو هك سئو ڏينهن دوران فوت

مٺي سول اسپتال ۾ . ٿي ويو آهي 339ٻارڙن جو انگ وڌي

8ٻارڙيون فوت ٿي ويون، جن ۾ اكبر جوڻيجي جي 3تازيون

ڏينهن جي ڌي بيبي، ڳوٺ گوديار جي رهواسي رحم علي جي

ڌي حسينا ۽ ڳوٺ ڏيٿا ڀيل جي رهواسي كسرو جي ٻن

كلوئي جي ڳوٺ حاجي خان لــنڈ ۾. ڏينهن ٻارڙي شامل آهي

. عبدالرزاق جي ٻن ڏينهن جي ڌي رضوانا لــنڈ فوت ٿي وئي

آواز نيوز کي مليل انگن اکرن موجب اڄوكي ڏينهن دوران

ڏينهن دوران فوتي 100وڌيك چئن ٻارڙين جي فوت ٿيڻ بعد

هوڏانهن ڏكار سبب . ٿي ويو آهي 339ٻارڙن جو انگ وڌي

ئي ڏک، بک ۽ بيمارين جي گهيري هيٺ آيل وڌيك كيترا

Page 77: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

معصوم ٻارڙا اسپتالن ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٹي تي بيٺل

.آهن

جڎهن ته سموري حكومتي مشينري، سياسي سماجي تنظيمن

۽ ٻين ادارن جي ٿر ۾ موجودگي باوجود ڏكار سٹيل ماڻهن

جي حالت بهتر نه ٿي، مٺي جي آس پاس ۽ ڏورانهن عالئقن ۾

كجهه رهندڙ اقليتي برادرين وٽ كير به نه پهتو، صرف

ٿر جا هزارين ماڻهو اڃا . ماڻهن وٽ امدادي سامان پهچايو ويو

تائين حكومتي امداد جا منتظر آهن، كروڙين روپيا امداد جي

اعالنن باوجود ماڻهو بکن ۾ پاهه ٿي ويا، بک ۽ بيمارين

وڌيك ٹن ٻارڙن کان زندگيون کسي ورتيون، سوين ٻارڙا

پاران فوتي ٻارڙن سنڌ حكومت. اسپتالن ۾ داخل كيا ويا آهن

لک روپيا كنهن هك متاثر کي به 2_2جي وارثن ال اعالينل

اڃان تائين نه مليا ۽ نه وري فوت ٿيل ٻارڙن جي لسٹ تيار

ٿر جي ڏكار متاثر كيترن ئي ڳوٺن ۾ . كئي وئي آهي

امدادي سرگرميون شروع ئي ناهن ٿيون، نالي ماتر امدادي

شهرن تائين محدود ٹيمون توڙي ميڈيكل كئمپون به رڳو

آهن، ماڻهو کاڌ خوراڪ وٺڻ ال كيترائي ميل پنڌ كري شهرن

ڏورانهن عالئقن جا ماڻهو ڀاڙو نه هئڻ . ڏانهن اچي رهيا آهن

كري شهرن ۾ قائم امدادي كئمپن تائين پهچڻ کان به الچار

بڻيل آهن، جهن كري سندن ٻار بيمارين وگهي فوت ٿي رهيا

اعالنن باوجود ٿر جي ڏكار متاثر امداد جي وڏن وڏن . آهن

عالئقن ۾ اڃا تائين صورتحال انتهائي خراب آهي، جتي مارو

ماڻهو کاڌ خوراڪ جو سامان ۽ پيئڻ جو پاڻي نه هئڻ سبب بک

ڏكار متاثر عالئقن جي ماڻهن جي . ۽ اڃ ۾ پاهه ٿي رهيا آهن

Page 78: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

امدادي سامان نه ملڻ كري وڏي انگ ۾ لڎپالڻ جاري آهي،

حكومتي اعالنن . ي ڳوٺ خالي ٿي ويا آهنوڌيك كيترائ

باوجود ڏكار متاثرن کي اڃا تائين كڻك مكمل طور تي

ناهي ملي سگهي، جنهن كري گودامن ۾ پيل كڻك به سڑي

خراب ٿي رهي آهي، كڻك نه ملڻ خالف ڏكار متاثرن مختلف

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم . عالئقن ۾ احتجاج پڻ كيو آهي

. مورن سان گڎجاڻيون كيون آهنعلي شاهه ٿر پهچي كا

اجالسن بعد ٿيل اعالن ته وڏو آٿت ۽ ڏڍ ڏيندڙ آهن، پر

هي صورتحال ٻڌائي ٿي . سرزمين تي كجهه نه نظر نه ٿو اچي

ته اسان جا حكمران ۽ كامورا ايڎا ته بي حس آهن جو ڏكار

جهڑين حالتن ۾ به هو روايتي سستي ۽ الپرواهي ڇڎڻ ال تيار

ن كڎهن هنگامي حالتن ۾ كم كرڻ سکيو ئي يا ته هن. ناهن

ان . ناهي يا سندن من ۾ ماڻهپي نالي كابه شي موجود ناهي

كري ماڻهو مرن پيا، هو اجالس كرڻ ۽ اعالن كرڻ ۾ پورا

امداد رڳو اعالنن ۾ نظر اچي ٿي، مسكين ماڻهن تائين . آهن

.كير به نه ٿو پهچي

)ع2015جنوري 9: ڇپيل(

Page 79: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

دهشتگرد ۽ خراب دهشتگردسٺا

موجوده حكومت طرفان جڎهن ملك جي اترين عالئقن

۾ طالبان دهشتگردن خالف آپريشن شروع كيو ويو هو ته ان

جو اصطالح “ سٺا ۽ خراب طالبان”وقت حكمرانن طرفان

حلقن جنهن بعد ملك جي كجهه. متعارف كرايو ويو هو

منجهه اهو خيال پختو ٿيڻ لڳو هو ته بي گناهه ماڻهن کي

ماريندڙ طالبان دهشتگردن ۾ به درجي بندي ٿي سگهي ٿي ۽

. هو به ٻن كيٹيگرين سٺن ۽ خراب ۾ ورهائي سگهجن ٿا

اترين عالئقن ۾ آپريشن دوران اهو به تاثر پئدا ٿيو ته حكمران

، جيكي فقط انهن دهشتگردن خالف كارروائي چاهين ٿا

خراب طالبان آهن، يعني انهن ئي طالبان کي مارڻ جو ٹاسك

هيو، جيكي موجوده حكمرانن جي سوچ ۽ ايجنڈا کان الڳ

هيا، پر انهن طالبان کي كجهه به چوڻو نه هيو، جيكي

حكمرانن وٽ پسنديده هئا يا حكمرانن جي ايجنڈا تحت كم

واري حكمرانن جي ان سٺي ۽ خراب طالبان. هالئي رهيا هئا

كيٹيگري خالف عوام منجهه سخت كاوڙ پکڑجڻ لڳي ۽

موجوده حكمرانن جي ان عمل خالف تنقيد ۾ واڌارو اچڻ

بعد ۾ پشاور ۾ معصوم ٻارڙن جي وحشياڻي قتل بعد . لڳو

حكمرانن کي پاڻ اهو اعالن كرڻو پيو ته هاڻي سٺن ۽ خراب

طالبان ۾ كوبه فرق نه كيو ويندو، سڀني خالف كارروائي

خاص كري پشاور سانحي بعد وزيراعظم جي . ي وينديكئ

اهڑي بيان بعد اهو شك پك ۾ تبديل ٿي ويو ته حكمرانن

Page 80: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

.طالبان دهشتگردن ۾ پاڻ اها كيٹيگري مقرر كئي هئي

ترميم كري سڄي ملك ۾ 21هن وقت جڎهن آئين ۾

دهشتگردن خالف كارراوئي جو اعالن كيو ويو آهي ته ان

هن وقت به . طي ورجائي رهيا آهنوقت به حكمران ساڳي غل

جن . دهشتگردن ۾ ٻه كيٹيگريون مقرر كيون ويون آهن

موجب هك سٺا دهشتگرد آهن ۽ ٻيا خراب دهشتگرد آهن، ان

كري هاڻي سڄي ملك ۾ آپريشن فقط انهن دهشتگردن خالف

كيو ويندو، جيكي خراب دهشتگرد آهن، ڦاهيون به انهن

سندن ڦاهين جي سزا تي دهشتگردن کي ڏنيون وينديون، يا

پر سٺن . عمل كيو ويندو، جيكي خراب دهشتگرد هوندا

دهشتگردن کي هن آپريشن مان كو به ڀو يا ڀولو كرڻ نه

گهرجي، جيكڎهن اتفاق سان كنهن سٺي دهشتگرد کي

كنهن عدالت ڦاهي جي سزا ڏني به آهي ته ان تي عمل نه كيو

ته حكمران هن دهشتگردن ۾ هي تفاوت ثابت كري ٿو. ويندو

آپريشن ۾ به انهن دهشتگردن کي نشانو بڻائڻ گهرن ٿا،

گڈ ”جيكي سندن ايجنڈا خالف كم پيا كن يا حكمرانن جي

اهو ئي سبب آهي جو جي يو . ۾ سندن نالو موجود ناهي“ بوڪ

هين آئيني 21آ سربراهه موالنا فضل الرحمان حكومت جي

دن وچ ۾ ترميم تي كاوڙيل نظر پيو اچي ۽ دهشتگر

درجابندي کي ملك ۽ عوام خالف هاڃيكار عمل قرار ڏئي

موالنا صاحب کي خدشو آهي ته هن آپريشن دوران . رهيو آهي

ڏاڙهي وارن ۽ بي ڏاڙهين ۾ فرق رکي فقط هك مخصوص

جڎهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته جيكو . ڌر کي نشانو بنايو ويندو

ال بنائي به ماڻهو يا ڌر هٿيارن جي زور تي عوام کي يرغم

Page 81: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ويٺي آهي ۽ سندس عسكري ونگ معصوم ماڻهن جي خون

قاتل ۽ . جي پياسي آهن، ان خالف كارروائي ٿيڻ گهرجي

رهزن ڏهاڙي سان هجي، يا بنا ڏاڙهي جي، ان خالف قانون

پشاور ۾ بم ڦاڙيندڙ ۽ الهور يا . ساڳي ريت حركت ۾ اچي

. كراچي ۾ ماڻهو ماريندڙ ۾ كوبه فرق نه رکڻ گهرجي

وانگر دهشتگردن ۾ به “ سٺن ۽ خراب طالبان”هن جيكڎ

كارروائي دوران اها كيٹيگري مقرر كئي وئي ته ملك کي

. دهشتگردي مان نجات ڏيارڻ وارو خواب ساڀيان ٿي نه سگهندو

معصوم ماڻهو مرندا رهندا، جنازا کڄندا رهندا، پو اها قيامت

كڎهن الهور تي كڑكندي ته كڎهن كراچي ۾ مائرن جون

.وليون خالي ٿينديونجه

)ع2015جنوري 10: ڇپيل(

Page 82: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كاش بدنصيب بس جا ماڻهو كراچي واسي

!هجن ها

كراچي جي ملير واري عالئقي ۾ بدترين روڊ حادثي

. ماڻهو سڑي فوت ٿيڻ تي سڄي سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي 62۾

كالهه رات هن انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ جي جهوريندڙ حادثي ۾

كجهه ٻار کن عورتون ۽ 8سڑي فوت ٿي ويا، جن ۾ ماڻهو 62

بدنيصب كوچ كراچي کان شكارپور وڃي رهي . شامل آهن

هئي ته ملير جي عالئقي ۾ ٹينكر جي ٹكر سبب بس کي باهه

جنهن سبب بس ۾ ويٺل باهه جي شعلن جي ور . لڳي وئي

چڑهي ويا، جنهن وقت بس کي باهه لڳي ته عالئقي جي ماڻهن

ويهڻ سبب بچي ويل ماڻهن انتظاميه کي ۽ بس جي ڇت تي

حادثي بابت هك کان كيئي ڀيرا اطالع ڏنو، پر اطالع ڏيڻ

. باوجود انتظاميه جو كوبه ماڻهو واقعي واري هنڌ نه پهتو

جنهن سبب بس ۾ ڦاٿل ماڻهو ٻن كالكن تائين باهه جي

حادثو كو اهڑي . کين كوبه بچائڻ نه آيو. شعلن ۾ سڑندا رهيا

ه ٿيو هو، جتي پهچي نه سگهجي يا پهچڻ ۾ كو هنڌ تي كون

. وقت لڳي پر هي سانحو سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ٿيو هو

سڎ پنڌ تي اسٹيل مل جون فائر برگيڈ موجود هيون، پر اطالع

اسٹيل مل . باوجود اهي حادثي واري هنڌ نه موكليون ويون

انتظاميه باهه ۾ سڑندڙ ماڻهن کي بچائڻ ال فائر ٹينڈرز

اسٹيل مل كا آفريكا ۾ نه . لڻ کان انكار كري ڇڎيوموك

هئي، نه وري عالئقي غير ۾ هئي جو اها معصوم ماڻهن کي

سنڌ جي سرزمين تي قائم اداري جي . بچائڻ کان انكاري هئي

Page 83: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

انتظاميه کي اها همت كيئن ٿي جو ان سنڌ جي ماڻهن کي

اسٹيل مل انتظاميه جي هن . بچائڻ کان انكار كري ڇڎيو

ي ۽ انسانيت کان عاري عمل جو هن وقت تائين كنهن وحشپڻ

جڎهن ته هن وقت . به حكومتي عملدار نوٹيس نه ورتو آهي

انكار كندڙ عملدار معصوم ماڻهن جي قتل جي الزام ۾

.جيل ۾ هجڻ گهرجن ها

جانيون ضايع ٿيڻ واري 62بدنيصب بس سان حادثي ۾

دکدائك واقعي بعد سنڌ حكومت جو كردار به انتهائي

كراچي جي انتطاميه به حادثي واري هنڌ وقت . شرمناڪ رهيو

. سر فائر برگيڈ موكلڻ ۾ غفلت جو مجرماڻو مظاهرو كيو

جيكڎهن وقت سر فائر برگيڈ پهچي ها ته كيتريون ئي

پر شايد كراچي ۾ سنڌ . سگهجن پيون حياتيون بچائي

حكومت جو وس نه هلندو آهي يا شهر ته كنهن ٻئي ٹولي جي

حكمراني آهي، جنهن کي هنن معصوم ماڻهن جي جانين

حكومت جو كوبه چونڈيل . بچائڻ سان كوبه سروكار نه هيو

نمائندو، وزير يا خود وڏو وزير واقعي واري هنڌ نه پهتا، نه

و حكومتي عملدار يا چونڈيل نمائندو وري اسپتال ۾ به ك

فوتين جا وارث انهائي بي وسي جي عالم ۾ پنهنجن . نظر آيو

ڏورانهن عالئقن . پيارن بابت ڄاڻ وٺڻ ال دربدر ٿيندا رهيا

سکر، شكارپور ۽ جيكب آباد ضلعي کان ايندڙ سوڳوارن جي

كراچي ۾ هك سياسي ڌر جي هڑتال . كنهن به مدد نه كئي

رٽ بند هجڻ كري فوتين جا وارث قائد آباد ۽ سبب ٹرانسپو

سهراب ڳوٺ ۾ پهچڻ بعد اسپتال تائين پهچڻ ال پريشان

رهيا، پر حكومت كٿي به نظر نه آئي، كيترائي ماڻهو

Page 84: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

پنهنجن پيارن جا الش يا سندن خيريت معلوم كرڻ ال پيرين

حكومت طرفان سڀ وسيال هجڻ باوجود . پنڌ اسپتال پهتا

پتال پهچائڻ تائين ٹرانسپورٽ به مهيا نه كئي متاثرن کي اس

. اسپتال پهتل سوڳورا به هڑتال سبب دربدر ٿيندا رهيا. وئي

ٿيڻ ته ايئن . هڑتال سبب سندن اهنجن ۾ ويتر اضافو اچي ويو

ماڻهن جي فوت ٿيڻ بعد 62گهرجي ها ته كراچي شهر ۾

واسطيدار ڌر طرفان خالص انساني بنيادن تي هڑتال جو سڎ

جنهن سبب سانحي . س ورتو وڃي ها، پر ايئن نه كيو ويوواپ

.جا متاثر ماڻهو ويتر تكليفن ۽ ڏکيائين جو شكار رهيا

بدنصيب بس سان حادثي ۾ سڑي ويلن جو ڏوهه فقط اهو هو ته

هو كراچي جي كنهن كالوني جا رهواسي نه هيا، سندن اهو

ن به ڏوهه هيو ته هو شكارپور، سکر، جيكب آباد ۽ ٻين شهر

کان كراچي ڇو آيا هئا؟ ان ئي گناهه سبب سندن كنهن به واهر

كنهن وزير كبير کي . كوبه کين بچائڻ نه آيو. نه كئي

فوتين جو . فوتين جي وارثن جا ڳوڙها اگهڻ جو وقت نه مليو

ڏوهه اهو به هو ته هو الوارث قوم جا فرزند هئا، هو سياسي

اركيٹ جي هو بولٹن ماركيٹ ۽ ٹمبر م. طور الوارث هئا

سڑيل دكانن جي كاٺ جيتري به اهميت رکندڙ نه هئا، جو

سندن سڑڻ ته سنڌ حكومت کي پنهنجي جياپي جو خطرو

هو . ورائي وڃي ها ۽ سنڌ سركار کي سندن ال پريشان ٿئي ها

ته اهڑي سادي سودي قوم جا بدنصيب فرزند هئا جنهن قوم

جي کي بليك ميلنگ ته ڇڎيو پر پنهنجي موت ۽ حياتي

معاملن تي به كجهه كرڻ جو خيال به ورهين کان پو يانصيب

)ع2015جنوري 12: ڇپيل( .هوندو آهي

Page 85: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

وفاق کي سنڌ ڇو نه ٿي وڻي؟

سنڌ جا معدني وسيال باقي ملك ال ته فائديمند رهيا

18آئين ۾ . آهن، پر انهن جي فائدن کان اصل ڌڻي محروم آهن

صوبن حوالي ٿي هئي، ترميم بعد معدني وسيلن جي مالكي

هاڻي وفاقي . عمل ٿي نه سگهيو پر ان ته به مكمل طور

حكومت سنڌ کان پنهنجي گئس تي مالكي جو اختيار کسڻ

وفاقي وزير اهڑا سرٻاٽ پيا كن ته گئس وفاق جي . گهري ٿي

ان سلسلي ۾ آئين ۾ ترميم كرڻ جي تيارين جا . ملكيت آهي

پاكستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ جا معدني . به پڑاڏا ٻڌڻ ۾ پيا اچن

وئلو هتان جي ماڻهن جي ملكيت وسيال تيل، گئس ۽ ك

قدرت اهي نعمتون جن ماڻهن کي . تسليم نه ٿي كئي وڃي

. عطا كيون آهن، انهن کان انهن کي محروم كيو ويو آهي

پاكستان ٺهڻ کان وٺي هيل تائين سنڌ جي تيل، گئس، بجلي،

بندرگاهه ۽ ٻين گذرسفر جي وسيلن تي هك مخصوص گروهه

سنڌ جا ماڻهو هر دور ۾ پرامن ان قبضي ڇڎائڻ ال. قابض آهي

۽ جمهوري انداز ۾ جدوجهد كندا آيا آهن، پر ان جو حكمران

حكومت کڻي كنهن جي به هجي پر . نوٹيس وٺڻ ال تيار ناهن

پاكستان ٺهڻ کان . سنڌ جي ماڻهن کي سک نصيب نٿو ٿئي

وٺي اهي سورن ۾ زندگي گهاري رهيا آهن، دانهون كوكون

جي كيس جي شنوائي ئي نٿي كئي كرڻ جي باوجود انهن

سنڌ جون زمينون نيالم كري ٻاهرين ماڻهن کي وڏا . وڃي

Page 86: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

مالي فائدا رسايا ويا، ساحلي عالئقن تي به وڏا قبضا ٿي چكا

آهن جڎهن ته وڌيك قبضا كرڻ جي ال ترقي جي نالي تي نوان

.منصوبا جوڙيا پيا وڃن

مت سنڌ مان نكرندڙ تيل ۽ گئس جا زخيرا به مال غني

انهن جو ڦل جيكو مكاني . سمجهي استعمال كيا پيا وڃن

ماڻهن کي ملڻ گهرجي، اهو ملڻ ته ٺهيو پر جيكي قانوني

. طور تي ٺاهه كيا ويا آهن انهن تي به عمل نه پيو كيو وڃي

دستاويزن مطابق ھر كمپني کي سنڌ جي تيل توڙي گئس

ر كروڙ خرچ كرڻو آھي پ 35کان 30وارن عالئقن ۾ ساليانو

سيكڑو ته خرچ ئي 60اھي كمپنيون مخصوص رقم جو

نٿيون كن، باقي رقم به غير تعميراتي كمن تي خرچ كن

60تيل ۽ گئس كڍندڙ كمپنيون مخصوص فنڈ جو . ٿيون

سيكڑو رقم استعمال نٿيون كن باقي رقم به ماڻھن جي

ترقي بدران وڏين آفيسن جي قيام توڙي فرنيچر جي خريداري

سنڌ ۾ تيل . اتي عملن تي خرچ كيو وڃي ٿو۽ ٻين غير ترقي

۽ گئس كڍندڙ كمپنيون پنھنجي مرضي سان كم كن

سنڌ ۾ . ٿيون جنھن جو عالئقن جي عوام کي فائدو نٿو ٿئي

. تيل ۽ گئس كمپنين جي خالف وڏي نفرت پکڑجي رهي آهي

اسان سمجهون ٿا ته تيل كمپنين سان كيل ٺاهن تي عمل

هي، ماڻهو آمراڻن دورن ۾ ته كرائڻ حكومت جي ذميواري آ

ظلم ۽ ڏاڍايون سهندا رهن ٿا پر جڎهن ساڳيو رويو جمهوري

حكومتن دوران به جاري رکيو وڃي ٿو ته کين صدمو رسي ٿو

هن وقت . ۽ جمهوريت به هنن جي ال اجنبي بڻجيو وڃي ٿي

جڎهن اقتدار ڌڻي به سمجهن ٿا ته سنڌ جي ماڻهن سان معدني

Page 87: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

هن وسيلن تي روزگار جي سلسلي ۾ وسيلن جي مالكي، ان

. ارهه زورائي ٿي رهي آهي، ته ان جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي

ڇاكاڻ ته ان ئي ناانصافي خالف بلوچستان ۾ باهه ٻريل آهي،

اتان جا ماڻهو هاڻي حق ڇني وٺڻ واري واٽ اختيار كري چكا

ڇاكاڻ ته جڎهن عوام جي جمهوري جدوجهد کي مان نه . آهن

کي ڏنڈي جي زور تي دٻايو ويندو ته اها پنهنجا ڏنو ويندو يا ان

هن وقت جڎهن سنڌي ماڻهن . گس ۽ پيچرا پاڻ ڳوليندي آهي

جي پرامن آواز کي مان نه ٿو ڏنو وڃي ته ان جا نتيجا به اهڑا

سنڌ . نكري سگهن ٿا، جيكي هن کان اڳ دنيا اندر نكتا آهن

جي قدرتي وسيلن تي وفاق طرفان ڌاڙي جي كهاڻي پراڻي

سيكڑو روينيو ملكي معيشت ۾ پول كري ٿي 70سنڌ . هيآ

۽ موٽ ۾ ان کي ڇا ٿو ملي؟ گئس جي رائلٹي وارو مامرو اڃا

اٹكيل ئي آهي ته وفاق جو اهو موقف ته گئس تي صوبن نه پر

. وفاق جو اختيار آهي ٻرندي تي تيل هارڻ برابر عمل آهي

وفاق ۾ لڳي ٿو ته وفاق کي سنڌ جو وجود ۽ ان جو پاكستاني

.هجڻ ڀان نه ٿو پوي

)ع2015جنوري 13: ڇپيل(

Page 88: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كمند جو بحران ۽ حكومت جي خاموشي

شگر ملز . سنڌ ۾ كمند جو بحران شديد ٿي رهيو آهي

مالكن جي هٺ ڌرمي سبب سنڌ جي زرعي معيشت تباهي

خاص كري كمند پوکيندڙ .جي كناري تي پهچي چكي آهي

آبادگار سخت پريشان آهن، کين كمند جي خريداري نه ٿيڻ

مل مالك كمند . سبب اربين روپين جي نقصان جو خطرو آهي

كالهه سنڌ اسيمبلي . جو سركاري اگهه ڏيڻ ال تيار ناهن

اجالس دوران كمند جو اگهه نه ملڻ تي مخالف ڌر سخت

۽ مخالف ڌر جي ان موقعي تي حكومت . احتجاج كيو

ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ مخالف ڌر ايوان مان

كالهه كمند جي سركاري اگهه تي عمل نه .. واڪ آئوٽ كيو

ٿيڻ بابت ڳالهائڻ تي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن ليڈر شهريار

شهريار مهر چيو ته سنڌ جي آبادگارن جو . مهر احتجاج كيو

نثار کهڑي . نه روكيو وڃيمسئلو آهي، ايوان ۾ ڳالهائڻ کان

چيو ته آبادگارن جي مسئلن جي ڄاڻ آهي، اپوزيشن پوائنٹ

ان موقعي تي شهريار مهر کي ڳالهائڻ . اسكورننگ نه كري

جي اجازت نه ملڻ تي اپوزيشن ۽ حكومتي ميمبرن ۾ سخت

اپوزيشن ليڈر چيو ته حكومت طرفان . جملن جي ڏي وٺ ٿي

Page 89: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

مڻ مقرر كيو ويو آهي، رپيا في 82كمند جو اگهه هك سئو

نثار . پر شگر ملز انتظاميه ان تي عمل نه كري رهي آهي

کهڑي چيو ته حكومت شگر ملز بند ٿيڻ ۽ سركاري اگهه تي

هن چيو ته حكومت کي . عمل نه ٿيڻ جو نوٹيس ورتو آهي

آبادگارن جي تكليف جو احساس آهي، سنجيدگي سان مسئلو

ر وزير چيو ته سينيئ. حل كرڻ جي كوشش كئي پئي وڃي

شگر ملز طرفان عدالت وڃڻ بعد مسئال آهن ۽ شگر ملز

مالكن جي كيس تي عدالت ٻڌڻي ال فيبروري جي تاريخ

شهريار مهر چيو ته حكومت شگر ملز مالكن . طئي كئي آهي

خالف كهڑو ايكشن ورتو آهي، جنهن تي نثار کهڑي چيو ته

د جو فصل شگر ملز مالكن ۽ آبادگارن وچ ۾ تكرار سان كمن

سيد سردار احمد چيو ته سپريم كورٽ اسٹي . تباهه ٿي ويندو

آرڊر نه پر ٻــڌڻي جي تاريخ مقرر كئي آهي، سنڌ حكومت کي

سينيئر وزير . ها كورٽ جي فيصلي تي عمل كرڻ گهرجي

نثار کهڑي جي بيان تي مخالف ڌر جي ميمبرن شيم شيم جا

.كيونعرا هنيا ۽ ايوان مان عالمتي واڪ آئوٽ

شگر ملز مالكن خالف حكومت جي خاموشي تي آبادگارن ۾

كالهه كراچي ۾ . ڏينهون ڏينهن سخت تا پکڑي رهيو آهي

آبادگارن ۽ سينئر سياستدانن جي اجالس ۾ كمند جي اگهه نه

جنوري تي حيدرآباد ۾ سپر ها وي تي ڌرڻو هڻڻ 27ملڻ خالف

ت کي چتا ڏنو آبادگار اڳواڻن حكوم. جو اعالن كيو ويو آهي

آهي ته كمند جو سركاري اگهه نه ملڻ خالف هو تحريك کي

كمند جي معاملي تي حكومت جي لڳاتار . وڌيك وسيع كندا

خاموشي افسوسناڪ آهي، سنڌ جي آبادگارن کي نقصان رسي

Page 90: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

. رهيو آهي، پر ان معاملي کي هروڀرو اينگاهيو پيو وڃي

رحم كرم تي جيكڎهن اڄ آبادگارن کي شگر ملز مالكن جي

. ڇڎيو ويو ته سڀاڻي سنڌ ۾ كمند جي پوک ڏسڻ ال به نه ملندي

هي . پو شگر ملز مالك پنهنجون چمنيون كيئن دکائيندا

معاملو انتهائي حساس آهي، ان کي جيكڎهن حل نه كيو ويو

.ته سڀاڻي کنڈ جو بحران پئدا ٿيڻ جو خدشو آهي

)ع2015جنوري 22: ڇپيل(

Page 91: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ کي پابندي مڑهيل تنظيمن کان بچايو

دهشتگردي ۾ رڱيل هٿ کڻي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾

ڀيل كندڙ اهي ماڻهو يا تنظيمون جن بابت سالن کان عام طور

تي چيو ويندو هو ته انهن جا كردار انسان سوز ۽ ذلت آميز

پر اسان جي حكومت کي خبر ناهي ڇو اهي ڳالهيون آهن

حافظ سعيد جو نالو . ضمير کي نه ٿي آئڑيونسندن ذهن توڙي

رڳو ممبئي واقعي سان ملوث نه هو پر انهي کانپو به هو

پنهنجي كرت کي جاري رکڻ ال، نيٹ ورڪ کي وڌيك

. مضبوط ۽ مستحكم كرڻ جون كوششون كندو رهيو آهي

انهي دوران اسان ڏٺو آهي ته خاص طور تي سنڌ جي مختلف

ٹنڈوآدم، مٺي ۽ ٻين جاين تي هن شهرن جهڑوڪ ماتلي،

.پنهنجا ٿاڪ ٺاهڻ جي ڀرپور كوشش كئي آهي

اطالع آهن ته حكومت پنهنجي پاليسي نظرثاني كندي،

دهشتگردي بابت جوڙيل ايكشن پالن تي تيزي سان كم

كرڻ ال جماعت الدعوه ۽ حقاني نيٹ ورڪ جا كالعدم

مند كرڻ سان تنظيم طور انهن جا اثاثا ۽ بئنك اكائونٹ منج

گڎوگڎ حافظ سعيد جي سفر تي پابندي وجهڻ جو پڻ اعالن

ملك جي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم پنهنجي . كيو آهي

هفتيوار بريفنگ دوران مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو

آهي ته هاڻ گڎيل قومن طرفان جماعت الدعوه سميت كجهه

كيو تنظيمن کي پابندي مڑهيل تنظيمن جي فهرست ۾ شامل

Page 92: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ويو آهي تنهن كري پاكستان هك ميمبر ملك طور انهن کي

هك سوال جي جواب ۾ هن . كالعدم قرار ڏيڻ جو پابند آهي

پاكستان تي دهشتگردي جا الزام اهي ماڻهو ”اهو به چيو ته

هڻن ٿا جيكي نٿا چاهين ته دهشتگردي خالف جاري آپريشن

”.ئم ٿئيكامياب ٿئي ۽ پاكستان سميت سڄي خطي ۾ امن قا

پرڏيهي ترجمان جي مٿي ڏنل بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پشاور

سانحي کانپو جيتوڻيك دهشتگردي خالف ايكشن پالن

ضرور جوڙيو ويو آهي ۽ ان تحت غير آئيني طور فوجي

عدالتن جو قيام پڻ عمل هيٺ آندو ويو آهي پر انهي باوجود

مان اهو نٿو لڳي ته كو ملك جي اصل حكمرانن ماضي

ٺيك ان وقت جڎهن عالمي سطح تي اهي . كجهه سکيو آهي

پاكستان . بحث ٿي رهيا آهن ته هك ملك جي حيثيت سان هاڻ

دهشتگردن جي هك اهڑي نرسري بڻجي ويو آهي جتي سندن

آبياري كئي پئي وڃي ۽ پو انهن کي تيار كري دنيا جي

ٺيك ان وقت . مختلف ملكن خالف كتب آندو ٿو وڃي

ركار کي ڳجهن ۽ طاقتور وسيلن هجڻ باوجود اها ملكي س

خبر نٿي پوي ته مذهب يا غير مذهب هجڻ جي بنياد تي كهڑا

ماڻهو باكردار ۽ كهڑا بدكردار آهن؟ اسين سمجهون ٿا ته

اهڑي پرک ۽ پروڙ كرڻ ال ضروري ناهي ته گڎيل قومن جو

. ادارو آگاهه كري ۽ ملكي انتظاميا ايستائين ستل رهي

قدم نه کڻڻ جو نتيجو اهو ئي آهي جو اڄ پاكستان جو بروقت

نالو دهشتگردن جي نرسري طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ نرسري

مان تيار ٿيل بدكردار ماڻهو ڏيهه توڙي پرڏيهه اندر پنهنجا

.كڌا مقصد حاصل كندا رهيا آهن

Page 93: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

هكڑي پاليسي فوجي عدالتن جي قيام خالف سپريم

منظور كئي وئي آهي كورٽ ۾ داخل درخواست شنوائي ال

ته وري ٻئي پاسي جماعت الدعوه، حقاني نيٹ ورڪ ۽ ٻين

تنظيمن کي گڎيل قومن جي احكامن تحت كالعدم قرار ڏنو

ٻنهي رخن جا نتيجا جيستائين سامهون اچن . ويو آهي

تيستائين اسين وفاقي توڙي صوبائي سركار سنڌ کان اهو

ي ذكر هيٺ آيل مطالبو كرڻ پنهنجو فرض سمجهون ٿا ته مٿ

دهشتگردي وارا نيٹ ورڪ ڇاكاڻ پنهنجا پير سنڌ تائين به

پکيڑي چكا آهن تنهن كري ضروري آهي ته انهن جي به

كنهن كرڙي اک سان اسكيننگ كئي وڃي ۽ گڎيل قومن

جي کنيل قدمن موجب سندن اثاثا هكدم منجمند كيا وڃن ته

كاڻ ته جيئن سنڌي ماڻهو اهڑن مامرن کان محفوظ رهن، ڇا

سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ امن، محبت ۽ پيار جو هك اهڑو اجهو

رهيو آهي جتي رنگ، نسل، ذات پات کانسوا سڀ ماڻهو

.مذهبي رواداري سان هك ٿي رهيا آهن

)ع2015جنوري 24: ڇپيل(

Page 94: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

وفاق جا فيصال سنڌ خالف ڇو ٿا وڃن؟

8لک ۽ پنجاب کي 4اقتصادي رابطا كميٹي سنڌ کي

سبسڈي ۾ . لک ٹن كڻك پرڏيهه وكڻڻ جي اجازت ڏئي ڇڎي

پنجاب کي وڌيك رعايت ڏيڻ جو فيصلو كيو آهي، جڎهن ته

جي منظوري بجلي جي سموري الڳت به قيمت ۾ شامل كرڻ

اقتصادي رابطا كميٹي جو اجالس ناڻي واري . ڏني وئي آهي

وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بجلي پيداوار

ايندڙ الڳت کي به قيمت جو حصو بڻائڻ جي منظوري ڏني تي

. وئي، ان ال نيپرا کي پاليسي بابت حكم جاري كيا ويا آهن

هن فيصلي سان فرنيس آئل جي قيمتن ۾ الٿ جو فائدو عوام

بجلي ٹرانسميشن الئنون لڳائڻ ۾ خانگي . کي نه ملي سگهندو

ور شعبي کي سيڑپكاري جي اجازت ڏيڻ جي تجويز به منظ

لک ٹن ۽ 4اقتصادي رابطا كميٹي سنڌ کي . كري ورتي

لک ٹن كڻك پرڏيهه اماڻڻ جي به اجازت ڏئي 12پنجاب کي

ڊالر في ميٹرڪ ٹن 55كڻك جي برآمد تي پنجاب کي . ڇڎي

ڊالر في ميٹرڪ ٹن سبسڈي 45سبسڈي ڏني ويندي ۽ سنڌ کي

كڻك توڙي كڻك مان تيار ٿيل شيون ٻاهران گهرائڻ . ملندي

وزيرستان مان لڎپالڻ كندڙن ۾ . به بندش لڳائي وئي آهي تي

هزار ٹن 30كڻك ورهاست ال خوراڪ جي عالمي اداري کي

اسان کي اها . كڻك فراهم كرڻ جو فيصلو كيو ويو آهي

Page 95: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته هك طرف وفاق مڑني صوبن

سان انصاف جو هوكا ڏيندي نه ٿو ٿكجي، ٻئي طرف فيصال

يا وڃن ٿا، جنهن سان وفاق ۽ صوبن ۾ ناراضگيون احرا ك

ڇا . پنجاب ۽ سنڌ ال الڳ الڳ فيصال ڇو پيا كيا وڃن. وڌن

پنجاب ئي اصلي پاكستان آهي ۽ ٻيا صوبا اها حيثيت نه ٿا

.لهڻن

سنڌ حكومت اقتصادي رابطا كاميٹي جي فيصلي کي

سنڌ . رد كندي، ان کي سنڌ سان ناناصافي قرار ڏنو آهي

وفاق پاران كڻك خريد نه كرڻ واري معاملي تي حكومت

ڳالهائڻ ال ٹاسك قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد

خورشيد شاهه کي ڏئي ڇڎيو، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه

لک ميٹرڪ 5بدران 4چيو آهي ته وفاقي حكومت سنڌ کان

وزيراعلي هائوس كراچي ۾ وڏي .. ٹن كڻك خريد كري

ائم علي شاهه سان مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد وزير سيد ق

مالقات . خورشيد شاهه ۽ پ پ اڳواڻ زمرد خان مالقات كئي

جي موقعي تي وفاق پاران سنڌ کان كڻك گهٹ خريد كرڻ

مالقات ۾ سنڌ . واري معاملي تي غور ويچار كيو ويو

لک 4حكومت پاران اقتصادي كائونسل جي سنڌ کان

.. فيصلي کي رد كيو ويو ميٹرڪ ٹن كڻك خريد كرڻ واري

ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خورشيد شاهه کي

ٹاسك ڏنو ته هو وفاقي حكومت سان كڻك واري معاملي تي

لک 5وڏي وزير چيو ته وفاقي حكومت سنڌ کان .. ڳالهائي

ان موقعي تي زمرد خان وڏي .ميٹرڪ ٹن كڻك خريد كري

Page 96: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كرڻ بابت بريفنگ وزير کي كراچي ۾ سوئيٹ هوم قائم

.ڏني

سنڌ سركار کي وفاق طرفان ٿيندڙ ناانصافين خالف

هر قسم جي انيا . مضبوط كيس جوڙي اڳيان اچڻ گهرجي

آخر سنڌ سان هن ملك . خالف هر فورم تي آواز ٿارڻ گهرجي

ان سان صوبن ۾ وفاق . ۾ اهڑو سلوڪ ڇو پيو كيو وڃي

.خالف بدگمانيون پئدا ٿينديون

)ع2015وري جن 25: ڇپيل(

Page 97: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

دهشتگردن جو پوليس خالف ٹارگيٹيڈ آپريشن

كراچي ۾ دهشتگردن جو سنڌ پوليس خالف ٹارگيٹيڈ

آپريشن جاري آهي، گذريل كجهه ڏينهن اندر دزن کن پوليس

اهي وارداتون .اهكارن کي تارگيٹ وٺي شهيد كيو ويو آهي

ٻن ٹن شهر جي انهن عالئقن ۾ ٿيون آهن، جتي گذريل

ناظم آباد، . ڏهاكن کان هك ئي ڌر جو اثر رسوخ رهيو آهي

اللو کيت، بهار كالوني، شاهه فيصل كالوني ۽ كجهه ٻين

عالئقن ۾ چونڈي چونڈي انهن پوليس اهلكارن کي ماريو پيو

ان جو . جن جو واسطو سنڌ جي اندرين عالئقن سان آهي. وڃي

ڻتاثر ڏيهي ٿو ته كجهه ڌريون اهو مقصد هك ئي ٿي سگ

بت سن نگهرن ٿيون ته سنڌ جي گادي واري شهر ۾ سنڌ سا

رکندڙ كنهن به پوليس يا كنهن ٻئي کاتي جي عملدار کي

ارگيٹ كيو ٹپوليس کي جنهن نموني . كيو ويندوبرداشت نه

پيو وڃي، ان مان اهو باور كرائڻ جي كوشش كئي پئي

وڃي ته شهر جا مخصوص عالئقا سنڌ حكومت جي عملدارن

. نو گو ايرياز بڻيل آهنال

سنڌ جي گادي واري شهر کي وقت بوقت دهشتگردي

جو نشانو بڻائيندڙ كنهن کان به ڳجها ناهن، سندن ايجنڈا به

كراچي ۾ هي كو پهريون واقعو ناهي جو . لكل ناهي

دهشتگردن پوليس کي نشانو بنايو هجي، پر هن کان اڳ به

دنصيب شهر ۾ وكيلن کي هن ئي ب. اهڑا واقعا ٿيندا رهيا آهن

زنده ساڙيو ويو، سپريم كورٽ جي اڳوڻي چيف جسٹس کي

Page 98: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

شهر ۾ اچڻ کان روكڻ ال سندس استقبال ال ويندڙ وكيلن

کي ماريو ويو ۽ چيف جسٹس کي كراچي هوائي اڏي اندر

ان کان سوا به شهر ۾ اهڑو كو ڏينهن . يرغمال رکيو ويو هو

دهشتگردن طرفان عام خالي نه رهيو آهي، جنهن ڏينهن

شهرين، سياسي مخالفن ۽ ٻولي جي فرق سبب بي گناهه ماڻهن

پر ايترن سارن واقعن باوجود اڄ تائين وقت . کي نه ماريو هجي

جي حكمرانن انهن دهشتگردن جي رستا روڪ كرڻ ال كا

جنهن سبب قاتلن ۽ رهزنن جا . اثرائتي كارروائي نه كئي آهي

.حوصال وڌيل آهن

اچي ۾ دهشتگردن کي ڇوٽ ڏيڻ ۾ نه فقط شهر كر

حكومت ملوث رهي آهي، پر ان ڏوهه کان قانون الڳو كندڙ

كراچي ۾ . ٻين ادارن کي به آجو كري نه ٿو سگهجي

دهشتگردي جون تازيون وارداتون ٻڌائين ٿيون ته آپريشن

باوجود دهشتگرد قانون الڳو كندڙ ادارن جي پكڑ ۾ اچي نه

اري اڄ به آزاد آهن ۽ هو جنهن وقت خطرناڪ ڏوه. سگهيا آهن

حكومت كراچي . به چاهين شهر کي باهه ۾ اڇلي سگهن ٿا

انهن . کي دهشتگردن کان آجو كرڻ ال بي رحم آپريشن كري

مڑني جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي، جيكي

معصوم ماڻهن کي مارڻ ۾ ملوث آهن، جيكڎهن هاڻي به

كراچي کي دهشتگردن جي سياسي مصلحتن کي آڏو آڻيندي

. رحم كرم تي ڇڎيو ته پو هي شهر سڑي ڀسم ٿي ويندو

انهن . كجهه قوتون شهر ۾ پنهنجي هك هٹي چاهين ٿيون

ڌرين طرفان مخالفن کي نشانو بنائي شهر تي قبضي کي پختو

Page 99: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

جنهن کي حكومت کي عوام جي مدد . كرڻ جي كوشش آهي

.سان ناكام بنائڻ گهرجي

چئي مطابق كراچي ۾ آپريشن جڎهن حكومت جي

پو هي قاتل ۽ رهزن كيئن پنهنجن ٻرن مان ٻاهر . جاري آهي

ٹارگيٹ كلرز جو ٻيهر سرگرم ٿيڻ ٻڌائي ٿو . نكري آيا آهن

ته موجوده آپريشن دوران شهر کي رت ۾ وهنجاريندڙ ڏوهاري

کين فقط وقت . پكڑ ۾ نه اچي سگهيا آهن ۽ هو باسالمت آهن

ئن ئي کين موقعو ملي ٿو ته هو ٻيهر جو انتظار آهي، جي

هوڏانهن قانون الڳو كندڙن تازو اهو . سرگرم ٿي وڃن ٿا

اعتراف كيو آهي ته كراچي ۾ اڃا به كيترائي نوگوايرياز

هنن ٻڌايو آهي ته نوگوايرياز جون فهرستون تيار . موجود آهن

كيون ويون آهن، جلد اتي كارروائي كري عالئقا كليئر

انون الڳو كندڙن جي بيان سان اهو ثابت ٿئي ق. كرايا ويندا

ٿو ته كراچي ۾ هلند ڙ آپريشن اڃا پنهنجا نتيجا ڏئي نه

سگهيو آهي ۽ وقت گذرڻ سان معاملو ٿڌو ٿيندو پيو وڃي يا

جيكڎهن آپريشن . ان کي سرد خاني حوالي كيو پيو وڃي

فقط لياري تائين محدود رکڻو آهي ۽ باقي شهر ال ممنوع

جيئن . آهي ته پو ان جو باضابطا اعالن ٿيڻ گهرجيقرار ڏنل

.معصوم ماڻهو كنهن غلط فهمي ۾ نه رهن

)ع2015جنوري 26: ڇپيل(

Page 100: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كمند جو مامرو ۽ سنڌ حكومت جي بي وسي

سنڌ سركار طاقتور شگر ملز مالكن اڳيان بي وس

گذريل هك مهيني کان آبادگار كمند جو . بڻجي چكي آهي

پر حكومت ملڻ خالف احتجاج تي آهن، سركاري اگهه نه

پنهنجي ئي اعالن تي عمل كرائڻ ۾ گوٿناٿ کان كم وٺي

هاڻي جڎهن آبادگارن جي تحريك وڌيك سگهاري . رهي آهي

ٿي آهي ۽ اڄ آبادگارن طرفان حيدرآباد ٹول پالزه تي ڌرڻو هڻڻ

جو اعالن كيو ويو آهي ته ان کان ٺيك هك ڏينهن اڳ وڏي

آبادگارن جي اهنجن جو احساس ٿيو ۽ پاڻ سڳوري وزير کي

جنهن بعد شگر ملز کي نوٹيس جاري . معاملي جو نوٹيس ورتو

شگر ملز جا طاقتور مالك انهن نوٹيسن جو . كيا ويا آهن

جواب ڏيندا يا نه، پر اها سڀني کي خبر آهي ته هتي حكومتي

نوٹيس وٺڻ ۽ ڏي جواب، وٺ جواب وانگر معاملو حل كرڻ

.اينگهائيندا آهن بدران

آبادگارن کي كمند جو حكومت پاران مقرر كيل اگهه

نه ملڻ خالف كيترن ڏينهن کان هلندڙ احتجاج کانپو سنڌ

شوگر ملن کي نوٹيس جاري كري ڇڎيا آهن 28حكومت

نوٹيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شوگر ملون حكومت پاران مقرر

كارروائي كيل اگهه تي عمل نه كرڻ تي سندن خالف سخت

ٻئي طرف آبادگارن جي سربراهه ۽ نواز ليگ جي اڳواڻ . كندي

ڊاكٹر راحيال مگسي شگر ملز کي نوٹيس واري معاملي کي

Page 101: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

حكومت جي چال قرار ڏنو آهي ۽ اعالن كيو آهي ته اڄ هر

هن چيو آهي ته سمورن آبادگارن . صورت ۾ ڌرڻو هنيو ويندو

سان مالقات پر هنن وڏي وزير . سان رابطو كيو ويو آهي

حكومت آبادگارن جي تاريخي . كرڻ بابت كابه ڄاڻ ناهي ڏني

. ڌرڻي کي ناكام كرڻ جي ال افواهون پکيڑي رهي آهي

آبادگار ۽ سياسي تنظيمون حيدرآباد ٹول پالزه وٽ تاريخي

هن چيو ته . ڌرڻو هڻي حكومت جي هك هٹي کي ختم كندي

ن جا جٿا سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کان آبادگارن ۽ هاري

ٻئي طرف سنڌ جي اطالعات ۽ بلديات . ڌرڻي ۾ شركت كندا

واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته كمند جي اگهه ۽

. آبادگارن جي آڙ ۾ سياست كندڙن کي كوبه فائدو نه ٿيندو

اهي سڀئي اسان جا ووٹرز آهن ۽ کين ان ڳالهه جي چڱي ريت

كجهه كري رهي خبر آهي ته سنڌ حكومت انهن ال اهو سڀ

جيكي . آهي، جيكو حكومت کي انهن ال كرڻ گهرجي

182ملون انهن آبادگارن ۽ هارين کان حكومت جي مقرر كيل

رپيا في مڻ كمند جي حساب سان خريد ناهن كري رهيون،

انهن کي وزيراعلي سنڌ جي هدايتن تي كين كمشنر جي

يو ته شرجيل انعام ميمڻ چ. ذريعي نوٹيس جاري كيا ويا آهن

كمند جي مسئلي تي وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه جو

رپيا 182واضح موقف آهي ته سنڌ حكومت پاران مقرر كيل

في مڻ كمند جي حساب سان شگرملز آبادگارن کان كمند

هن چيو ته ان کانپو ملز مالك عدالتن ۾ هليا . خريد كنديون

هيٺ آهي، ويا ۽ هاڻ به اهو معاملو سپريم كورٽ ۾ التوا

جڎهن ته وزيراعلي سنڌ گذريل ڏينهن كين كمشنر کي تاكيد

Page 102: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كئي آهي ته هو ملز مالكن کي ان حوالي سان نوٹيس جاري

كري ته هو آبادگارن ۽ هارين کان كمند سركاري مقرر كيل

هن چيو ته آبادگارن ۽ هارين جي نالي تي . اگهه تي خريد كن

ي پوري كوشش كجهه سياستدان پنهنجي سياست چمكائڻ ج

كري رهيا آهن، پر کين مايوسي کانسوا كجهه حاصل نه

هن چيو ته ان کان اڳ به جڎهن شگرملن پاران كرشنگ . ٿيندو

سيزن جي شروع ٿيڻ جي باوجود ملون نه شروع كيون ويون،

تڎهن به اسان ئي ملن کي كرشنگ شروع كرڻ جا حكم ڏنا

پهريان هك سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته. هئا

وفاقي حكومت کنڈ تي سبسڈي ڏيندي هئي، جيكا هاڻ ختم

. رپين جو فرق آيو آهي 8کان 6كئي وئي آهي، جنهن سان به

هك ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعلي سنڌ پاڻ

سمورن آبادگارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ آبادگارن کي به

هن . ن گڎ آهيڄاڻ آهي ته پيپلز پارٹي ۽ سنڌ حكومت انهن سا

چيو ته كمند جي فصل سان الڳاپيل آبادگار اسان جي زرعي

آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو آهن ۽ اسان کي سندن مشكل

اسان صوبائي حكومت جي . ۽ پريشانين جو به احساس آهي

نيت تي شك كرڻ وارا كير ٿيندا آهيون، پر اها ڳالهه پڌري

كي سنجيده آهي ته سنڌ سركار هن معاملي کي حل كرڻ ال

جنهن كري سنڌ جي معيشت کي كاپاري . اپا نه ورتا آهن

جيكڎهن هن معاملي کي اڃا به اينگهايو . ڌڪ رسي رهيو اهي

ويو ته پو سنڌ جي زرعي معيشت تباهي جي كنڌي تي پهچي

.ويندي

)ع2015جنوري 27: ڇپيل(

Page 103: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ جي آبادگارن جو تاريخي احتجاج

آبادگارن ۽ ٻين گهڻ گهرن حيدرآباد سنڌ جي هزارين

ٹول پالزه تي تاريخي ڌرڻو هڻي، شگر ملز مالكن جي هك

چئلينج هٹي ۽ ان کي تحفظ مهيا كندڙ حكومت کي وڏو

هاڻي بال حكومت جي كورٽ ۾ آهي ته هو . ڏئي ڇڎيو آهي

پنهنجي جمهوريت پسندي ۽ عوام دوستي جو ثبوت ڏيندي،

مان ڏئي ته آباگارن کي كمند سنڌ جي ماڻهن جي جائز گهر کي

جو فقط اهو اگهه ملڻ گهرجي، جيكو سركار سڳوري پاڻ

اهو اگهه به كاٺين جي اگهه کان به سستو . مقرر كيو آهي

آهي، پر افسوس جو كمند پوکيندڙن جو فصل سكل كاٺين

.جيترو به ملهه نه ٿو لهڻي

حيدرآباد ٹول پالزه تي ڌرڻو هڻي سنڌ جي سياستدانن،

ستن، آبادگارن ۽ هارين مطالبو كيو آهي ته گورنمينٹ قومپر

روپيا كمند جو اگهه آبادگارن کي 182جي نوٹيفيكشن مطابق

سيكڑو ناجائز كٹوتي ختم 30کان 10ڏنو وڃي، ملز طرفان

كرائي وڃي، كمند تي آبادگارن کي كوالٹي پريميم ڏياري

ع 2014آكٹومبر 15. وڃي، هٿرادو زوننگ ختم كرائي وڃي

کان ملز نه هالئيندڙ خالف روزانو جي بنياد تي ڏنڈ وڌو وڃي،

ع جون بقاياجات آبادگارن 2014ع ۽ 2013شگر ملز مالكن کان

Page 104: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كالكن 8كالهه ڄامشوروسپرها وي تي . کي ڏياريون وڃن

تائين ڌرڻو هڻي سپر ها وي کي ٻنهي پاسن کان بند كيو ويو

سبب گاڏين ڌرڻي. ڌرڻي ۾ هزارين ماڻهن جي شركت كئي

فيبروري تي ٻيهر ساڳئي جا تي 11جون قطارون لڳي ويون،

ان کان پهرين كراچي ۾ كمند . ڌرڻو هڻن جو اعالن كيو ويو

، سارين، ڦٹين، كڻك، بصر ۽ ٻئي فصل جا صحيح اگهه نه

.ملڻ بابت كانفرنس كوٺائڻ جو پڻ اعالن كيو ويو

سنڌ سنڌ حكومت ۽ سنڌ ها كورٽ جي حكمن جي باوجود

روپيا نه ڏيڻ سنڌ جي آبادگارن 182۾ كمند جو سركاري اگهه

سنڌ ۾ . کي معاشي نقصان پهچائي كمزرو كرڻ برابر آهي

سارين، بصر، كڻك ۽ كپهه جا اگهه صحيح نه ملڻ خالف سنڌ

پر سندن ڳالهه اهي . جا آبادگار وڏي وقت کان دانهين رهيا آهن

ئي چونڈي ايوانن ۾ چونڈيل نمائندا به نٿا ٻڌن، جن کي هنن

.موكليو آهي

روپيا كمند جو اگهه مقرر كيو آهي ۽ 182ها كورٽ

سنڌ حكومت به ان تي آماده آهي پر ان باوجود آبادگارن کي

سالن کان وٺي سنڌ جي 7گذريل . جائز حق نه پيو ڏنو وڃي

كمند جو اڄوكو . زراعت ۽ آبادگارن سان ظلم كيو پيو وڃي

ريل حكومت کان هٺ ڌرمي جاري آهي هي گذ. مسئلو نه آهي

سالن کان صنعتن، انڈسٹريز تي قبضا كيا ويا 7سنڌ ۾ گذريل

. آهن پر صنعتكارن کي صنعتون ۽ انڈسٹريز کولڻ نٿا ڏين

لڳي ٿو ته حكمران ڳالهين ۽ دليلن سان كجهه به مڃڻ ال تيار

.نه آهن

Page 105: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جي آبادگارن جا مسئال مستقل

هن ڌرڻي ۾ سنڌ جي زراعت بچائڻ ال . تي حل ٿين طور

سنڌ جا . جيكو جذبو ظاهر كيو ويو آهي اهو رائيگان نه ويندو

حكمران عوام کان ماني ڳڀو ڦري ۽ خالي پيٹ تي لت ڏئي

روپيا كمند 182گورنمينٹ جي نوٹيفيكشن مطابق . رهيا آهن

كڑو سي 30کان 10جو اگهه آبادگارن کي ڏنو وڃي، ملز طرفان

ناجائز كٹوتي ختم كرائي وڃي، كمند تي آبادگارن کي

كوالٹي پريميم ڏياري وڃي، هٿرادو زوننگ ختم كرائي

ع کان ملز نه هالئيندڙ خالف روزانو 2014آكٹومبر 15وڃي،

ع ۽ 2013جي بنياد تي ڏنڈ وڌو وڃي، شگر ملز مالكن کان

.ع جون بقاياجات آبادگارن کي ڏياريون وڃن2014

)ع2015جنوري 28 :ڇپيل(

Page 106: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سي پي ايل سي ۽ چنائي كير آهن؟

سنڌ جا ماڻهو كافي وقت کان ان ڳالهه تي حيران آهن

ته كراچي ۾ سنڌ حكومت ۽ ان جي قانون الڳو كندڙ کاتن

جي موجودگي ۾ به كا قوت متبادل حكومت هالئي رهي

شهري كاميٹين ۽ شهري فورسز جي نالي تي خانگي .آهي

جن كراچي . ادارا پنهنجو متبادل نظام قائم كيون ويٺا آهن

اهي . ۾ شريف شهرين جو جيئڻ جنجال كري ڇڎيو آهي

خانگي يا نيم خانگي فورسز اڳوڻين حكومتن طرفان هك

سياسي ڌر کي خوش كرڻ ال قائم كرڻ جي اجازت ڏني وئي

هئي، جيكي هن وقت به نه صرف متحرڪ آهن، پر سياسي

هري امن جي نالي تي پنهنجو نشانو بڻائي رهيا مخالفن کي ش

.آهن

كالهه ان جي هك پكي شاهدي تڎهن ملي، جڎهن

رينجرز هك شهري جي چوڻ تي سٹيزن پوليس الئيزن

. كاميٹي جي سربراهه احمد چنائي جي اڏي تي ڇاپو هڻي

سندس وٽ يرغمال كيل ما ۽ پٹ کي بازياب كرائي ورتو ۽

هك . يا رقم به هٿ كري ورتي لک روپ 15ڀتي ال آندل

شهري كالهه رينجرز کي خط لکي اطالع ڏنو ته سندس پٹ

الريب کي رينجرز جي ٹاسك فورس بغير ڀتي جي بازياب

پر سندس بازياب ٿيل پٹ ۽ زال کي سي پي ايل . كرايو هو

الريب جي والد پاران ڊي جي رينجرز . سي ۾ روكيو ويو هو

Page 107: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

رينجرز جي سيل کان عالوه کي لکيل خط ۾ چيو ويو ته اسان

سي پي ايل سي ۾ به پٹ الريب جي اغوا جي رپورٽ داخل

سي پي ايل سي جي عهديدارن گهرواري ۽ پٹ . كرائي هئي

کي چيو ته توهان كيڎانهن به نه وڃو، اسان كارروائي كري

ان کان پو هنن گهرواري ۽ پٹ کي روكيو ويو . رهيا آهيون

. حمد چنائي پاڻ وٽ روكي ڇڎيلک روپيا رقم به ا 15۽ سندن

.جيكا هو ڀتي طور وصول كرڻ گهري پيو

آخر اها سٹيزن پوليس الئيزن كاميٹي ۽ سندس

سربراهه احمد چنائي كير آهن، جيكي پوليس جي موجودگي

۾ پنهنجو ٿاڻو هالئي رهيا آهن ۽ ٻڌي ڇوڙي جا كم كري

آخركار سنڌ حكومت ان متبادل پوليس نظام کي . رهيا آهن

ڇو پئي خاموشي سان برداشت كري ۽ ان تي بندش الڳو ڇو نه

هي سڀ كجهه كنهن جي چوڻ تي ٿي رهيو . ٿي كئي وڃي

احمد چنائي كهڑي قانون تحت ماڻهو بازياب كرائي ٿو . آهي

. يا سٹيزن پوليس جي نالي تي پاٿاريداري قائم كيو ويٺو آهي

سنڌ ۾ هي قانون جو ٻٹو نظام قائم كرن جو كهڑو مقصد

اهو . آهي، اهڑي نظام سان كنهن کي فائدو ٿي رهيو آهي

ان پويان . ادارو ماضي ۾ كنهن جي چوڻ تي ٺاهيو ويو هو

ان سان گڎ سنڌ . عوام کي اهو ٻڌائڻ گهرجي. كهڑا مقصد هئا

جو هر قانون پسند شهري اهو مطالبو ٿو كري ته سي پي ايل

ئڻ سي کي هكدم بند كري ان جي سربراهه کي پاٿاري هال

.جي ڏوهه هيٺ سوگهو كيو وڃي

)ع2015جنوري 29: ڇپيل(

Page 108: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

دهشتگردن جو سنڌ تي حملو

بي رحم ۽ انسانيت جي ويري دهشتگردن سنڌ جي

. ثقافتي شهر شكارپور کي رت ۽ باهه ۾ ڌكي ڇڎيو آهي

گذريل سال سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي حملن

كالهه شكارپور شهر جي امام بارگاهه ۾ بم ڌماكو كري بعد

50معصوم ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڏنو آهي، جڎهن ته 57

جن . کان وڌيك شهري سخت زخمي ٿي اسپتالن ڀيڑا ٿيا آهن

سنڌ ۾ بمن جا . جي حالت به انتهائي نازڪ ٻڌئي وڃي ٿي

مسلسل حمال ٻڌائين ٿا ته مظلوم ماڻهن جو وطن دهشتگردن

بم ڌماكن جي صورت ۾ ٿيل خوني . خاص نشاني تي آهي جي

حمال پنهنجي اندر سنڌ جي ماڻهن ال هك ڀوائتو پيغام کڻي

كجهه وقت کان سڄي ملك ۽ خاص كري سنڌ جي . آيا آهن

راڄڌاني كراچي ۾ فرقي واراڻيون كارروايون وڌنڌي ڏسڻ

۾ اچي رهيون آهن، ههڑن واقعن پڄاڻان جيكا پرتشدد فضا

ي ٿي ان ۾ واقعي خالف رد عمل، ٹوڙ ڦوڙ ۽ فرقي جنم وٺ

واراڻي سهپ واري ماحول کي سخت ڇيهو رسندي ڏسڻ ۾

بظاهر لڳي به ائين رهيو آهي ته هن قسم جا واقعا . اچي ٿو

كرڻ يا كرائڻ جو بنيادي كارڻ به سنڌ ۾ هك اهڑي تضاد کي

Page 109: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

هٿي ڏيئي ممڻ مچائڻو آهي جيكو اصولي طور سنڌ جي

. وجود نه ٿو رکي سماج ۾ كو وڏو

ملك جي سياسي تاريخ ۾ سنڌ سوين سياسي ناٹك ۽

جڑتو تضاد اکين ڏٺا آهن، جن ذريعي سنڌ جي پرامن معاشري

کي ڊانوان ڊول كري پنهنجا وقتي مفاد پورا كرڻ جون

كوششون كيون ويون آهن، انهن كوششن ۾ سنڌ جي سهپ،

ان ڀائيچاري ۽ اجتماعي ڏاهپ ۽ تاريخ جي ڊگهي تجربي م

حاصل كيل صوفياڻي ۽ سيكيولر كلچر کي مذهبي يا فرقي

واراڻي تضاد هيٺ هٿرادو طريقي سان نوڙي مان نانگ ٺاهڻ

ضيا الحق جي زماني کان هيل . واريون حركتون به شامل آهن

تائين ٿيندڙ اهڑين سمورين كوڙكين کان سنڌ پاڻ کي

ي بچائيندي آئي آهي، ان ۾ نه رڳو سنڌ جي عام لوڪ، سياس

پارٹين، سماج سڌاركن پر سنڌ جي مذهبي ڌرين جو به وڏو

كرداررهيو آهي، ڇو ته سنڌ ۾ كم كندڙ مذهبي جماعتن جا

اڳواڻ ۽ كاركن پڻ سنڌ جي انهي ضمير ۽ مٹي مان جڑي

راس ٿيل آهن، جنهن ۾ تشدد ۽ خونريزي ال تمام گهٹ

گنجائش موجود آهي، ان كري هزار كوششن باوجود سنڌ اهو

.ختيار نه كيو آهيدڳ ا

هن صورتحال ۾ سڄي سنڌي سماج جي اها ذميواري

ٿئي ٿي ته هو اهڑن واقعن پٺيان خطرناڪ مقصدن کي پنهنجي

اجتماعي شعور ۽ ڏاهپ جي بنياد تي سمجهي اهڑين سمورين

كوششن کي ناكام بڻائي ۽ سنڌ جي سونهن ۽ سهپ تي ٻڌل

ر مٿان خاص ذميواري سنڌ سركا. معاشري جي رکوالي كري

اچي ٿي ته اها پنهنجيون ذميواريون پوريون كري، انهن

Page 110: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

واقعن پٺيان لكل هٿن تائين پهچي ۽ سنڌي سماج کي ان باهه

۾ كرڻ کان بچائي، ڇاكاڻ ته انهن واقعن مان لڳل باهه مان

جيكي شعال نكرڻا آهن، سي سڄي سنڌ کي ته لهس ۾ آڻيندا،

.بچي سگهنديپر انهن جي تپش کان سنڌ سركار پاڻ به نه

ان ڳالهه ۾ كو به شك نه آهي ته سنڌ جا ماڻهو نفرتن جي

بدران پيار ۽ امن جا امين رهيا آهن ۽ ان ڏس ۾ صوفين جو

مذهب، فرقي، ٻولي، نسل ۽ قوميت . به اهم كردار رهيو آهي

جي بنياد تي سنڌين كڎهن به كنهن سان نفرت نه كئي آهي نه

كافي عرصي کان . ئي نفرت جو جواب نفرت سان ڏنو آهي

سنڌ جي وحدت کي نسل، ٻولي ۽ فرقي جي بنيادن تي نفرتون

پکيڑي نقصان پهچائڻ جي كوشش ٿيندي رهي آهي ۽ اهي

اكثر ناكام ٿينديون رهيون آهن، مهاجر صوبي جا نعرا ۽

كراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ دهشتگرد حمال به ان

امان قائم اسان سمجهون ٿا ته امن. سلسلي جون كڑيون آهن

كرڻ ۽ ماڻهن کي تحفظ فراهم كرڻ حكومت جي ذميواري

آهي پر صوبائي توڙي وفاقي حكومت اها نڀائڻ ۾ ناكام

سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته دهشتگردن جو نرسريون . رهي آهي

كٿي كٿي كم كري رهيون آهن حكومتي عهديدار چڱي

ريت ڄاڻن ٿا ته دهشتگردن جي چرپر رڳو پنجاب مان نه پئي

ئي ۽ انهن جا اڏا ٻين هنڌن تي به آهن، خاص كري كراچي ۾ ٿ

جيكي نسل پرست دهشتگرد روز ڊزن جي حساب سان ماڻهو

ماري رهيا آهن، انهن بابت حكمران ٻڑڪ ٻاهر كڍڻ ال تيار

ان كري حكومت کي الزام تراشي كرڻ بدران . ناهن

سنڌ کي دهشتگردن کان . پنهنجون ذميواريون ادا كرڻ گهرجن

Page 111: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

غير قانوني پرڏيهين . كرڻ ال اثرائتو آپريشن كيو وڃي پاڪ

ان سان ئي دهشتگردي جا دڳ بند . کي نيكالي ڏني وڃي

.كري سگهجن ٿا

)ع2015جنوري 31: ڇپيل(

Page 112: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ تي حملو كندڙ جا پيرا وزيرستان ۾ ڳولڻ

گهرجن

. شكارپور واقعي سنڌ جي وجود کي لوڏي ڇڎيو آهي

افسوسناڪ سانحي بعد سنڌ جو هر شهر، ڳوٺ، ماركيٹ ۽ هن

بازار، مسجد، امام بارگاهه، مندر ۽ كليسا غير محفوظ بڻجي

سنڌ جا معصوم ٻچا اسكولن سميت راند جي ميدان .وئي آهي

سنڌ تي حملو كندڙ يقينن هن . ۾ به غير محفوظ ٿي ويا آهن

تي ڇاكاڻ ته مذهب جي نان. ديس جا واسي ٿي نه ٿا سگهن

دهشتگردي كندڙن جو سنڌ سان پري پري جو به واسطو ناهي،

هن خطي ۾ سنڌ . پر هو ملك جي ٻين عالئقن کان هتي آيا آهن

ئي اهڑو وطن رهيو آهي، جتي برصغير جي ورهاڱي کان اڳ

مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ دهشتگردي جو پري پري تائين

پنهنجي صدين سنڌ جي ماڻهن . كوبه نالو نشان موجود نه هو

جي تاريخ ۾ كڎهن به كنهن پرائي ديس تي قبضو نه كيو

زور ۽ زبردستي كنهن جو در نه اورانگهيو آهي، كنهن . آهي

سنڌ جي پنج هزار . ڌارئي ديس جي ڌرتي تي واالر نه كئي آهي

سال کان وڌيك پراڻي تاريخ ٻڌائي ٿي ته دنيا ۾ سنڌ ئي اهڑي

نهنجي يا پرائي کي قوم جو وطن رهيو آهي، جنهن قوم پ

هندو، مسلمان، ٻڌ ۽ . مذهب جي متڀيد تي خون نه كيو آهي

جين مت جا پوئلڳ هن ئي ديس ۾ امن، ڀائيپي ۽ رواداري

شيعا، سني، بريلوي يا ديوبندي جي بنياد تي . سان رهيا آهن

Page 113: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

. سنڌي ماڻهن كڎهن به پنهنجا عبادتگاهه الڳ كونه كيا آهن

۽ امام بارگاهن، مندرن ۽ آپگهاتي بم ڌماكا كرڻ، مسجدن

كليسائن ۾ عبادت دوران جيكڎهن كنهن جنوني پنهنجي

مخالف جو كنڌ كوريو ته اهو سنڌ جي مٹي سان واسطو

سنڌي مسلمان ته سنڌي هندن سان هولي به . رکندڙ نه رهيو آهي

گڎ ملهائيندا آهن ته وري سنڌي هندو ڀٹ ڌڻي جي ميلي، سچل

ننگري ۾ پيار ۽ محبت ونڈڻ ۾ جي درگاهه ۽ شاهه عنايت جي

سنڌي ماڻهن ال . مسلمانن کان كڎهن به پوئتي نه رهيا آهن

سڀ عبادت گاهون ۽ آستان، سڀ مذهب ۽ نظريا كڎهن به

انسانيت کان مٿانهان نه رهيا آهن، جيكڎهن ائين چئجي ته ان

ڳالهه ۾ كوبه وڌا نه ٿيندو ته سنڌ جا ماڻهو مسلمان، هندو، ٻڌ،

۽ سني کان اڳ انسان هجڻ ۾ پختو يقين رکن ٿا ته ان شيعا

پو سيكيولر سنڌ کي . ڳالهه ۾ كوبه وڌا نه ٿيندو

انتهاپسندي جون هي اماڙيون كنهن بڇايون آهن، جو سنڌ ۾

.مذهب جي بنياد تي ماڻهن کي ماريو پيو وڃي

اسان سنڌ جا ماڻهو لطيف، سچل ۽ سامي جا وارث

هيا آهيون ته پو آخر اسان جي ديس کي بمن كنهن جا مدا نه ر

سان ڀسم كرڻ جا سانباها كندڙ كير آهن؟ سنڌ جي ماڻهن

انهن جنونين جا پيرا کڻي سندن ٿاكن ۽ وٿاڻن کان اڳ به

حكمرانن کي آگاهه كيو هو ۽ هاڻي به چون ٿا ته ٻيلي سنڌ ۾

پهتل ڌارين جون لوڌون ئي سنڌ کي ساڙي ڀسم كرڻ گهرن

سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي جي پيرن جا .ن آڏو بند ٻڌوانه. ٿيون

اسان کي بارود . نشان سوات ۽ وزيرستان ۾ وڃي دنگ كن ٿا

جي باهه ۾ ساڙيندڙ اهي ماڻهو آهن جن کي اسان جي

Page 114: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

حكمرانن ملكي ڀائيچاري جي نان تي اسان مٿان مڑهيو

هتان جي ديس ڌڻين کي هاڻي پنهنجي وطن جي سالمتي . آهي

سنڌ ۾ ان معاملي تي . ڳاپا الهي اڳيان اچڻو پوندوال سڀ ال

كي به ٻه موقف ناهن ته سنڌ ۾ بدامني، جنونيت ۽ دهشتگردي

اسان هيل تائين ڇڑوڇڑ نموني . ۾ ٻاهران آيل ماڻهو ملوث آهن

مختلف پارٹين جي الڳ الڳ پليٹ فارمن تان اها جدوجهد

پر هاڻي. كئي آهي ته سنڌ کي ڌارين کان پاڪ كيو وڃي

سنڌ جي مائرن، . خطرا اسان جي سر مٿان المارا ڏئي رهيا آهن

هاڻي ان کان سوا ڀينرن، ڀائرن ۽ پٹن جون حياتيون بچائڻ ال

ٻي كا واهه نه رهي ته سنڌ کي ڌارين کان مكمل پاڪ كيو

وڃي، ان ال رڳو حكومت تي ڀاڙڻ بدران هك قوم جي

.كرڻ گهرجنحيثيت ۾ اسان کي به پنهنجون ذميواريون ادا

)ع2015فيبروري 1: ڇپيل(

Page 115: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ دهشتگردن جي اطاعت قبول نه كندي

شكارپور ۾ دهشتگردن جي شرمناڪ كارروائي

خالف سنڌ جي كروڙين ماڻهن احتجاج كري ثابت كيو آهي

ته هو كنهن به انتهاپسند ٹولي کي سنڌ مٿان پنهنجي ايجنڈا

مذهب، فرقي، نظرئي يا كنهن سنڌ جا ماڻهو .مڑهڻ نه ڏيندا

هو سڀ شيعي، سني، . سوچ جي بنياد تي الڳ نه پر هك آهن

سنڌ . بريلوي، هندو ۽ مسلم کان اڳ فقط ئي فقط سنڌي آهن

سنڌ ئي هن ديس جي ماڻهن . سنڌين جي محبتن جو مركز آهي

هو كنهن به صورت ۾ . جي جياپي جي اميد ۽ آسرو آهي

ي ۽ جهنگلي ٹولي جي كنهن به مٿي ڦرئي دهشتگرد، وحش

شاهه، سچل ۽ سامي . بندوق جي زور تي اطاعت قبول نه كندا

جي هن ديس جو ٻچو ٻچو وحشتن جي رکوالن اڳيان پنهنجو

.ڀلي لکين ۽ كروڙين كنڌ كٹجي وڃن. كنڌ نه جهكائيندو

بم ڌماكن سان صدين جي تهذيب رکندڙ هن قوم کي فنا

جيان دٻجي به هي قوم موهن جي دڙي. كري نه ٿو سگهجي

اوچي رهندي، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو ناجائز اوالد پنهنجي

شكارپور ۾ معصوم . ابن ڏاڏن جيان نيست ۽ نابود ٿي ويندو

ماڻهن جي رت مان جيكي گالب ڦٹندا، اهي سڄي سنڌ

سنڌ جو صوفي تشخص نه فقط برقرار رهندو، . مهكائي ڇڎيندا

Page 116: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

کي وڌيك سگهارو پر هن خطي ۾ امن، رواداري، ڀائيچاري

ملك جي اترين عالئقن مان پنهنجي ايجنڈا کڻي سنڌ . كندو

. پهتلن کي هن ديس جا ماڻهو شكست ڏئي تڑي ٻاهر كڍندا

هن وطن جا ٻچا پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي انتهاپسندن کي

شكارپور حملو سنڌ . پنهنجي مادر وطن کان ڌكي ڌار كندا

جنهن جو مقابلو . آهيجي صوفياڻي اجتماعي شعور تي حملو

سنڌ جي مڑني گهڻ گهرن کي گڎجي . كرڻ جي ضرورت آهي

هنن هچائن مان جند آجي كرائڻ ال گڎيل جدوجهد كرڻ

كنهن به فرقي پرست ٹولي کي هن واقعي جي بنياد . گهرجي

تي سنڌ کي كنهن ٻئي جهنم ڏانهن ڌكڻ کان پاسو كرڻ

جي مذهبي ڇاكاڻ ته هي حملو كنهن فرقي يا ان . گهرجي

پر هي سڄي سنڌ تي وار كيو ويو . مقدس جا تي نه ٿيو آهي

جنهن جو كا هك كميونٹي نه پر سڄي سنڌ گڎجي . آهي

.مقابلو كندي

شكارپور واقعي بعد اها ڳالهه وڌيك پڌري ٿي بيٺي

آهي ته سنڌ کي پنهنجي جنگ پاڻ وڙهڻي پوندي، ان جو كوبه

هنن کي پنهنجن . ڻجندوكوبه سندس ڏڍ نه ب. ڀرجهلو نه ٿيندو

پيارن جا الش به اكيلي سر کڻڻا آهن ته ويرين سان ويڑهاند به

ڇاكاڻ ته شكارپور واقعي بعد سنڌ . هيكلي ئي كرڻي آهي

کان سوا ملك جي كنهن به كنڈ مان كوبه ننڍيرو يا وڏيرو

كي پي كي، پنجاب ۽ بلوچستان جي . سندن لڑڪ اگهڻ نه آيو

و اعالن كرن جي به خدا تعالى حكمرانن کي رسمي سوڳ ج

ايتري قدر جو وزيراعظم به كراچي ۾ . توفيق نه بخشي

هوندي پنهنجي ٻچن جا جنازا کڻندڙ سنڌين جو كلهي كانڌي

Page 117: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

رسمي طور تي ملك ۾ سوڳ جو اعالن كرڻ جي به . نه ٿيو

ملك جي محبت ۾ ڳوڙها . حكمرانن کي توفيق نه ٿي

۽ ڀائيچاري جون ڳاڙيندڙن، ڌرڻا هڻندڙن ۽ اسالمي اخوت

ڳالهيون كندڙن کي به سنڌين جي غم ۾ شركت ال وقت نه

هن سانحي تي ملكي استحكام ۽ ڀائيچاري . ملي سگهيو

جون ڳالهيون كندڙن سنڌ کي اكيلو كري کين سوچڻ ته

مجبور كيو آهي ته ڇا هو به هن ملك جا شهري آهن يا نه؟

)ع2015فيبروري 2: ڇپيل(

Page 118: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ين جي بيدخلي جي ضرورتراسنڌ ۾ امن ال ڌ

سنڌ اسيمبلي شكارپور سانحي خالف گڎيل مذمتي

ٺهرا اتفاق را سان منظور كري ورتو آهي، ميمبرن واقعي

جي عدالتي جاچ كرائڻ ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ

صوبائي سطح تي انٹيليجنس ادارو قائم كرڻ جو مطالبو ال

ٺهرا ۾ ميمبرن چيو ته شكارپور واقعو قومي . كري ڇڎيو

سانحو آهي، شهيدن جي معاوضي ۾ واڌ ۽ زخمين کي بنا دير

ٺهرا ۾ مطالبو كيو ويو ته سنڌ ۾ . معاوضو ڏنو وڃي

حفاظتي قدم سخت كرڻ ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ال

اسيمبلي . سطح تي انٹيليجنس ادارو قائم كيو وڃيصوبائي

ميمبرن،چيف جسٹس آف پاكستان کان پاڻمرادو نوٹيس وٺڻ

جي اپيل كندي چيو ته شكارپور واقعي جي عدالتي جاچ

ميمبرن سنڌ ۾ افغانين ۽ ٻين پرڏيهين جي . كرائي وڃي

ميمبرن ان ڳالهه . وڌندڙ آبادكاري تي ڳڻتي جو اظهار پڻ كيو

ک جو اظهار كيو آهي ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي تي به ڏ

كراچي ۾ موجودگي باوجود متاثرن سان رابطو نه كرڻ

امتياز شيخ مطالبو كيو ته چيف جسٹس . افسوسناڪ آهي

معاملي جو پاڻمرادو نوٹيس وٺي واقعي جي عدالتي جاچ

هن اهو به مطالبو كيو ته سنڌ حكومت شهيدن . كرائي وڃي

لک رپيا كري ۽ سندن 50عاوضو وڌائي جي وارثن ال م

نصرت سحر عباسي چيو . پوئنرن کي سركاري نوكريون ڏئي

Page 119: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ڏينهن اڳ ڌمكي وارا پمفليٹ 3ته شكارپور واقعي کان

ورهايا ويا، پر ان باوجود امام بارگاهه تي سكيورٹي نه ڏني

هن چيو ته . وئي رڳو هك پوليس اهلكار مقرر كيو ويو

ڊاكٹر پرڏيهه ۾ مالزمتون كري صحت کاتي ۾ ڀرتي ٿيل

. رهيا آهن،جڎهن ته صحت کاتي ۾ كرپشن به دهشتگردي آهي

اپوزيشن ليڈر شهريار مهر چيو ته شكارپور ۾ ڏوهارين ۽

.مذهبي انتهاپسندن ۾ ڳٺ جوڙ ٿي چــكو آهي

شكارپور ۾ جن جنونين رت جي راند كئي سنڌ جي

ٿاڻن کان اڳ ماڻهن انهن جنونين جا پيرا کڻي سندن ٿاكن ۽ و

به حكمرانن کي آگاهه كيو هو ۽ هاڻي به چون ٿا ته ٻيلي سنڌ

۾ پهتل ڌارين جون لوڌون ئي سنڌ کي ساڙي ڀسم كرڻ

هاڻي اها ڳالهه كنهن کان به . انهن آڏو بند ٻڌو. گهرن ٿيون

لكل كونهي ته شكارپور ۾ ڌماكا كندڙن جي پيرن جا

ان کي بارود اس. نشان سوات ۽ وزيرستان ۾ وڃي دنگ كن ٿا

جي باهه ۾ ساڙيندڙ اهي ماڻهو آهن جن کي اسان جي

حكمرانن ملكي ڀائيچاري جي نان تي اسان مٿان مڑهيو

خود سنڌ حكومت جي قانون الڳو كندڙ ادارن سنڌ مان . آهي

جيكي به دهشتگرد بارود سميت سوگها كيا آهن، انهن جو

تان تعلق ملك جي اترين عالئقن ۽ خاص كري سوات، وزيرس

۽ پنجاب سان ٻڌايو ويو آهي ته پو اها عجيب ڳالهه چئبي جو

هر ڌماكي بعد حكمران وڏي نك جي پكائي سان جاچ جو

اصل ۾ جاچ ان ڳالهه جي ٿيندي آهي، جيكا . حكم ڏيندا آهن

پر هتي ته . لكل هجي، جنهن جو كو خر ۽ پير نه ملندو هجي

مت رکڻ ۽ سڀ كجهه پڌري پٹ پيو آهي ته پو سنڌ کي سال

Page 120: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

هتان جي ماڻهن جون حياتيون بچائڻ ال تكڑا اپا ڇو نه ٿا

سنڌ جا ماڻهو بم ڌماكن ۾ ملوث ماڻهن خالف . ورتا وڃن

اثرائتي كارروائي نه ٿيڻ تي ان را جا آهن ته سنڌ کي هٿ

وٺي پنهنجي سيكيولر سوچ جي سزا ڏني پئي وڃي، هن ديس

جنونيت جا ڀوت جي ماڻهن کي پنهنجا حق گهرڻ تي مذهبي

شكارپور سانحو سنڌ جي ماڻهن ال به سوچڻ ۽ . بڇايا پيا وڃن

هتان جي ديس ڌڻين . عمل كرڻ جا نوان سامان کڻي آيو آهي

کي هاڻي پنهنجي وطن جي سالمتي ال سڀ الڳاپا الهي اڳيان

سنڌ ۾ ان معاملي تي كي به ٻه موقف ناهن ته سنڌ . اچڻو پوندو

هشتگردي ۾ ٻاهران آيل ماڻهو ملوث ۾ بدامني، جنونيت ۽ د

اسان هيل تائين ڇڑوڇڑ نموني مختلف پارٹين جي الڳ . آهن

الڳ پليٹ فارمن تان اها جدوجهد كئي آهي ته سنڌ کي ڌارين

پر هاڻي خطرا اسان جي سر مٿان المارا . کان پاڪ كيو وڃي

اڄ شكارپور کي گهايو ويو آهي، سڀاڻي . ڏئي رهيا آهن

الڙكاڻي سان به ساڳي ويڌن ٿيڻ جو انديشو حيدرآباد، سکر ۽

پو ڇو نه هاڻي کان ئي اسان کي هك ٿي جدوجهد . موجود آهي

.ال سندرا ساهڻ گهرجن

)ع2015فيبروري 3: ڇپيل(

Page 121: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ جي وجود کي خطرا

كنهن به معاشري جي اندر جيكڎهن سماجي معاهدو

۽ ويڳاڻپ جو كمزور يا بي اثر ٿي پوي ته اهو معاشرو تنزلي

هي سماجي معاهدو فردن ۽ رياست ٻنهي ال .شكار ٿئي ٿو

اهم ٿئي ٿو ۽ ان جي پاسداري فردن ۽ رياستن ٻنهي جي

اڄ جيكڎهن نظر ڊوڙائجي ته خبر پوي ٿي ته .ذميداري آهي

اسان جو سماج هن معاهدي کان وانجهيل آهي، كو ته فرد

ست ته هونئن ئي پنهنجي ذميداري کڻڻ ال تيار نه آهي، ريا

کوکلي ۽ ويڳاڻپ جو شكار آهي، ان كري اها پنهنجي اهڑي

صورتحال ۾ عام فرد جو كردار ۽ اهميت معاشري جي بقا ال

اهم آهن پر اسان جي سماج ۾ عام ماڻهو به پنهنجي فرد ۽

اڄ اسان سماجي تنزلي جي . كردار کان وانجهيل ۽ اڻ ڄاڻ آهن

سان ترقي ۽ خوشحالي ۽ جو ا. ان حد تي اچي بيٺا آهيون

برابري جهڑا لفظ صرف كتابن ۾ لڀن ٿا، سماجي برائيون

جهڑوڪ جهالت، حسد، ناانصافي، حقن جي پائمالي ۽ عورت

جي تذليل اسان وٽ گهر كري چكيون آهن، قبائلي جهيڑا،

ڦرون، اغوا، ڌاڙا، كاروكاري ۽ اسكولن جون ويرانيون،

يل آهن، انهن سڀني سياسي دوالب ۽ ٺڳيون روز جو معمول بڻ

برائين جو كارڻ فردن ۽ رياست جو سماجي معاهدي تان هٹڻ

.۽ پنهنجا فرض نڀائڻ نه آهي

Page 122: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

اسان جي رياست عملي طور تي ويڳاڻپ جو شكار

آهي ته عام ماڻهو پنهنجي ذميدارين کان اڻواقف آهي، هن بي

حسي جو ادراڪ جيكڎهن جلد نه كيو ويو ته اسان جي وجود

ٿي سگهن ٿا هونئن به حقيقت پسندي جي کي خطرا الحق

تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته اسان گهڻو كجهه وڃائي چكا آهيون،

اسان جا پنهنجا قدرتي وسيال، پنهنجا شهر ۽ پنهنجيون

پاڻي ال . حكومتون اسان جي هٿن کان نكري چكا آهن

سكندڙ دريا جي هك ٻوڏ اسان جي هزارين خاندانن کي

گر رهڻ تي مجبور كري چكي دربدر كري پناهگيرن وان

آهي، اسكول اوطاقون بڻيل آهن ته استاد كمداري ۾ خوش

آهن، مكتب ويران ۽ هوٹلون آباد آهن، معمولي ڳاله تي جهيڑا

.كنڌارپ ۽ خون كرڻ کي غيرتمندي جو نالو ڏنو ويو آهي

سنڌ ۾ اڄ مذهبي انتهاپسندي جيكا صدين تائين اسان

اهڑي . چكي آهي کان دور هئي پڻ اسان ۾ گهر كري

صورتحال ۾ ضروري آهي ته معاشري جي فردن کي پنهنجي

ذميدارين کان آگاهه كيو وڃي، فرسوده ۽ ناكاره بڻيل سماجي

معاهدي بدران هك نئون سماجي معاهدو آندو وڃي، رياست

کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته اسان کي اسان جي حقن تي

جي رستن تي تعليم ۽ ترقي. جائز مالكي تسليم كئي وڃي

اسان جو جائز حق مڃيو وڃي تعليمي ادارن ۾ آندل بگاڙ، امن

امان جي خراب صورتحال ۽ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ کي

فورن ختم كيو وڃي ته جيئن فردن کي پنهنجيون ذميداريون

پوريون كرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، هن نئين معاهدي تحت

Page 123: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

برداشت، رياست جي ڏنل جائز حقن جي نتيجي ۾ فرد به سهپ

.لي ۽ جرات پسندي جو مظاهرو كندوترقي پسندي روشن خيا

اسان سماجي معاهدي کي بگاڙي اجتماعي سوچ کي

ڇڎي انفرادي ۽ گروپ بندي جا شكار ٿي ويا آهيون، اسان وٽ

انجمن، سادات، اتحاد، سنگت، بلوچ ۽ ڄام گروپ جهڑن

تنظيمن اسان کي ذات پات ۽ برادري جي رستي تي بند كري

ڇڎيو آهي، هن عام مسئلن جو حل هك نئين سماجي معاهدي

۾ ئي سمايل آهي، اسان کي پنهنجي عوام ۾ شعور پيدا

كرڻو پوندو، هتي هك سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته هن نئين

سماجي معاهدي جو خاكو كير تيار كندو، ان جا پڻ بنياد

ي ان ال ضروري آهي ته اسان کي پنهنجي صوف. كير بڻائيندو

شاهه، . بزرگن جي ميعام مان رهنمائي حاصل كرڻ گهرجي

سچل ۽ سامي جي پيغام کي عام كري ان تي عمل كري

پنهنجو پاڻ کي جاکوڙي، جدت پسند ۽ پڑهيل لکيل كري

پنهنجي حقن جي حاصالت ال جان بازي لڳائڻي آهي، هن نئين

سماجي معاهدي تحت كنهن به فرسوده رسم جهالت، ناانصافي،

روكاري، حق تلفي ۽ لچائپ جي اسان وٽ كا به گنجائش كا

سنڌ ۾ . نه هجڻ گهرجي، ان ۾ ئي اسان جي ڀالئي ۽ بقا آهي

ڇاكاڻ ته . وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي آڏو بند ٻڌڻ گهرجن

ٻاهريون فرسوده كلچر اسان جي ريتن، رسمن، سامجي قدرن

جنهن آڏو بند ٻڌڻ . کي تباهه كرڻ طرف اڳتي وڌي رهي آهي

ان ال اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو . ي ضرورت آهيج

.كردار ادا كرڻ گهرجي

)ع2015فيبروري 4: ڇپيل(

Page 124: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ جو دهشتگردن کي نياپو

سنڌ جي كنڈ كڑڇ مان كهي آيل ڌرتي ڌڻين

شكارپور پهچي، اتان جي دهشتگردي سبب متاثر مائرن،

ڀينرن، پيئرن ۽ ڀائرن سان يكجهتي جو اظهار كيو آهي

ساڻن هن ڏک ۾ شريك ٿيندي، بزل ۽ بي رحم انتهاپسند ۽

ٹولن کي پيغام ڏنو آهي ته سنڌ جا ماڻهو سندن بندوق جي زور

هوشو، هيمون، روپلي، دودي، دولهه . تي اطاعت قبول نه كندا

دريا خان ۽ شاهه عنايت شهيد جيان پنهنجي جان ته گهوريندا، پر

ه، سچل، سامي ۽ شيخ شاه. دهشتگردن اڳيان گوڏا نه کوڙيندا

اياز جي فكر جا وارث سنڌ جي كنهن به كنڈ کي وانا يا

.وزيرستان بڻجڻ نه ڏيندا

شكارپور ۾ دهشتگردي جي هي كارروائي كا

پر اهڑي . ۾نه آئي هئي، نه وري كو حادثو هيو اوچتو عمل

دهشتگردي جا انديشا ان ڏينهن کان موجود هئا، جنهن ڏهاڙي

سنڌ . پهريون ڌاريون ماڻهو داخل ٿيو هوسنڌ جي ڌرتي تي

واسين جا ڏوهه ته ان ڏينهن کان ڏكي رهيا هئا، جنهن ڏهاڙي

سنڌ حكومت جنرل ضيا الحق جي دور ۾ افغانستان کان آيل

افغان پناهگيرن کي كراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد

كرڻ جا سانباها كيا هئا، جڎهن اسان جي معيشت جي

Page 125: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

افغانين جون بستيون آباد ٿيون هيون ته ڌرتي مركزي شهر ۾

ڌڻين ان سڄي عمل کي سنڌ جي امن کي اماڙيون بڇائڻ جي

افغانين جي سنڌ ۾ آمد بعد هتان . هيبتناڪ سازش قرار ڏنو هو

. جا ماڻهو پهريون ڀيرو كالشنكوف كلچر کان واقف ٿيا هئا

كابل ۽ قنڌار ۾ استعمال ٿيل بارود سرحدون ٹپي ڀٹائي جي

ن واري ديس کي گهائڻ شروع كيو هو، اسان سنڌ جا ماڻهو ام

جنرل ضيا الحق جي مارشل ال واري دور کان وٺي مسلسل

اهي دانهون كندا رهياسين ته ٻيلي سنڌ جون سرحدون تاتارين،

چنگيز خان ۽ مدد خان جي پوئلڳن ال نه کوليو، درندن ۽

سم کي ساڙي ڀ وحشين جا اهي لشكر ماضي وانگر سنڌ

كري ڇڎيندا، پر محكوم بڻايل ماڻهن جي دانهن تي كنهن

پو دنيا ڏٺو ته سنڌ سميت سڄي ملك جا شهر ۽ . به ڌيان نه ڏنو

اسان پنهنجن پيارن جي . وسنديون بارود سان واسجي ويون

.كفن دفن ۾ مصروف ٿي وياسين

جڎهن سوات ۽ ماالكنڈ ۾ مذهبي جنونيت خالف

ه ان وقت به سنڌ جون فوجي آپريشن شروع كيو ويو ت

سرحدون پناهگيرن جي كٹكن ال کولي امن ۽ رواداري واري

سنڌ جي . ماحول کي سولي تي چاڙهڻ جا سنباها كيا ويا

ماڻهن دانهون كيون، مظاهرا كيا، بک هڑتالون كيون پر

اسان جا حكمران مهمان نوازي جي نالي بدامني جا کوليل در

كي پي كي صوبي جي پهاڙن مان . بند كرڻ ال تيار نه ٿيا

آيل پناهگير نه فقط سنڌ ۾ داخل ٿيا پر هنن پاڻ سان گڎ دهشت

لکين سواتين ۽ . ۽ ڏهكا جا سڀ سامان هڑن ۾ ٻڌي آندا

ماالكنڈين سان گڎ اهي دهشتگرد به منهنجي ڌرتي تي پهچي

Page 126: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

. ويا، جيكي فوجي آپريشن بعد محفوظ هنڌ جي تالش ۾ هئا

االكنڈ کي ته محفوظ بنائڻ تي شادمانا حكمرانن سوات ۽ م

ملهايا پر انهن ان ڳالهه ڏانهن قطعن ڌيان نه ڏنو ته اهي وحشي

۽ اسان سوات. ۽ درندا سنڌ ديس ۾ كهڑا اچي هاڃا كندا

کي محفوظ بنائڻ تي ارها نه هياسين پر ان امن جي ماالكنڈ

. قيمت تي منهنجي ديس کي ساڙڻ جا جيكي سانباها كيا ويا

كراچي، . ان ڏانهن اسان جي حكمرانن كو به ڌيان نه ڏنو

۽ سکر جي معصوم ماڻهن کي جيئندان ڏيڻ ال كي حيدرآباد

ليسين اڄ اسان حكمرانن جي سنڌ دشمن پا. به اپا نه ورتا ويا

شكارپور سانحي جا جيترا . جو نتيجو ڏسي رهيا آهيون

ذميوار دهشتگرد آهن، اوترا اهي حكمران به آهن، جن سنڌ

.جون سرحدون کولي سندن هن ڌرتي تي استقبال كيو هو

)ع2015فيبروري 5: ڇپيل(

Page 127: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

دهشتگردن جا حامي ملك جا خير خواهه ٿي نه ٿا

سگهن

عالئقن خاص كري وزيرستان ۾ ملك جي قبائلي

جڎهن فوج طرفان طالبان خالف آپريشن كيو ويو هو ته طالبان

ان ئي وقت . دهشتگردن جي سنڌ ۾ آمد ۾ وڌيك اضافو ٿيو

جي سنڌ جي ماڻهن اهو مطالبو كيو هو ته سنڌ ۾ دهشتگردن

آمد کي روكڻ ال سنڌ جون سرحدون سيل كري پوليس ۽

ڇاكاڻ . ي سنڌ اچڻ نه ڏنو وڃيرينجرز مقرر كري قبائلين ک

ته هن کان اڳ به سوات ۾ آپريشن کانپو اتان هزارين ماڻهن

سميت دهشتگرد پڻ سنڌ منتقل ٿي ويا هئا، ان كري هاڻ اترين

عالئقن ۾ به فوجي آپريشن كيو پيو وڃي ۽ اتان به طالبان

دهشتگردن جي كراچي سميت سنڌ جي مختلف عالئقن ۾ اچڻ

. كري سنڌ جون سرحدون سيل كيون وڃن جو خدشو آهي، ان

سنڌ جون سرحدون اوٻاوڙو، جيكب آباد، شهدادكوٽ ۽ ٻين

هنڌن تان سيل كري اتي پوليس ۽ رينجرز جون چوكيون

قائم كيون وڃن ۽ سنڌ ۾ قبائلي عالئقن جي ماڻهن کي داخل

ٿيڻ نه ڏنو وڃي، ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي سخت چكاس كئي

ه فورسز جون چوكيون قائم كيون وڃي، سپر ها وي سان ب

وڃن، جڎهن ته كراچي ۾ موجود افغانين ۽ ٻين ڌارين جي

آبادين جي سخت نگراني كئي وڃي ۽ ڌارين کي هك هنڌ

.رهڻ نه ڏنو وڃي، انهن جون آباديون وڌڻ نه ڏنيون وڃن

Page 128: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ جي عوام جي ان مطالبي تي سنڌ سميت وفاقي

تگرد سنڌ ۾ نه جنهن سبب دهش. حكومت كوبه ڌيان نه ڏنو

فقط ايندا رهيا، پر هنن هتي پنهنجي نيٹ ورڪ کي مضبوط

خود سنڌ حكومت تسليم كري ٿي ته كراچي ۾ . كري ورتو

لکن کان وڌيك ماڻهو غير قانوني طور ترسيل آهن، 35

كجهه وقت اڳ هك . جيكي ڏوهن ۾ به ملوث ثابت ٿيا آهن

دايت اجالس ۾ وڏي وزير سنڌ جي سمورن ايس ايس پيز کي ه

كئي هئي ته هو پنهنجن پنهنجن ٿاڻن جي حدن ۾ ڌارين

ماڻهن تي كڑي نگاهه رکن ۽ انهن جي رجسٹريشن ال حد جي

پر ان تي به كو عمل نه . ايس ايڇ او کي ذميوار كيو وڃي

ٿيو، جنهن سبب وزيرستان ۽ ٻين عالئقن مان ايندڙ

.دهشتگردن جي كابه رستا روڪ نه ٿي سگهي

ان دهشتگردن خالف جنگ جي ان سنڌ واسين طالب

كري حمايت كئي هئي جو جيكي رهزن اسان جي ٻچن جا

قاتل آهن، جن اسان جي هر گهر ۾ تڎو وڇرايو آهي، سنڌي

مائرن، ڀينرن ۽ ونين جي اکين ۾ لڑڪ آندا آهن، ملير، ٿر،

كارونجهر، كاڇي، پكي ۽ كچي جا ماڻهو انهن کي كيئن

سنڌ جا ماڻهو ته ان . هنٿا پنهنجو دوست ۽ ڀا سمجهي سگ

ڏينهن کان انهن دهشتگردن جا مخالف هئا، جڎهن آمريكا ۽

پاكستان سميت سعودي حكمرانن اڳوڻي سوويت يونين سان

نام نهاد جهاد ال انهن کي مچائي مهوڙ كري ميدان تي الٿو

به ملك جي مڑني ماڻهن کي خبردار اسان ته ان وقت . هو

جنگ ال جن دنيا جهان جي كري رهيا هئاسين ته آمريكي

اهي اڳتي . رهزنن کي هتي تاتي نپائي مهوڙ كيو پيو وڃي

Page 129: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

اهي رهزن . هلي سنڌين، پنجابين، بلوچن ۽ پٺاڻن جا كنڌ لڻندا

اسان جي درسگاهن ۾ پڑهندڙ معصوم نياڻين جو رت

سندن . وهائيندا، معصوم ٻارن ۽ نياڻين کي ڇورو ڇنو كندا

منهنجي سنڌ . ت ڀريو هٿ هٹائينداسر تان ما ۽ پي جو شفق

کي رت ۾ وهنجاريندڙ دهشتگرد كنهن به رعايت جا مستحق

ناهن، ساڻن ڀائپي ۽ برادري جو ناٹك رچائيندڙ كنهن به طرح

سنڌ حكومت بنا . هن ملك جا خير خواهه ٿي نه ٿا سگهن

كنهن دير جي سڄي سنڌ ۾ طالبان دهشتگردن خالف بي رحم

خاص كري كراچي ۾ انهن جي . يآپريشن جي شروعات كر

سوات، وزيرستان ۽ . محفوظ پناهه گاهن جو خاتمو آندو وڃي

ٻين اترين عالئقن کان سنڌ ۾ آيل پناهگيرن کي هكدم

ان سان سنڌ کي محفوظ . پنهنجن عالئقن ڏانهن واپس كري

.بڻائي سگهجي ٿو

)ع2015فيبروري 6: ڇپيل(

Page 130: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

مقامي ماڻهن جا خدشاٿر كول پراجيكٹ ۽

سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ٿر كول ايريا ۾ متاثر ٿيندڙ

مقامي ماڻهن جي خدشن کي ختم كرڻ ۽ ري سيٹلمينٹ

پاليسي واضح نه كرڻ تائين كوئلي جي هلندڙ کوٹائي کي

عالمي قانون موجب غيرقانوني ۽ غير انساني عمل قرار ڏنو

ايندڙ زمين ڌرتي ڌڻين گهر كئي آهي ته ٿركول ايريا ۾ .آهي

۽ ملكيتن کي لينڈ ايكيوئيشن ايكٹ جي تلوار لٹكائي

ڀڳڑن مٺ عيوض كمپنين حوالي كرڻ بدران ليز تي ورتو

وڃي ۽ ري سيٹلمينٹ پاليسي جي ڊرافٹ ۾ عوام جي حقن

. جي تحفظ کي يقيني بڻائي ان کي عوام آڏو پڌرو كيو وڃي

۾ ساڃاهه وندن اها به گهر كئي آهي ته ٿر كول پراجيكٹ

مقامي ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي روزگار ڏيڻ سان گڎ

عالمي قانون موجب ماحولياتي اثرن بابت سروي كرائي ان

تازو اسالم كوٽ ۾ مقامي . جي بچا کي يقيني بڻايو وڃي

سماجي تنظيم گليكسي ڊولپمينٹ آرگنائيزيشن پاران ٿر جي

كوئلي سبب ٿيندڙ ترقي، اثر ۽ خدشا جي عنوان هيٺ

.ٺايل سيمينار ۾ اهڑا مطالبا كيا ويا آهنكو

Page 131: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ جي ماڻهن کي ماضي جي تجربي سبب اهي خدشا

آهن ته ذوالفقار آباد ۽ ٿركول جهڑن منصوبن جي پردي پويان

. مقامي ماڻهن کي بيدخل كرڻ جي سازش سٹي وئي آهي

ڇاكاڻ ته سنڌ جي سمورن ميگا منصوبن سبب متاثر ٿيندڙ

ٿر جي عوام پڻ ترقي جي نالي ۾ . ر آهيعوام اڃان تائين دربد

حكومت جون . پنهنجي ڌرتي تان بيدخل ٿي سگهي ٿو

پاليسيون واضح نه هجڻ كري ٿر جو عوام خدشن جو شكار

آهن، اهي خدشا وقت بوقت حكومت اڳيان مختلف صورتن ۾

ان كري . آندا ويا آهن، پر ان جو كوبه نوٹيس نه ٿو ورتو وڃي

جي متاثرن جي مستقل آبادكاري حكومت کي ٿركول ايريا

. ۽ سندن حقن جي تحفظ ال پاليسي واضح كرڻي پوندي

ماهرن موجب ٿر جي كوئلي جي معاملي تي سنڌ حكومت جو

تيار ٿيل ري سيٹلمينٹ پاليسي وارو ڊرافٹ مايوس كندڙ

آهي جيكو متاثر ٿيندڙ آبادي جي حقن جو تحفظ نٿو كري

..سگهي

رهيو آهي ته سنڌ کي سنڌ سان هي هك وڏو الميو

اڄ به . معدني وسيلن تي حقيقي مالكي نه ٿي ڏني وڃي ٿي

توهان ڏسندو ته ٿر جي كوئلي جي حوالي سان اسالم آباد مان

وفاق ۾ كجهه ماڻهو اهڑا به آهن، . هدايتون جاري ٿين ٿيون

جن ٿر جي كوئلي تي ٿيندڙ كم کي رولڑي جو شكار بڻايو

جي حوالي سان كروڙين ٿر جي كوئلي جي پروجيكٹ. آهي

سالن ۾ كوبه نتيجو نه نكري 19روپيه خرچ ٿي چكا آهن، پر

ٿر جي كوئلي تي سست رفتاري سان هلندڙ كم . سگهيو آهي

جي حوالي سان كڎهن مالي مسئلن جو عذر ڄاڻايو ٿو وڃي ته

Page 132: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كڎهن جاپان ۾ سونامي اچڻ ۽ جديد مشينون نه ملڻ جو عذر

وفاق ۾ ويٺل كاموري، ڄاڻايو ٿو وڃي ته كڎهن وري

آفيسرن ۽ ٹيكنوكريٹ کي ذميوار قرار ڏنو ٿو وڃي ته اهي

. ٿر جي كوئلي جي کوٹائي واري عمل ۾ ركاوٽ بڻيل آهن

هن وقت صورتحال اها آهي جو ٿر جي كوئلي تي كم كندڙ

ٿر جي كوئلي تي ٿيندڙ ) آفيسر(ادارا ۽ انهن ۾ ويٺل ماڻهو

انهن مان ٿلهي . رهيا آهن كم متعلق كجهه ٻڌائڻ کان لنوائي

ليکي سمجهڻ گهرجي ته ٿر جي كوئلي جي کوٹائي واري

عمل ۾ ڌريون ركاوٽ بڻيل آهن

هن وقت سڄي ملك ۾ توانائي جو بحران آهي،

جمهوري حكومت جي قيام کانپو ماڻهن ۾ هك اها اميد

سالن جي 5جاڳي هئي ته موجوده جمهوري حكومت پنهنجي

حران کي منهن ڏيڻ ال كا سگهاري عرصي ۾ توانائي جي ب

پر افسوس ٿو ٿئي ته موجوده جمهوري . رٿابندي كندي

حكومت توانائي جي بحران جو كو مستقل حل نه كڍي

جيكڎهن هن حكومت ۾ ٿر جي كوئلي جي . سگهي آهي

کوٹائي ۽ استعمال جي حوالي سان سگهارا قدم کنيا وڃن ها ته

ٿر جي كوئلي . هجي هاملك ۾ هن قسم جو توانائي بحران نه

ع تائين ممكن ٿي سگهندي يا نه، 2012مان بجلي جي پيداوار

ٿركول پراجيكٹ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو يا نه؟

ٿركول پراجيكٹ جي حوالي سان متاثر ڳوٺن ال كجهه ٿي

سگهندو؟ جيكي ماڻهو لڎپالڻ كندا انهن کي متبادل اجها ڏنا

ل آهن جن جا جواب كٿان به ملندي ويندا يا نه؟ هي اهڑا سوا

جڎهن سنڌ حكومت سمجهي ٿي كوئلو سنڌ جي . نظر نٿا اچن

Page 133: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ملكيت آهي ته سنڌ جي هن اهم وسيلي کي استعمال ۾ آڻڻ ۽

كوئلي تي ٿيندڙ كم تي سنڌ حكومت کي سنجيدگي سان

ٿر جي كوئلي جي بدلي مقامي ماڻهن کي . غور كرڻ گهرجي

نڌ کي سندس كمائي جو ڇا ملندو، كوئلي جي بدلي ۾ س

كيترو حصو ملندو؟ كوئلي مان ملندڙ رقم ٿر تي كيتري

خرچ ٿيندي؟ ٿركول پراجيكٹ جي حوالي سان جوڙيل انفرا

اسٹركچر كڎهن مكمل ٿيندو؟ انهن سمورن نقطن جي

حوالي سان هك واضح پاليسي منظرعام تي آڻڻ گهرجي؟

)ع2015فيبروري 7: ڇپيل(

Page 134: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سانحو ۽ عوام جا ڏكندڙ ڏوهه بلديا

كراچي ۾ بلديا ٹائون ۾ فيكٹري کي باهه ڏئي اڍائي

سو ماڻهن کي زندهه ساڙي مارڻ وارن انكشافن ملك جي

ماڻهو سوچڻ ته . مڑني ماڻهن کي سكتي ۾ آڻي ڇڎيو آهي

مجبور آهن ته ڇا ڀتي خاطر ايتري درندگي به ٿي سگهي

كرايل هك جاچ سنڌ رينجرز سنڌ ها كورٽ ۾ جمع .ٿي

رپورٽ ۾ انكشاف كيو آهي ته هك جوابدار پنهنجي ساٿين

سميت فيكٹري کي ڀتي نه ڏيڻ تان كيميكل هاري ساڙي

ان . جنهن سبب اڍائي سو ماڻهو سڑي كوئلو ٿي ويا. ڇڎيو

ظالم ۽ سفاڪ جوابدار الزام هنيو آهي ته ان هي عمل هك

لزام بعد ايم جڎهن ته اهڑي ا. سياسي پارٹي جي چوڻ تي كيو

كيو ايم رابطا كميٹي پاران هك بيان ۾ انهي ڳالهه جي

سختي سان ترديد كندي چيو ويو آهي ته رضوان قريشي نالي

همراهه جي حوالي سان ميڈيا ۾ اطالع اچي رهيو آهي ته

۾ باهه ڏيڻ جي واقعي ڄاڻايل همراهه بلديه ٹائون جي فيكٹري

ايم كيو ايم سان پري پري جڎهن ته انهي جو . ۾ ملوث آهي

رابطا كميٹي چيو آهي ته ايم كيو . تائين كوبه تعلق ناهي

ايم جي كاركنن جو انگ لکن ۾ آهي، ان ۾ كوبه شامل ٿي

رابطا كاميٹي . پنهنجو پاڻ کي كاركن ظاهر كري سگهي ٿو

موجب ايم كيو ايم ۾ دهشتگرد، ڀتا خور ۽ ڏوهاري ال زيرو

ٹي حكومت کان مطالبو كيو آهي رابطا كمي. ٹوليرنس آهي

Page 135: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ته بلديه ٹائون سانحي ۾ ملوث وحشي ظالم کي آئين ۽ قانون

.موجب بلديه ٹائون جي چوڪ تي ڦاهي ڏني وڃي

بلديا سانحي بابت نوان انكشاف اچڻ تي ملك جي

سياسي قيادت طرفان مطالبو كيو پيو وڃي ته هن قتل عام ۾

ي ۾ آڻي ملوث ڌرين ۽ جوابدارن کي انصاف جي كٹهڑ

تحريك انصاف جي چيئرمين عمران . عبرتناڪ سزا ڏني وڃي

خان، بلديا فيكٹري سانحي بابت جي آ ٹي جي رپورٽ کي

افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته سياسي جماعتن جون

عمران خان چيو . ويڑهاڪ ۽ ڀتي خور ونگز ختم ٿيڻ گهرجن

کيس ته بلديا ٹائون سانحي بابت جي آ ٹي جي رپورٽ تي

صدمو رسيو آهي، يقين نٿو اچي ته ڀتو نه ملڻ جي كري كير

هن جو وڌيك چوڻ هو . ايڎي قهري كارروائي كري سگهي ٿو

ٻئي . ته بيحس حكمرانن وٽ عام ماڻهو جو كو به قدر ناهي

طرف جماعت اسالمي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته

ان آهي، بلديه ٹائون فيكٹري بابت رپورٽ حكومت ال امتح

اها كارروائي سياسي پارٹي نه ٿي كري سگهي، سياسي

هن چيو ته . ماڻهو كڎهن به انسان کي جيئرو ناهن ساڙيندا

بلديه ٹائون سانحي جي ذميوارن کي پڌرو كيو وڃي، جيكا به

. پارٹي ان ۾ ملوث آهي، ان بابت عوام کي آگاهه كيو وڃي

ال امتحان جي آ ٹي ۾ ايم كيو ايم جو نالو اچڻ حكومت

آهي، سانحي جا متاثر انتظار پيا كن ته وزيراعظم ڇا ٿو

هن چيو ته دهشتگرد دهشتگرد هوندو آهي، ان جو تعلق . كري

كنهن مذهب، فرقي يا نسل سان جوڙڻ غلط آهي، كابه

سياسي پارٹي ايڎي وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي ساڙي ماري نه ٿي

Page 136: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

وڏين سراج الحق جو چوڻ هيو ته كراچي شهر .سگهي

هزار ماڻهن کي ماريو ويو 24ڏکيائين مان گذري رهيو آهي

ع 2012سيپٹمبر . آهي پر هك به قاتل کي سزا ناهي ڏني وئي

تي كراچي جي بلديا وسندي ۾ كپڑي جي فيكٹري ۾ باهه

600پورهيت ۽ مالزم سڑي رک ٿي ويا هئا ۽ 289لڳڻ سبب

ي قائداعظم اهو واقعو ملك جي بان. کان مٿي زخمي ٿيا هئا

. محمد علي جناح جي فوت ٿي وڃڻ واري ڏينهن ٿيو هئو

هك، فيكٹري ۾ بجلي . واقعي ال بنا دير ٻه سبب ٻڌايا ويا هئا

جي شارٽ سركٹ سبب اها باهه لڳي ۽ كپڑن کي وكوڙي

. ٻيو ته فيكٹري ۾ بوائلر ڦاٹڻ سبب اها باهه لڳي. ويئي

ران لکت ۾ جيكي ڳالهيون وقت غلط ٿابت كيون رينجرز پا

پيش كيل رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پوليس مفاهمت

ان بابت سنڌ . سبب انهن واقعن تي پردو وجهندي رهي آهي

ان سان گڎ . پوليس کي پنهنجي پوزيشن واضح كرڻ گهرجي

وفاقي ۽ سنڌ حكومت کي به هن معاملي تي روايتي چشم

ري معاملي جي بي ريا جاچ ك. پوشي کان پاسو كرڻ گهرجي

فيكٹري مالكن کي ٻڌائڻو . اڇا كارا پڌرا كرڻ گهرجن

.پوندو ته هنن کان ڀتو كنهن گهريو هو

)ع2015فيبروري 8: ڇپيل(

Page 137: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

قومي حقن کان انكار سبب بحران

پاكستان ۾ ننڍين ۽ پوئتي پيل قومن جون شكايتون

دور كرڻ ۽ کين زندگي جي هر ميدان ۾ انصاف ڏيڻ ۽

تي آڻڻ ال كي بنيادي انقالبي تبديليون خوشحالي جي رستي

اهي پاڻ نه اينديون، پر انهن ال ننڍين صوبن .آڻڻيون پونديون

جي عوام کي موثر نموني آواز اٿارڻو ۽ جدوجهد كرڻي

ان ال پاكستان جي وفاق کي مضبوط ۽ مستحكم . پوندي

ڏسندڙن جو فرض آهي ته هو ننڍين قومن جي جائز مسئلن کي

جيكڎهن هيٺين كجهه . گڎجي جدوجهد كنحل كرڻ ال

بنيادي نقطن جي آڌار تي جدوجهد هالئي وڃي ته جيكر

پاكستان جو وفاق مضبوط ۽ مستحكم ٿيڻ سان گڎ

خوشحال ۽ آسودو پڻ بنجي پوي ۽ قومن ۾ وڌندڙ نفرتون

پاكستان ۾ چئن قومن جي جداگانه . هميشه ال ختم ٿي وڃن

اكستان کي هك گهڻ قومي قومي وجودن کي تسليم كري، پ

کي آزاد ۽ ) صوبن)ملك مڃيندي، چئني قومن جي وطنن

پارلياماني طرز . خودمختيار رياستن جو درجو ڏنو وڃي

حكومت جي مطابق پاكستان جو هك اهڑو وفاق قائم كيو

وڃي، جنهن ۾ بالغ را دهي جي اصول تي سڌو سنئون

تي حاصل چونڈيل قانون ساز اسيمبلي کي مكمل باالدس

Page 138: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

هجي ۽ وفاقي قانون ساز اسيمبلي ۾ مڑني قومن کي هك

وفاقي حكومت صرف ٹي کاتا . جيتري نمائندگي ڏني وڃي

جنهن جي . دفاع، پرڏيهي معامال ۽ كرنسي پاڻ وٽ رکي

صوبن . انتظاميه ۾ چئني قومن جي هك جيتري نمائندگي هجي

۽ جي وچ ۾ سرمائي جي آزادانه منتقلي تي بندش وڌي وڃي

وفاقي يونٹن کي پنهنجو الڳ بئنك سرمايو محفوظ كرڻ جو

. حق هجي ۽ سندن ال الڳ بئنك، بجيٹ ۽ مالياتي نظام هجي

ٹيكسن جي نفاذ ۽ وصولي جو اختيار وفاقي يونٹن وٽ هجڻ

گهرجي ۽ وفاق کي خرچ پکي ال يونٹ هك جيترو ٹيكس ادا

ون امدادون اهڑي طرح وفاق طرفان ملندڙ گرانٹون يا ٻي. كن

وفاقي يونٹن . هك جيتري تناسب سان يونٹن ۾ ورهايون وڃن

. رکڻ جو اختيار هجي) مليشيا(کي پنهنجي نيم فوجي تنظيم

جنهن جي انتظامي كمن ۾ وفاقي يونٹ آزاد ۽ خودمختيار

چئني قومن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو . هجن

اندر سركاري وڃي ۽ هر ٻولي کي پنهنجي واسطيدار يونٹ

اردو . توڙي خانگي لکپڑهه جي كمن ۾ استعمال ۾ آندو وڃي

کي چئني يونٹن جي وچ ۾ رابطي جي زبان طور رهڻ ڏنو

.وڃي

پياري پاكستان ۾ جيستائين بنيادي نوعيت جون

تبديليون نه اينديون، تيستائين ڀائيچاري واري فضا قائم رهي

ني قومن کي ان ال ضروري آهي ته فوج ۾ چئ. نه سگهندي

هك جيتري نمائندگي ڏئي، فوج ۾ هك صوبي جي هك هٹي

صوبن جي وچ ۾ ٿيندڙ لڎپالڻ بند . کي ختم نه ٿو كجي

كرائي نه ٿي وڃي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻين صوبن جي آيل

Page 139: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ماڻهن کي واپس نه ٿو كيو وڃي ۽ انهن جون ملكيتون

. واپس كري مقامي رهواسين کي نه ٿيون ڏنيون وڃن

ان مان آيل مهاجرن کي هتان جي قومن ۾ ضم ٿي انهن هندست

ان . جي ٻولي ۽ تهذيب کي اپنائڻ تي مجبور نه ٿو كيو وڃي

بنياد تي ئي پاكستان کي متحد ۽ مستحكم كري سگهجي

جيكڎهن هن وقت به وڏي باالدست قوم طرفان ننڍين قومن . ٿو

جي سماجي ۽ معاشي حقن کي نظرانداز كيو ويو ته ننڍيون

ن مجبور ٿي اهڑا رستا اختيار كنديون، جيكي وري قومو

اسان هتي پ پ، نواز . ٻيهر هك ٻئي سان ملي نه سگهندا

ليگ، عوامي نيشنل پارٹي، بلوچستان ۾ پ پ قيادت ۽

كنداسين ته هو پنجاب جي عوام دوست ڌرين کي وينتي

هاڻي ملك کي بچائڻ ال زباني كالمي دعوائن كرڻ ۽

لي تي دل پشوري كرڻ وارن تركتالن مظلوم قومن جي نا

کي ڇڎي اهڑا ديرپا قدم کڻن، جن سان ماضي ۾ ٿيل ظلمن ۽

قدرت . نانصافين جي كاري باب جو هميشه ال خاتمو ٿي وڃي

.هر ڀيري اهڑا موقعا مهيا نه كندي آهي

)ع2015فيبروري 12: ڇپيل(

Page 140: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ٿر جي قسمت ڇو نه ٿي بدلجي؟

نظرانداز كيل عالئقي ٿر ۾ جڎهن سنڌ جي انتهائي

كوئلو هٿ آيو هو ته حكمرانن خوشي وچان اهي اعالن كيا

هئا ته ٿر مان كارو سون هٿ آيو آهي، جيكو سڄي ملك جي

خاص كري ٿر جي عوام جا ڏک ۽ .قسمت تبديل كري ڇڎيندو

پر كاري سون جي مالك ماڻهن جي . ڏوالوا ختم ٿي ويندا

اٹلندو هو بکن ۽ بيمارين جي . آهيقسمت ۾ كوبه ڦيرو نه آيو

. حكمرانن سندن پرگهور لهڻ ال تيار ناهن. ور چڑهي ويا آهن

كجهه وزير كبير ۽ اسيمبلي ميمبر ان صورتحال کي قدرت

جو لکيو سمجهي پاڻ کي ذميوارين کان آجو سمجهي رهيا

ٿر ۾ بدترين ڏكار سبب بک جو شكار ٻارن سان . آهن

، ڏورانهن عالئقن ۾ وڌيك ٻاراسپتالون سٿجي ويون آهن

هر گهر ۾ معصوم ٻارڙا بيماري ۾ مبتال . مرڻ جو خدشو آهي

ٿرپاركر جي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾ كي به صحت . ٿي ويا آهن

جون سهولتون نه هئڻ كري مسكين ماڻهو پنهنجن گلن

. جهڑن ٻارڙن کي پرائيويٹ اسپتالن ۾ داخل كرائي رهيا آهن

عالج نه ٿيڻ توڙي غربت سبب پري پري وارن ڳوٺن جي

.رن ئي مائرن جا گل كومائجي ويا آهنكيت

ٿر ۾ انتظامي بي حسي جي انتها ٿي وئي، ظالم

انتظاميه گودامن ۾ پيل كڻك خراب ٿيڻ ڏني پر بک مرندڙ

ماڻهن کي نه ڏني، وڌيك كيترائي ٻار بک سبب زندگي ۽

سركار ٿرين جي مدد كرڻ . موت جي ٻه واٹي تي بيٺل آهن

Page 141: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كا كسر نه ڇڎي، ڏكار بدران سندن ڦٹن تي لوڻ ٻركڻ ۾

ڏئي سٹيل عالئقن کي پيكج ڏيڻ بدران کين پن جا ٹكر

پر جڎهن معاملو ٿر جون حدون . ٺٺولي كئي پئي وڃي

اورانگهي ملكي سطح تي پهتو ته نيٺ حكومت ٿر ضلعي

کي آفت سٹيل عالئقو قرار ڏنو ۽ ٿر ال پيكيج جو به اعالن

ي ويا، ڏكار ٿر واسي هك ڀيرو ٻيهر يتيم بڻج. كيو آهي

واري صورتحال سبب كيترائي ٻارڙا زندگي جي جنگ

هارائي ويٺا، هزارين ماڻهو بک ۽ اڃ سبب زندگي جا آخري

ڏينهن ڳڑي رهيا آهن، سنڌ سركار توڙي ضلعي انتظاميا ڏكار

سٹيلن سان سهكار كرڻ بدران وڌيك پريشانيون پيدا كري

جا ٿر ۾ خوراڪ جي خطرناڪ صورتحال ٿرين. ڇڎيون آهن

حال هيڻا ۽ سور ٻيڻا كري ڇڎيا، انتظامي الپرواهي سبب

كيترائي معصوم ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، انتظاميا

سئو کان وڌيك ٻارڙن جو موت به نارمل صورتحال قرار 4

حكومت طرفان ڏنل كڻك جون ٻوريون به . ڏئي ڇڎي آهي

گودامن جي زينت بڻيل آهن، ڏكار جي صورت ۾ ٿر واسي

ل وكري كري زندگي جو گاڏو هالئيندا آهن، پر اهو وکر ما

مارو ماڻهو ويتر پريشانين ۾ . به ڏكر کڑكائي ورتو آهي

مٺي اسپتال ۾ داخل كيل كيترائي ٻارڙا .. مبتال ٿي ويا آهن

پڻ زندگي ۽ موت جي ٻه واٹي تي بيٺل آهن، اسپتال ۾

يك سهولتن جي اڻهوند ۽ انتظاميا طرفان ڌيان نه ڏيڻ كري وڌ

حكومت ۽ انتظاميا . ٻارڙا فوت ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي

جي ٺلهن دعوائن ۽ آسرن ٿر واسين کي هن ڀيري به يتيم

بڻائي ڇڎيو آهي ۽ هر طرف موت جو راكاس گهمي رهيو

Page 142: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

حكومت کي سکڻا اعالن كرڻ بدران هنگامي بنيادن تي . آهي

ميڈيكل . ٿر ۾ کاڌي خوراڪ جو بندوبست كرڻ گهرجي

هي معاملو . وكلي انساني حياتيون بچايون وڃنٹيمون م

هر روز انساني . سياسي ڌوڙ جي پويان لٹجي وڃڻ نه گهرجي

هي بي . جانين جو زيان معمول جو مامرو بڻجڻ نه گهرجي

پو انهن . حسي ماڻهن جي دلين ۾ نفرتن جا ٿوهر پوکيندي

دلين منجهان حكمرانن ال خير جون دعائون نه ٿيون نكري

.سگهن

)ع2015فيبروري 12: ڇپيل(

Page 143: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سڀ ڳجهه ظاهر ٿيڻ گهرجن

سئو کن ماڻهن 3كراچي ۾ بلديا فيكٹري کي ساڙي

مئي تي اڳواڻي چيف جسٹس 12کي جيئرو ساڙي مارڻ ۽

افتخار چوڌري جي آمد تي سندس استقبال ال ويل ماڻهن تي

کان وڌيك شهرين کي گولين جو کاڄ حملو كري ڏيڍ سو

بڻائڻ وارن واقعن جي مبينا جوابدارن جي گرفتاري تي ملك

هك طرف الزام . جو سياسي ماحول انتهائي گرم ٿي ويو آهي

هيٺ آيل ماڻهو پنهنجي سياسي وابستگي هك شهري تنظيم

سان طاهر كري رهيا آهن ته ٻئي طرف ان سلسلي ۾ ترديدن ۽

تحريك انصاف جي . ڙ سلسلو جاري آهيوضاحتن جو نه کٹند

سربراهه عمران خان ايم كيو ايم جي سربراهه الطاف حسين

تي تنقيد كندي چيو آهي ته متحده جي هٿياربند ونگ ختم

وزيراعظم بلديه . كرڻ کانسوا ٹارگيٹ كلنگ ختم نه ٿيندي

ٹائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏياري، سڄي قوم الطاف

اسالم آباد ۾ پريس . دي خالف اٿي بيهيحسين جي دهشتگر

كندي عمران خان چيو ته ايم كيو ايم جو سربراهه پي ٹي آئي

هو بزدل ماڻهو . جي عورتن بابت كريل زبان استعمال كئي

آهي، موت کان ڊڄي ٿو ۽ لنڈن ۾ ويهي پاكستان ۾ ماڻهن

عمران خان حكومت کي مخاطب ٿيندي . کي مارائيندو آهي

. انحي ۾ ڀتي ال فيكٹري کي باهه ڏني وئيچيو ته بلديه س

وزيراعظم بلديه ٹائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏياري ۽

. جانچ ٹيم جي رپورٽ ۾ شامل ماڻهن کي گرفتار كرائي

Page 144: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

عمران خان اهو به مطالبو كيو آهي ته بلديه ٹائون سانحو

ان جو كيس فوجي عدالت . پشاور سانحي جهڑو سانحو آهي

هن اهو به مطالبو كيو ته عمران فاروق قتل . ۾ هاليو وڃي

كيس جي ٻنهي گواهن کي برطانوي حكومت جي حوالي

.كيو وڃي

ٻئي طرف ايم كيو ايم عمران خان جي الزامن کي رد

كندي چيو آهي ته عمران خان جي چڑ ڏياريندڙ تقرير جو

عمران خان طالبان . مقصد كراچي کي بدامني ڏانهن ڌكڻ آهي

تفاق را کي تباهه كرڻ چاهي ٿو۔ متحده قومي خالف قومي ا

موومينٹ جي رابطا كميٹي جي حيدر عباس رضوي جو چوڻ

آهي عمران خان قائد الطاف حسين خالف بازاري زبان

حالتون ۽ واقعا ٻڌائي رهيا آهن ته عمران خان . استعمال كئي

جي پريس كانفرنس ڌرڻي وانگر كنهن طي ٿيل منصوبي جو

. ن خان جي تقرير پهريان کان ئي طي ٿيل هئيعمرا. حصو آهي

ايم كيو ايم خالف جيكو سلسلو هلي رهيو آهي، عمران خان

عمران خان جي پريس كانفرنس . جي تقرير ان جو حصو آهي

حيدر عباس رضوي چيو ته عمران . انتهائي مذمت جوڳي آهي

خان الطاف حسين ال نهايت كريل زبان استعمال كئي پر ان

. جود اسان جي كاركنن انتهائي صبر جو مظاهرو كيوجي باو

هن چيو ته ملكي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دهشتگردي خالف

سياسي پارٹين اتفاق كيو پر تحريك انصاف قومي اتفاق را

عمران خان وزيراعظم نوازشريف ۽ . کي تباهه كري رهي آهي

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي كراچي جي دوري کان اڳ

Page 145: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

عمران خان ملك ۾ سياسي افراتفري . ني چاهي ٿو۾ بدام

.چاهي ٿو

كراچي ۾ گذريل چند ڏهاكن ۽ خاص كري جنرل

ضيا جي مارشل ال بعد جيكي كجهه ٿيندو رهيو آهي، ان جي

3كراچي ۾ بلديا فيكٹري کي ساڙي . ڇنڈ ڇاڻ ضروري آهي

مئي تي اڳواڻي 12سئو کن ماڻهن کي جيئرو ساڙي مارڻ ۽

افتخار چوڌري جي آمد تي سندس استقبال ال چيف جسٹس

ويل ماڻهن تي حملو كري ڏيڍ سو کان وڌيك شهرين کي

. گولين جو کاڄ بڻائڻ وارن واقعن جي بي ريا جاچ ٿيڻ گهرجي

هن مامري کي سياست جي ور چاڙهڻ نه گهرجي، پر ملك ۾

عدالتون موجود آهن، انهن کي ئي فيصلو كرڻ جو موقعو ملڻ

ڻ ته سياسي ڇكتاڻ سان مامرا صاف ته نه ٿيندا، ڇاكا. گهرجي

هن معاملي تي وفاقي . پر وڌيك مونجهاري جو شكار ٿيندا

خود سنڌ . حكومت کي پنهنجي چپ جو روزو ٹوڙڻ گهرجي

حكومت کي به معصوم ماڻهن جي بي رحماڻي موت کي

هاڻي . سياسي مفاهمت جي ور چاڙهڻ کان پاسو كرڻ گهرجي

سياسي . ڀ ڳجهه ظاهر ٿيڻ گهرجنوقت اچي ويو آهي ته س

.مفاهمت جا پردا چاڪ ٿيڻ کپن

)ع2015فيبروري 10: ڇپيل(

Page 146: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

دهشتگردي خالف عوام جو آواز

پياري پاكستان ۾ دهشتگردي جا كيترائي فيكٹر

كنهن قوم كنهن گروه كنهن نسل کي غير . موجود آهن

قانوني غير آئيني طريقي سان ڌمكي ڏيڻ انهن تي ظلم

جي حقن تان هٿ کڻي جيئن اهي پنهنجا جائز طريقيكرڻ،

جيكڎهن ڏسجي ته .وڃن اها به دهشتگردي ۾ شامل آهي

دهشتگردي جا سڀ فيكٹر كراچي ۾ موجود آهن اهي پنهنجي

طاقت جي زور تي كمزور ماڻهون تي ڏاڍ كن ٿا انهن کان

اهي گروهه پنهنجي طاقت جي زور تي . ڀتو وصول كن ٿا

هن هك شهر کان ٻئي شهر تائين اهي اڳتي وڌي رهيا آ

پنهنجي طاقت جي ذريعي پيسي جي ذريعي ماڻهن کي پنهنجو

انهن نامعلوم ماڻهن جي پارٹي ۾ اچڻ جو . كري رهيا آهن

رستو آهي پر وڃڻ جو كونهي جنهن به كاركن پارٹي ڇڎي

انهن جي خالف كير سڄي شهر ۾ كو . اهو ماريو ويندو

مل به دهشت گردي ۾ شمار ٿئي اهو ع. ڳالهائي كونه سگهندو

ٿو جو ان شهر جو عوام ان مخصوص گروه کان اهڑو ته ڊڄي

ٿو جو انهي جي خامين کي خامي، انهن جي دهشتگردي کي

ان جو حل اهو آهي ته رياست . دهشتگردي چئي نه ٿو سگهي

جي قانون کي قانون تي عمل كرڻو پوندو جيئن رياست جي

، پنهنجو كم ايمانداري آرمي پوليس رينجرس پنهنجو عمل

پر شرط اهو آهي . سان كندي ته اها دهشتگردي ختم ٿي ويندي

ته رياست جو قانون ۽ قانون نافذ كرڻ وارا ايمانداري کان كم

جيئن ان نامعلوم دهشتگرد کي سوگهو كري سگهجي، .وٺن

Page 147: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

جڎهن هك گروپ . ان جا سرپرست سوگها كري سگهجن

ه ٻين گروهن به ان كراچي ۾ دهشتگري ڦهالئي تيئن كجه

جنهن ۾ لياري . جي پوئلڳي كئي پر اڃان به ننڍي پيماني تي

جيكڎهن اسان هاڻي . گينگ ۽ ٻيا كيترائي ننڍا ننڍا گروه آهن

موجوده دور ۾ ڏسون ته كراچي شهر ۾ قانون انهن جي عمل

خالف ردعمل ڏيکاريو ته سماج ۾ كيتري خوشي جي لهر

جي خالف ڳالهائي ٿو، ايتري عام ماڻهو هاڻي انهن . ڊوڙي آهي

.حد تائين جو ماڻهن ۾ ڏينهن به ڏينهن شعور وڌندو ٿو وڃي

جڎهن رياست جي ماڻهو تعليم جي طرف گهڻي مان

گهڻو ڌيان ڏيندا ته ان رياست جا ماڻهو دهشتگردي بي ايماني

ان جو حاصل مقصد اهو آهي ته . اڻبرابري کان پري ٿيندا ويندا

رڻ ال۽ ان جي رياست کي تعليم كنهن به مسئلي کي حل ك

جي طرف ۽ انسانيت جي طرف ڌيان ڏيڻو پوندو ته پو اها

ٻيو حل اهو آهي ته هن . رياست ترقي جي طرف رخ كندي

رياست جي ماڻهن کي پنهنجي صوفي بزرگن جي تعليم ڏي

ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ پنهنجي نئي ٹهي جي ٻارن کي انهن بابت

قول كالم سان ٻارن جي ڄاڻ ڏيڻي پوندي صوفي بزرگن جي

سوچ مان كٹرپڻو ختم ٿيندو اهي آزاد سوچ سان گڎ جيئندا

دهشتگردي پيدا ٿيڻ جو سبب ئي پيدا نه ٿيندو جيترا به آزاد

خيال ماڻهون هن رياست ۾ رهن ٿا جن به ماڻهن وٽ پاكستان

اهي .جي سنڌ جي صوفي بزرگن جي تعليم جو اثر آهي

جا سخت مخالف آهن چاهي دهشتگردي كٹرپڻي فرقه پرستي

اهي ماضي ۾ هجن يان حال ۾ ،هك پڑهيل لکيل آزاد سوچ

رکندڙ انسان کي ئي اها ڄاڻ هوندي آهي ته رياست جي ڀالئي

Page 148: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ڇا۾ آهي، تڎهن ته هن خطي جا بزرگ اها تعليم ڏئي ويا جنهن

. جنهن ۾ انسانيت جو سبق ڏنل آهي.ي۾ كٹرپڻو موجوده نه آه

ابا بلي شاه، غالم فريد ،بابا رحمان، انهن بزرگن ۾ اسان جو ب

شاه لطيف، سچل، سامي، سائين بيدل، سائين رکيل شاهه،

قاضي قادن ۽ شاه كريم سميت ٻيا به كيترائي ناال اچي وڃن

جن کي اها ڄاڻ هئي ته انسان ذات کي كهڑي راهه ڏسجي . ٿا

ان . ته جيئن اهي گمراه نه ٿين هك ٻئي جو قتل عام نه كن

آهي ته صوفي بزرگن جي تعليم تي عمل كري ضروري

.كندي دهشتگردي جو مقابلو كرڻ گهرجي

)ع2015فيبروري 19: ڇپيل(

Page 149: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

عوام کان ال تعلق بڻيل حكمران

ملك ۾ پ پ حكومت هجي يا ليگي، ملك تي كو

آمر حكمران هجي يا جمهوريت پسند سياستدان پر مسكين

غريب . نان ئي نه ٿي وٺيماڻهن جي قسمت تبديل ٿيڻ جو

جي راكاس جي ماڻهو بک، بدحالي کي منهن ڏين يا بدامني

ان امتحان ماڻهن جون . چنبن مان بچڻ جي كوشش كن

ملك ۾ ايندڙ تبديليون ماڻهن جي . متيون منجهائي ڇڎيون آهن

قسمت تبديل كرڻ بدران سندن ڏک سور ٻيڻا كري رهيون

عوام جو كوبه اونو اسان جي حكمران سياستدانن کي. آهن

کين جوڙ . هنن کي ته اصل فكر اقتدار بچائڻ جو آهي. ناهي

. توڙ مان فرصت ملي ته پنهنجن ووٹرن جي به سار سنڀال لهن

هتي ته معامال ان سطح تي وڃي پهتا آهن جو عام ماڻهو

سنڌ بدامني . حكومتي كاروهنوار کان الڳ كيو ويو آهي

ڻهن جو جيئڻ جنجال پوليس ما. جي باهه ۾ سڑي رهي آهي

پر كوبه خدا جي خلق کي انصاف مهيا كرڻ . كري ڇڎيو آهي

اهوئي سبب آهي جو ماڻهو حكومتي معاملن . ال تيار ناهي

سندن ووٽ جو تقدس پائمال ٿيڻ . کان التعلق بڻجندا پيا وڃن

. سبب هو ووٽ ذريعي تبديلي تان ارواح ئي کڻي ويا آهن

ته التعلق بڻايو ويو آهي جو عوام کي ملكي معاملن کان ايترو

.هو حكومت ۽ پاڻ کي الڳ الڳ تصور كن ٿا

سنڌ مان روز مسكين ۽ بي پهچ ماڻهو اغوا كري

اغو جي انڈسٹري جي واڌ ويجهه . ڀنگ بعد واپس كيا پيا وڃن

Page 150: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سپريم كورٽ به خاموش رهي ٿي، . تي حكومت خاموش آهي

کي سنڌي ماڻهن . حكومت روايتي جاچ جو حكم ڏيندي آهي

پنهنجي ئي ڌرتي تي ننڌڻكو كري اغوا كيو پيو وڃي ۽

شهرن ۾ دهشتگرد ته ٻهراڙين ۾ وري وردي . ماريو پيو وڃي

وارا دهشتگرد ۽ ڌاڙيل مسكين ماڻهن جو كوس كري رهيا

آخر سنڌ جي عوام کي كهڑي . كوبه پڇڻ وارو ناهي. آهن

ڇا هنن جو ڏوهه اهو آهي ته هو . گناهه جي سزا ڏني پئي وڃي

هو دهشتگردن وانگر موتمار هٿيار جي ٻولي . پرامن ماڻهو آهن

هو آمريت پسند ناهن، هنن جو جمهوريت منجهه . نه ٿا ڳالهائن

.ان كري کين رت ۾ وهجاريو پيو وڃي. ويساهه آهي

سنڌ جي ٻين عالئقن جي ڀيٹ ۾ سنڌ جي مٿين ضلعن

اغوا، ڦرون ۽ غيرت جي نالي تي قتل . ۾ ڏوهارين جا راڄ آهن

ٻيو ته ٺهيو پر معصوم ٻارڙن . ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي

سنڌ ۾ . سان زيادتيون كري کين قتل كيو ويندو آهي

كيترائي قبيالئي جهيڑا هلندڙ آهن، جيكي سئو سئو کان

ڌريون مسلسل مورچابند . وڌيك جانيون ڳڑكائي چكا آهن

رڳو ٿورڙي به اڳرائي ٿئي ٿي ته دزن کن . بڻيل هونديون آهن

پوليس انتظاميه رڳو پكٹون قائم ڻهو قتل ٿيو وڃن ۽ما

كرڻ ۾ پوري هوندي آهي، ان کانسوا كجهه به كري ناهي

اهو سلسلو كافي وقت کان هلندو پيو اچي پر ان . سگهندي

جي خاتمي ال كير قدم کڻڻ ال تيار ناهي، انهن واقعن جو

جو ذميوار كير آهي؟ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ اهو اسان

كيڎي نه بي حسي جي حد آهي اسان وٽ، ڏوهه . كلچر هجي

كرڻ وارو ته هون به بي حس هوندو آهي پر حكومت ۽

Page 151: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

پوليس انتظاميه به انهن جيتري بي حس آهي جو انهن ڏوهن

اسان جي . کي روكڻ جي ال كو به قدم ناهي کڻندي

حكمرانن سنڌ کي دهشتگردن، ڌاڙيلن ۽ وردي پوش قاتلن ۽

كوبه كنهن کان پڇڻ . حوالي كري ڇڎيو آهي رهزنن جي

. وارو ناهي ته آخر سنڌ کي كهڑي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي

ڇا سنڌ جي ماڻهن ال هي عقوبتون ۽ رهزنيون برداشت كرڻ

اقتدار ڌڻين کي سمجهڻ گهرجي ته هي . مقدر بڻجي ويو آهي

وقت هميشه ساڳيو نه . كرسي ۽ اقتدار اچڻي وڃڻي شي آهي

اڄ اقتدار ۾ ويٺل سڀاڻي ٻيهر ان عوام وٽ ويندا، جن . رهندو

ايندڙ . کي هنن اڄ اقتدار جي نشي ۾ وساري ڇڎيو آهي

مستقبل کي نظر ۾ رکندي کين اها پوک پوکڻ گهرجي، جيكا

.سڀاڻي پاڻ لڻي به سگهن

)ع2015فيبروري 19: ڇپيل(

Page 152: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

امڑ جي ٻولي جو ڏهاڙو

فيبروري تي مادري 21گڎيل قومن پاران هر سال

ٻولين جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، ان ڏهاڙي جي تاريخ جي

حوالي سان چيو وڃي ٿو ته ورهاڱي کانپو جڎهن هندستان ۽

ڀارت سان لڳندڙ بنگال پاكستان نالي ٻه ملك وجود ۾ آيا ته

واري عالئقي کي اوڀر پاكستان جو نالو ڏئي پاكستان جو

ته پاكستان جي ٺهڻ شرط اردو هك حصو بڻايو ويو، جڎهن

ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو ۽ اوڀر پاكستان ۾

ع ۾ حكومت اتي اردو 1952بنگالي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي،

ٻولي کي الڳو كيو ته ڍاكا يونيورسٹي جي شاگردن ان خالف

21احتجاج كيو ۽ پنهنجي ٻولي جي بچا ال تحريك هالئي،

ي جڎهن اهي شاگرد پنهنجي ٻولي کي بچائڻ ع ت1952فيبروري

ال احتجاج كري رهيا هئا ته پوليس مٿن فائرنگ كري ڏني،

شاگرد مارجي ويا، انهن شاگردن پنهنجي مادري 4جنهن ۾

انهي . ٻولي جي تحفظ ال پنهنجي جانين جو نذرانو ڏنو

ع تي پاكستان ۾ 1956فيبروري 29تحريك جي نتيجي ۾

ر كري بنگالي ٻولي کي لکپڑهه واري ٻولي هك قانون منظو

تي چئن شاگردن 1952فيبروري 21جو درجو ڏنو ويو، جڎهن ته

جي قتل واري واقعي کانپو گڎيل قومن پاران ان ڏينهن جي

.حوالي سان مادري ٻولين جو ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو

ملك ٻه ٹكر ٿيڻ بعد به ملك جي باقي مادري ٻولين

سلوڪ جاري آهي، جنهن سلوڪ سبب سان ساڳيو متڀيدي

Page 153: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

جڎهن به ننڍن صوبن جي . بنگالي اسان کان الڳ ٿي ويا هئا

حقن جي حوالي سان كا ڳالهه ٿي ٿئي ته االئي ڇو وفاقي

حكومت کي ملك جي خودمختياري ۽ مضبوط وفاق ياد اچيو

۾ اردو کي ملك جي 251ع جي آئين جي آرٹيكل 1973. وڃي

۾ 251هي هاڻ جڎهن آرٹيكل قومي ٻولي قرار ڏنو ويو آ

ترميم كري، سنڌي پنجابي پشتو ۽ بلوچي کي قومي ٻوليون

قرار ڏيڻ ال جدوجهد خاص طور سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، تڎهن

وري به وفاقي حكومت کي ڄڻ ته ملك جي سالميت خطري ۾

هي كو پهريون ڀيرو ناهي جو سنڌي . محسوس ٿي رهي آهي

ٿي رهي آهي انهن ٻولي کي ڀت سان لڳائڻ جي كوشش

زيادتين جا جيكڎهن پيرا کڻنداسين ته اهو سلسلو قيام

.پاكستان کان شروع ٿيندو محسوس ٿئي ٿو

ع ۾ مادري ٻولي ذريعي تعليم 1953پاران اقوام متحده

بابت هك تفصيلي رپورٽ پيش ٿي هئي ته كوبه ٻار صرف ۽

صرف پنهنجي مادري ٻولي ۾ بنان كنهن ذهني مونجهاري

سنڌ جي عالمن . يلت سان بهتر تعليم پرائي سگهي ٿوجي فض

۽ تعليمي ماهرن به مادري ٻولي ۾ تعليم جي اهميت کي

سمجهندي سنڌ اسيمبلي کي سنڌي ٻولي بابت قانون سازي

كرڻ ۽ ان کي سركاري تعليمي ادارن ۾ رائج كرڻ جو

ع ۾ جڎهن سنڌ اسيمبلي آئين جي آرٹيكل 1972مشورو ڏنو ۽

142 تجويز کي مان ڏيندي سنڌ جي تعليمي ادارن تحت انهي

۾ سنڌي ٻولي پڑهائڻ الزمي قرار ڏيڻ جو بل اسيمبلي ۾ آندو

ته سنڌ يونيورسٹي ۽ حيدرآباد بورڊ ۾ سنڌي ٻولي کي دفتري

ٻولي بنائڻ خالف جهيڑا ۽ هنگاما ٿيا ۽ كيترائي سنڌي انهن

Page 154: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ي اردو ميڈيا سنڌي ٻولي خالف پنهنج. فسادن ۾ شهيد ٿيا

واويال جاري رکي ۽ اردو كا جنازا هي ذرا دهوم سي نكلي

جهڑيون سرخيون ڏيئي نه فقط ٻرندڙ باهه کي ڦوكون ڏنيون

سنڌ . پر سنڌي ٻولي خالف زهر به اوڳاڇينديون رهيون

مطابق هيو 142اسيمبلي ۾ پيش ٿيل اهو بل آئين جي آرٹيكل

پر قومي ميڈيا تعصب پسندي جو مظاهرو كندي آئين جي

اردو ۽ قومي ميڈيا جي . انهي شق جي به انحرافي كئي

پريشر کي قبول كندي پيپلز پارٹي جي وفاقي حكومت

مداخلت كري انهي بل تي عمل درآمد روكرائي ڇڎيو ۽ آئين

هن وقت جڎهن وفاقي . جي ڀڃكڑي به كئي 142جي شق

حكومت صوبن کي مكمل خودمختياري ڏيڻ جي ڳالهه كندي

سندس قول ۽ فعل ۾ تضاد ۽ سنڌي عوام نٿي ٿكجي تڎهن

ال هن حساس مسئلي تي سندس خاموش مخالفت هك اهڑو

جنهن جي جواب کان سنڌي عوام . سوال بنجي ويئي آهي

بلكل واقف آهي حيرت ته ايوانن ۾ ويٺل انهن سنڌي ميمبرن

تي آهي جيكي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري

اهڑن ماڻهن کي سنڌي . رهيا آهن متوقع بل تي كن الٹار كري

.قوم كڎهن به معاف نه كندي

)ع2015فيبروري 21: ڇپيل(

Page 155: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌي ٻولي ۽ بي وس بڻيل سنڌ حكومت

سنڌ حكومت جو وڏو الميو اهو رهيو آهي ته هو

. پنهنجن ئي فيصلن ۽ اعالنن تي عمل كرائي نه سگهندي آهي

تي ريليون كڍي، كالهه سڄي سنڌ ۾ مادري ٻولين جي ڏهاڙي

منعقد كري سنڌ حكومت کي اپيل مظاهرا كري ۽ سيمينار

كروڙ کان وڌيك ماڻهن جي 5كئي وئي آهي ته اها سنڌ جي

مادري ٻولي سنڌي کي ملك اندر پنهنجو جائز حق ۽ مقام

پر ان بابت سنڌ حكومت سڀ اختيار هوندي بي وس . ڏياري

وبائي لڳ ڀڳ هك سال کن اڳ تعليم واري ص. بنيل آهي

وزير نثار کهڑي جي سنڌي نه پڑهائيندڙ خانگي اسكولن کي

نوٹيس ڏيڻ جو اعالن كيو هو پر هك سال گذري وڃڻ باوجود

صوبائي وزير صاحب پنهنجي فيصلي تي عمل كرائي نه

هك . سايد هاڻي کيس اهو فيصلو يا اعالن ياد به هجي. سگهيو

ڙ كنهن به سال گذري وڃڻ باوجود سنڌ اندر سنڌي نه پڑهائيند

پرائيويٹ اسكول کي نوٹيس جاري نه كيو ويو آهي ۽ نه

وري كنهن پرائيويٹ اسكول جي سنڌي نه پڑهائڻ جي حوالي

.سان انسپيكشن كئي وئي آهي

سنڌ ۾ هك سازش تحت سنڌي ٻولي کي نيكالي ڏني

كراچي ته ڇا پر اندرين سنڌ جي سركاري توڙي . پئي وڃي

کي نيكالي ڏني وئي آهيخانگي ادارن ۾ سنڌي ٻولي .

كراچي ۽ حيدرآباد ۾ لکن جي تعداد ۾ سنڌي ٻار رهندا آهن ۽

جي ڳالهه خانگي ۽ سركاري ادارن ۾ پڑهندا آهن پر افسوس

Page 156: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

۾ آهي ته انهن کي سنڌي پڑهڻ نه ايندي آهي، ڇو جو اسكولن

ڳوٺن کي ڏسو ته اتي به اسكولن جي . سنڌي پڑهائي نٿي وڃي

ماستر اسكول نه ويندا آهن، . آهي صورتحال وڌيك خراب

جيكي ويندا آهن ته اهو پڑهائيندا ناهن ۽ جيكي پڑهائيندا آهن

هن صورت ۾ سنڌي ٻولي خطري ۾ . سي سندن تربيت نٿا كن

نئون نسل سنڌي ٻولي نه پڑهندو ته سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ . آهي

ڇا ٻولي كلچر جو حصو كونهي، . ادب خطري ۾ پئجي ويندا

۽ ٹوپي اسان جو كلچر آهي؟ ڇا اسان کي ٹوپي ڇا رڳو اجرڪ

اجرڪ سان گڎ هي مطالبو نه كرڻ کپي ته سنڌي ٻولي کي

اسكولن ۾ سنڌي ٻولي . قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي

سنڌي ٻولي اسان جي سڃاڻپ آهي . الزمي كري پڑهائي وڃي

ايئن نه ٿئي ته اسان جا ٻار سنڌي ٻولي کان پري ٿي وڃن ۽ پو

سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي . رڳو پڇتا وڃي بچياسان وٽ

جو درجو ڏيارڻ ال ترقي پسند ساڃاهه وند ماڻهن ۽ ميڈيا کي

ڇا اسان سڀئي گڎ ٿي كراچي ۽ حيدرآباد ۾ . اپا وٺڻ کپن

سنڌي ٻولي پڑهائڻ ال كو قدم نٿا کڻي سگهون ۽ ٻئي پاسي

ته ڇا رياست تي دٻا سان گڎ اسان پاڻ تي به نظرداري كيون

.اسان پنهنجي ٻارن کي سنڌي پڑهائڻ جي كوشش كئي آهي

اسان جي ٻولي خطري ۾ آهي ۽ هن کي بچائڻ ال اسان

اسان پنهنجي . سڀني کي سوچڻ ۽ اپا وٺڻ جي ضرورت آهي

ٻولي جو تحفظ نه كيو ته پنهنجي ثقافت کي بچائي نه

سنڌ حكومت کي سنڌي ٻولي خانگي اسكولن . سگهنداسين

ان سان . ۾ رائج كرائڻ ال اعالن نه پر عملي قدم کڻڻ گهرجن

ڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ال وفاقي گڎ سن

Page 157: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ . سطح تي حمايت حاصل كرڻ گهرجي

بلوچي زبانن کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ ال آئين ۾

جي شعبي کي ترقي وٺرائڻ تعليم. ترميم جو بل آندو وڃي

. ۾ ڏني وڃي ال ضروري آهي ته بنيادي تعليم مادري زبان

ٻار جي اوسر جنهن ماحول ۾ ٿيندي آهي ان ۾ ته ڇاكاڻ

پر . كردار اول هوندو آهي به سکڻ ال ٻولي جو كجهه

رياست پاكستان ۾ ڳالهائي ويندڙ جهڑي ريت بدقسمتي سان

ان . ناانصافي كئي ٻولين سان خاص طور تي سنڌي ٻولي سان

ڳالهه ضرورت ان پيو آهي جو سڌو تعلق ٻار جي تعليم تي

سمورين ٻولين کي پاكستان ۾ ڳالهائي ويندڙ جي آهي ته

وفاق کي ٻولين جي ترقي ال. ڏئي جو درجو قومي ٻولي

.ادا كرڻ گهرجي پنهنجو كردار

)ع2015فيبروري 22: ڇپيل(

Page 158: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

راڻا ڀڳوان داس هك بيباڪ شخصيت

اکيون اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ آمريت سان

اکين ۾ وجهي ڳالهائيندڙ سنڌ جو بهادر پٹ سپريم كورٽ جو

اڳوڻو چيف جسٹس راڻا ڀڳوان داس كالهه اسان کان هميشه ال

دل جي تكليف سبب هك مهيني کان پاڻ گذريل. جدا ٿي ويو

ورهين 73 كراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل هو، جتي هن اڄ

ي شهر نصير قمبر شهداد كوٽ ضلعي ج. جي ڄمار ۾ دم ڏنو

تي پيدا 1942ڊسمبر 20آباد سان تعلق رکندڙ راڻا ڀڳوان داس

. وكالت جي شروعات كئي ۾ الڙكاڻي ۾ 1967 ٿيو ۽ هن

۾ سپريم 2000۾ سنڌ ها كورٽ جو جسٹس ۽ 1994هو

راڻا ڀڳوان داس سپريم كورٽ جو . كورٽ جو جسٹس بڻيو

۽ وقتي چيف جسٹس، اليكشن كميشن جو وقتي سربراهه

فخرالدين . فيڈرل پبلك سروس كميشن جو چيئرمين به رهيو

چيف اليكشن جي ابراهيم جي استعفي بعد خالي ٿيل

كمشنر جي عهدي ال وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڈر راڻا

سنڀالڻ کان ڀڳوانداس جي نالي تي اتفاق كيو پر هن عهدو

مشرف جي آمريتي . ال قائم كيوثمعذرت كري هك نئون م

دور ۾ پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انكار كرڻ تي ٻين

Page 159: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

گهر ۾ نظر بند كيو ويو ججز سان گڎ راڻا ڀڳوان داس کي به

.هو

مشرف جي آمرانه دور ۾ سنڌ جي هن بهادر فرزند

ع ۾ جڎهن ان 2007. عدليه جي بحالي ۾ اهم كردار ادا كيو

چيف جسٹس افتخار محمد وقت جي فوجي صدر جنرل مشرف

چوڌري کي معزول كيو ته رانا ڀڳوان داس قائم مقام چيف

هن ان بحران کي . ونيجسٹس جون ذميواريون سنڀالي ورت

هو چاهي ها ته پاڻ چيف جسٹس . انتهائي بهادري سان منهن ڏنو

ٿي پيو سگهي، پر هن عهدي کان عدليه جي وقار ۽ بحالي کي

جوڊيشل كائونسل ۾ افتخار جڎهن سپريم. وڌيك اهميت ڏني

چوڌري جي معزولي جي سماعت جاري هئي ته ان جو كميشن

جنهن تي وكيل . جو پهريون سربراهه جسٹس جاويد اقبال هيو

ان . برادري کي شك هئا ته هو آمريت کي سهارو ڏيندڙ آهن

وقت رانا ڀڳوان داس ڀارت جي دوري تي هيو، عدليه جي

يل برادري جون نظرون راڻا بحالي ال تحريك هالئيندڙ وك

جڎهن پاڻ ڀارت کان هتي پهتو ته . ڀڳوان داس مٿان هيون

وكيل برادري کي هك ڏڍ ۽ . صورتحال هكدم تبديل ٿي وئي

هن اڳوڻي آمر پرويز مشرف هٿان پي سي او . سهارو ملي پيو

سندس ئي سربراهي ۾ . تحت حلف کڻڻ کان انكار كري ڇڎيو

حمد چوڌري کي بحال كرڻ سپريم كورٽ جي بينچ افتخار م

وارو تاريخي فيصلو ٻڌائي عدليه جي آزادي ۽ وقار جو جهنڈو

.بلند كيو

سپريم كورٽ ۾ ڊگهي عرصي تائين خدمتون انجام

ڏيندڙ جج جسٹس رٹائرڊ راڻا ڀڳوان داس مختلف وقتن تي

Page 160: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

راڻا ڀڳوان . سپريم كورٽ جو چيف جسٹس به رهي چكو آهي

سپريم . جج مقرر ٿيو هو ع ۾ سپريم كورٽ جو2000داس

كورٽ مان رٹائرمينٹ بعد پاڻ فيڈرل پبلك سروس كميشن

هن ملك منجهه قانون، انصاف . جو چيئرمين به رهي چكو آهي

۽ انساني حقن جي بحالي ال عدليه جي پليٹ فارم تان جيكو

كردار ادا كيو، ان کي ملكي تاريخ ۾ اهم مقام حاصل

كيل فيصال ملك منجهه عدليه جي تاريخ ۾ سندس. رهندو

.قانون جي مٿڀرائپ ال سنگ ميل جي حيثيت رکندا

)ع2015فيبروري 24: ڇپيل(

Page 161: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ جو امن ۽ بااثر ماڻهن آڏو بي وس ٿيل

پوليس

صورتحال جيئن پو تيئن خراب سنڌ ۾ امن امان جي

ان جو هك سبب اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته هتي . ٿي رهي آهي

. پوليس جون سياسي بنيادن تي بدليون ۽ مقرريون ٿين ٿيون

جي ونگار نه ٿا وهن يا سندن جيكي پوليس آفيسر بااثر ماڻهن

جنهن . پاٿارين ۾ هٿ وجهن ٿا، انهن کي پاسيرو كيو وڃي ٿو

تازو . نهنجو فرض ادا كرڻ کان قاصر آهيكري پوليس پ

خيرپور ۾ هك ايماندار پوليس آفيسر کي فقط ان كري تنگ

كيو ويو، جو هن هك بااثر چونڈيل نمائندي جي خاص ماڻهو

کي فقط ان بنياد تي جاچ هيٺ آندو، ڇاكاڻ ته هن جو كرمنل

ان معاملي تي پوليس خالف جيكا باهوڙ ٿي، ان . ركارڊ هو

نيٺ ان معاملي . هن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڎيونسنڌ جي ماڻ

جو نبيرو تڎهن ٿيو، جڎهن ان پوليس آفيسر ان بااثر ماڻهو جي

ان . ان صورتحال ۾ امن كيئن ٿيندو. بنگلي جي حاضري ڀري

.بابت سنڌ حكومت کي جواب ڏيڻ گهرجي

جڎهن پوليس ڏوهاري ماڻهن تي هٿ وجهڻ کان الچار

يس منجهان امن جي قائم كرڻ بنائي وڃي، ان صورت ۾ پول

روز سنڌ جي مختلف شهرن . جي اميد كيئن ٿي رکي سگهجي

. مان قتل، اغوائن، ڌاڙن ۽ ڦرن جون خبرون رپورٽ ٿين پيون

Page 162: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

كنهن معصوم نينگري کي قتل كرڻ وارو واقعو هجي يا

روز اغوا ٿيلن جي انگ ۾ واڌ هجي، اهي واقعا اسان وٽ روز

كيترائي ماڻهو ڌاڙيلن جي هن وقت. جو معمول بڻيل آهن

پوليس جو كردار خاموش تماشائي وارو . قبضي ۾ آهن

ڏينهن ڏٺي جو ڏوهاري عنصر رستن تي . رهجي ويو آهي

بيهي، گاڏين ۾ داخل ٿي ڦرون كن ٿا ۽ انهن خالف كابه

امن امان جي هن خراب صورتحال عوام . كارروائي نٿي ٿئي

انهن ۽ كوكن جو ان جي د. جو سكون برباد كري ڇڎيو آهي

كوبه داد فرياد كونه ٿو ٿئي، كيترن هنڌن تي پوليس

. اهلكارن کي ڏوهارين جي پشت پناهي كندي ڏٺو پيو وڃي

امن امان جون حالتون جيئن پو تيئن سنگين ٿي رهيون آهن،

اصل . ماڻهو پاڻ کي عدم تحفظ جو شكار سمجهي رهيا آهن

بب جاچ ۽ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿيڻ جو س

جيكڎهن جديد . كارروائي جي طريقي ۾ تبديلي نه اچڻ به آهي

دؤر جي حساب سان طريقا تبديل كيا وڃن ته ڏوهاري عنصرن

تازو كجهه . کي ضرور قانون جي گرفت ۾ آڻي سگهجي ٿو

مقابلن ۾ پوليس اهلكارن جنهن كاركردگي جو مظاهرو

ي كيو ۽ خطرناڪ ڌاڙيلن کي ختم كيو جيكڎهن اهڑي جذب

سان پوري سنڌ ۾ كارروائي كئي وڃي ته ڏوهارين جي رستا

.روڪ ممكن آهي

سنڌ ۾ كاروكاري ۽ زميني تكرار ۾ به التعداد

حكومت کي . قيمتي جانين جو نقصان ٿي رهيو آهي

نه . كاروكاري جي خاتمي ال به سخت قانون جوڙڻ گهرجي

سنڌ ۾ . صرف قانون جوڙڻ پر ان تي عمل جي به ضرورت آهي

Page 163: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

زانو هي جيكو بيگناهه انساني جانين جو نقصان ٿي رهيو رو

آهي، ان کي روكڻ ال حكومت کي تحرڪ وٺڻ گهرجي ۽

.كڑ واري سلسلي کي تيز كرڻ گهرجيڏوهارين خالف وٺ پ

هر عالئقي جي پوليس آفيسر کي پنهنجي عالئقي ۾

امن جو پابند بنائڻ کپي ۽ كوبه ڏوهه ٿيڻ جي صورت ۾ ان

جيستائين هن معاملي کي ايمرجنسي . يو وڃيکان پڇاڻو ك

بنيادن تي نه ورتو ويندو ۽ ان حساب سان كارروايون نه

كيون وينديون ايستائين امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي

سنڌ گذريل كيترن ئي عرصي کان بدامني جي باهه . سگهندي

توڙي جو ملكي ليول تي كراچي جي . ۾ ٻري رهي آهي

آهي، پر حقيقت ۾ كراچي سميت سنڌ جي بدامني اشو بڻيل

اكثر عالئقن خاص كري اتر سنڌ وارن ضلعن ۾ نه صرف

بدامني جو مكمل راڄ آهي، پر شكارپور، جيكب آباد،

كشمور ايٹ كنڌكوٽ ۽ گهوٹكي ضلعن جا كيترائي

جنهن جو تازو . عالئقا عام ماڻهن ال نوگو ايرياز بڻيل آهن

روپ ۾ تڎهن پيش آيو، مثال كجهه ڏينهن اڳ حقيقت جي

جڎهن مسافر گاڏيون حيدرآباد اچي رهيون هيون ته هك ڌر

ان دوران . پاران ڌرڻو هڻي نيشنل ها وي بالڪ كيو ويو هو

ڊرائيورن ٻڌايو ته نيشنل ها وي جي ٻنهي پاسن کان متبادل

رستا موجود آهن، پر بدامني جي خوف سبب اكثر گاڏين ۽

اس ۾ بيهڻ ته برداشت كندا مسافر كالكن جا كالڪ نٹهڻ

سندن چوڻ موجب ته . آهن پر متبادل رستو اختيار نه كندا آهن

نيشنل ها وي کان ٿوري فاصلي تي موجود متبادل رستو

ڌاڙيل راڄ سبب عام ماڻهن ال نوگو ايريا بڻيل آهي ۽ انهن

Page 164: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

جنهن مان سنڌ . عالئقن ۾ پوليس ال وڃڻ به مشكل بڻيل آهي

ابتر صورتحال جو اندازو چڱي طرح لڳائي ۾ امن مان جي

هك طرف سنڌ جو گادي جو هنڌ كراچي آهي، . سگهجي ٿو

جتي دهشتگردن جو راڄ آهي ۽ روزانو كيتريون ئي معصوم

حياتيون ضايع ٿي رهيون آهن، ته ٻئي پاسي اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل

هر . راڄ قائم آهي، جتي ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ ناهي

ن کي ڦريو وڃي ٿو، ته كٿي وري مزاحمت نئين ڏينهن ماڻه

سياسي سفارشن تي . تي زندگي جو ڏيئو اجهايو ٿو وڃي

اسين سنڌ جي . مقرري سبب پوليس ويچاري بيوس بڻيل آهي

وڏي وزير کي گذارش ٿا كريون ته پوليس آفيسرن جي مقرري

کي سياسي مداخلت کان پاڪ كري کين امن امان کي يقيني

ڈ ڏنو وڃي، ته جيئن سنڌ جو عوام پر امن بڻائڻ ال فري هين

حالتن ۾ سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ سنڌ کي پرامن بڻايو

.وڃي ته جيئن كوبه روڊ نو گو ايريا يا خوف ڏيندڙ نه رهي

)ع2015فيبروري 24: ڇپيل(

Page 165: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سنڌ ۾ عام شهري جي تحفظ جو سوال

سنڌ جي مڑني شهرن ۾ امن امان جي صورتحال تسلي

دهشتگرد جي واقعن جي حوالي سان كراچي ته. ناهي بخش

صورتحال سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پڻ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي، پر

حيدرآباد کان كشمور تائين سنڌ ايڎي اتساهيندڙ كونهي،

ڏوهارين جي رحم و كرم تي ڇڎيل آهي، ڏوهاري راڄ سماج

۾ پنهنجون پاڙون ايتريون ته پختيون كري چكو آهي جو

و كندڙ ادارن جا هٿ ڏوهارين جي ڳچين تائين نه ٿا قانون الڳ

پهچن، شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي بنيادي

شامل هجي ٿو، پر هتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ذميوارين ۾

چوڻي عملي طور سنڌ جي هر شهر ۾ نظر اچي رهي واري

پنهنجو اثرائتو ان جو آئين ۽ قانون آهي، يعني جڎهن رياست

سماج جا ڏوهاري عنصر دار ادا كرڻ ڇڎي ڏيندا آهن پوكر

. سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ سنڌ ۾ اها راند ورهين کان جاري آهي

اسان وٽ اهي كهڑا وسيال آهن جيكي موجود نه آهن، جن جي

۾ ٿيندڙ ذريعي سنڌ ۾ بدامني، قبيالئي رتوڇاڻ ۽ شهرن

دهشتگردي ۽ اسٹريٹ كرائيم کي ٻنجو نٿو ڏئي سگهجي، پر

۾اچي سنڌ جي االئي ڇو رياست ۽ ان جا واڳ ڌڻي تحرڪ

عوام کي تحفظ فراهم كرڻ ال سرگرم نٿا ڏسجن، گهٹ ۾

گهٹ گذريل كجهه ڏينهن کان جيكا صورتحال آهي، ان مان

ٿيندڙ ته ايئن ئي بکي رهيو آهي، قبيالئي رتوڇاڻ، شهرن ۾

Page 166: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

خونريزي، چورين، اغوائن، ڦرن ۽ قتل جي وارداتن سميت سنڌ

۾ جيكا انساني حقن جي پائمالي ٿي رهي آهي، اها سچ پچ ته

كجهه ماڻهن جو اهو خيال آهي ته . لڱ كانڈاريندڙ آهي

موجوده بدامني جو سبب سياسي به آهي، سياسي مخالف هك

ماڻهن کي كجهه. ٻئي جي ماڻهن کي اغوا كرائي رهيا آهن

.مخالفت جي بنياد تي سزا ڏني ٿي وڃي

سنڌ پوليس سميت ٻين قانون الڳو كندڙ ادارن تي

عوام جا اربين رپيا خرچ ٿين ٿا نيٺ اهي ادارا ڇا كري رهيا

جڑتو مقابلي ذريعي ترقيون ماڻيندڙ سنڌ پوليس عوام آهن،

فراهم كرڻ بدران، ڄڻ ته عوام ال خود هك وڏو کي تحفظ

و بڻيل آهي، جيكڎهن كنهن جي چوري، ڦر ٿيئي ٿي ۽ مسئل

كنهن گهر ۾ ڌاڙو لڳي ٿو ته ان گهر ڀاتين تي ڄڻ ته شامت

اچي ٿي وڃي، ڇاكاڻ ته هك طرف ڦريا به اهي وري پوليس

مختلف هيلن بهانن سان تنگ به وري انهن کي كندي،

جيكڎهن پوليس عوام کي تحفظ فراهم نه ٿي كري سگهي

داري کي بند كرڻ ئي بهتر آهي ۽ پو اهڑو ته پو اهڑي ا

متبادل ادارو جوڙيو وڃي جيكو صحيح معني ۾ عوام کي

.تحفظ فراهم كري سگهي

سنڌ جي اترين عالئقن ۾ ڌاڙا، چوريون ۽ اغوائن جا

صرف هك ضلعي خيرپور ۾ هن . واقعا معمول بڻجي ويا آهن

انهي. وقت درجن کن ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن

معاملي تي نه كل جماعتي كا كانفرنس گهرائي ٿي وڃي نه

خيرپور وڏي . ئي سركار پاران كا سنجيدگي نظر ٿي اچي

وزير جو آبائي ضلعو آهي انهي جي صورتحال اهڑي آهي ته

Page 167: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

پو ٻين الوارث عالئقن جي كهڑي حالت هوندي؟ كراچي جو

مسئلو بيشك كٺن آهي پر انهي جي كري سنڌ جي ٻين

ماڻهو . الئقن ۾ ٿيندڙ بدامني کي نظرانداز كرڻ نه گهرجيع

كيترائي . غير محفوظ حالت ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن

اهڑا عالئقا آهن جيكي بلكل نوگوايريا بڻيل آهن اتان جا

رهندڙ ماڻهو سج لهڻ کانپو گهرن مان ٻاهر نكرڻ کان به

رين جا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ وڏيرا اهڑن ڏوها. لهرائيندا آهن

ساٿاري بڻيل هوندا آهن جنهن كري ڏوهارين خالف پوليس

كارروائي كرڻ کان كن الٹار كندي آهي، باقي اهو ته سڀ

. ڄاڻن ٿا ته پوليس جو سنڌ ۾ كمداري وارو كردار رهيو آهي

ساري چڑهيل ۽ عالئقي ۾ دٻدٻو رکندڙ وڏيرن وٽ پوليس

ي كمدار بڻيل هوندي آهي ۽ ڏوهارين کي وري وڏيرن ج

سرپرستي هوندي آهي، جنهن كري ڏوهاري بي خوف ٿي

جيكڎهن حكومت كراچي جي . كارروايون كندا رهندا آهن

معاملي جي كري ٻين عالئقن تي ڌيان نه ڏنو ته ايندڙ وقت ۾

ٻهراڙي وارن عالئقن ۾ به خطرا وڌي ويندا، جن کي روكڻ

.ايڎو آسان نه هوندو

)ع2015فيبروري 26: ڇپيل(

Page 168: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

گناهه شهري قانون الڳو كندڙ ادارن جي بي

نشاني تي

سنڌ ۾ قانون الڳو كندڙ ادارن طرفان عام شهرين سان

جيكو سلوڪ كيو پيو وڃي، ان جا پڑاڏا عدالتن ۾ به

گونجندا رهيا آهن، پر هتي كوڙا پوليس مقابال، ماڻهن کي

جو سلسلو ركجي کنڀي گم كرڻ يا كوڙن كيسن ۾ ڦاسائڻ

اڃا كراچي ۾ هك سنڌي نوجوان انيس . نه سگهيو آهي

سومرو کي كوڙي پوليس مقابلي ۾ طالبان ڄانائي قتل كرڻ

جي كيس جي سماعت سپريم كورٽ ۾ هلندڙ هئي ته كالهه

وري رينجرز كنڌرا ڀرسان هك نوجوان کي فائرنگ كري

.ماري ڇڎيو آهي

كنڌرا ڀرسان شاهه حسين واري عالئقي ۾ مير زاهد

جنهن ۾ سادن كپڑن ۾ . ميل كرايو حسين ٹالپر ككڑن جو

اهلكار به موجود هئا، جن جو رابطو پوليس ۽ رينجرز سان

سادن كپڑن ۾ اهلكارن رينجرز کي اطالع ڏنو . مسلسل هو

اطالع تي رينجرز پهچي فائرنگ . ته هت ڏوهاري موجود آهن

جنهن جي نتيجي ۾ سئي گئس جو مالزم جاويد . كري ڏني

. ئي گولين جو بک بڻجي ويوپٹ مهوال جانوري ٿڎي تي

جڎهن ته سندس ڀا ظفر ۽ لعل ڏنو پٹ سليمان گوليون لڳڻ

جڎهن ته . فائرنگ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. سبب زخمي ٿي پيا

رينجرز جاويد جو الش، سندس زخمي ڀا ظفر ۽ الل ڏني کي

ٻئي طرف واقعي خالف . پڻ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڎيو

Page 169: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

جي وارثن احتجاجي مظاهرو مارجي ويل نوجوان ۽ زخمين

هنن جو . روهڑي روڊ بند كري ڇڎيو- كري ڌرڻو هڻي كنڌرا

چوڻ هو ته رينجرز بي گناهه اسان جي نوجوان کي قتل كيو

هنن چيو ته ككڑن جي ميل ۾ كو . آهي، انصاف كيو وڃي

به ڏوهاري موجود نه هو ۽ نه وري قتل ٿيل جاويد ڏوهن ۾

سڌي فائرنگ كري بي ملوث هو، غلط اطالع تي رينجرز

گناهه نوجوان کي ماريو ۽ نينگر سميت ٻن ڄڻن کي زخمي

.كيو آهي

كنڌرا واقعو ٿابت كري ٿو ته هتي قانون الڳو كندڙ

اها ئي ڳالهه . ادارن کي ماڻهو مارڻ جي كابه جهل پل ناهي

كالهه سپريم كورٽ جي مانوران ججن كراچي ۾ قومپرست

لي ۾ مارجڻ بابت كيس كاركن انيس سومري جي مبنيا مقاب

.جي سماعت كندي كئي آهي

سپريم كورٽ كراچي رجسٹري ۾ قومپرست

كاركنن انيس سومرو قتل كيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران

عدالت وكيلن جا دليل ٻڌڻ کانپو ٹن مهينن اندر آ جي سنڌ

عدالت . غالم حيدر جمالي کان رپورٽ طلب كري ورتي آهي

ايڇ او اسماعيل الشاري، سچل سهراب ڳوٺ جي اڳوڻي ايس

جي ايس ايڇ او شعيب شيخ ۽ اسحاق الشاري سميت سنڌ

پوليس ۾ ڀنگ ال اغوا ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جو

ركارڊ رکندڙ پوليس آفيسرن خالف كارروائي كري ٹن

عدالت داخل كيل . مهينن اندر رپورٽ طلب كري ورتي

وٺي ايس ايس كيس جي جاچ سب انسپيكٹر قربان علي کان

پي اوڀر پير محمد شاهه کي منتقل كندي کيس جاچ مكمل

Page 170: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

عدالت . كري الڳاپيل عدالت ۾ پيش كرڻ جو حكم ڏنو آهي

انيس الرحمان قتل كيس ۾ نامزد پوليس آفيسرن سان ٺاهه

كرڻ ال مقتول جي والد انور سومرو مٿان دٻا وجهڻ بابت

ئري ال ڊسٹركٹ اينڈ سيشن جج ڏکڻ کي جوڊيشل انكوا

مقرر كندي کيس هك مهيني اندر رپورٽ پيش كرڻ جي

جسٹس امير هاني مسلم آ جي غالم حيدر . هدايت كئي

جمالي کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي هوندي ڀنگ ال

اغوا جهڑن ڏوهن ۾ نوكري تان برطرف ٿيندڙ نه رڳو بحال

و ٿين ٿا پر انهن کي اهم ٿاڻن جو ايس ايڇ او به مقرر كي

سپريم كورٽ طرفان مقتول انيس سومري جي قتل . وڃي ٿو

كيس ۾ ڏنل حكمن تي عمل كرڻ سان گڎ مستقبل ۾ اهڑن

.سنگين ڏوهن جي روكٿام ال به قدم کڻڻ گهرجن

)ع2015فيبروري 28: ڇپيل(

Page 171: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

افغانين خالف آپريشن نمائشي نه هجڻ گهرجي

قانوني طور سنڌ حكومت جي هدايتن تي سنڌ ۾ غير

رهندڙ افغانين ۽ قبائلي عالئقن جي ماڻهن خالف كريك

پوليس مختلف شهرن مان دزن کن افغانين . ڊائون جاري آهي

كوٹڑي ۾ مختلف عالئقن ۾ .کي گرفتار كري ورتو آهي

پوليس ڇاپا هڻي غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي گرفتار

الف ۽ هوڏانهن سنڌ ۾ ڌارين جي آبادكاري خ. كري ورتو

انهن کي نيكالي ڏيارڻ ال مختلف تنظيمن طرفان مسلسل

سنڌ جي . مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا كيا پيا وڃن

آبادي ۾ اضافي توڙي غير قانوني آبادكاري وسيلي ڏوهن

جي واڌاري جو سبب انهن انتظامن کي ڄاڻايو آهي جن جي

لک ڌاريا غير قانوني 35كمزوري جي كري سنڌ ۾ اٹكل

ور سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پنهنجو گهر كري ويٺا آهن ۽ ط

انهن . آهستي آهستي پنهنجون پاڙون گهريون كري رهيا آهن

آبادكارين جو سخت نوٹيس وٺڻ وارو انتهائي وقتائتو ۽

هاكاري عمل سنڌ سركار سان گڎ سنڌ جي عوام جي پڻ دلين

اسان سنڌ جي وڏي وزير توڙي موجوده جمهوري . وٹان آهي

جي پاران سنڌ ۾ غير قانوني آبادكاري جي خالف حكومت

نوٹيس وٺي انهن کي واپس پنهنجي اباڻن عالئقن ڏانهن

سنڌ جي وڏي وزير . موكلڻ جهڑي اعالن جي آجيان كريون ٿا

Page 172: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

سيد قائم علي شاهه صوبي جي كامورا شاهي کي هدايتون

جاري كندي غير قانوني پرڏيهين ۽ افغان پناهگيرن جي سنڌ

، زميني، ريلوائي ۽ هوائي بارڊرن تان آمد کي جي سامونڈي

روكڻ ال خاص اپا وٺڻ تي زور ڀريندي انهن پرڏيهين کي

وڏي وزير . سنڌ جي عوام ۽ ادارن ال وڏو خطرو سڎيو آهي

وڌيك چيو آهي ته ملك جي اترين ۽ قبائلي عالئقن ۾ آپريشن

جاري آهي، اهڑي صورتحال ۾ سندن سنڌ اچڻ ۽ رجسٹريشن

وڏي وزير موصوف وڌيك . وڏي ناانصافي ۽ خطرو هوندي ٿيڻ

چيو ته دهشتگردن خالف آپريشن سبب متاثر ٿيندڙ قبائلي

عالئقن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ ترسائڻ جي مخالفت كئي

هن غير قانوني پرڏيهين، منشيات جي اسمگلرن ۽ . ويندي

افغان پناهگيرن جي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ آمد واري خبرن

نوٹيس ورتو ۽ انهن کي ٹن ڏينهن اندر ذكر كيل جو سخت

.عالئقن مان كڍڻ جو حكم پڻ جاري كيو

سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادكاري تي سنڌي ماڻهو سخت

ڳڻتي ۾ مبتال آهن، ماضي ۾ بهارين ۽ مهاجرن سنڌ ۾ اچي

پناهه ورتي ۽ اهي اڄ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل كرڻ جا

م وڏن شهرن جا والي سانباهه كري رهيا آهن ۽ سنڌ جي اه

اهڑن خدشن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حكومت . وارث بڻيل آهن

طالبان خالف آپريشن سبب متاثر ٿيندڙن کي سنڌ ۾ ترسائڻ

ڏينهن اندر 3جي مخالفت كندي صوبي ۾ موجود افغانين کي

وزيراعلي پاڻ چئي . نيكالي ڏيڻ جو اعالن وقتائتو قدم آهي

وڌيك پرڏيهي غير قانوني لک کان 25رهيو آهي ته سنڌ ۾

پرڏيهي مهاجرن جي يلغار کي سنڌ ۾ آڻي . طور ترسيل آهن

Page 173: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ڌاري آبادكاري جا . سنڌين خالف سازشون كيون ويون آهن

نتيجا سنڌي عوام ڀوڳيندي رهيو آهي، ان وقت به جيكڎهن

سنڌ جا سرپرست مزاحمت كري مهاجرن کي روكن ها ته اڄ

يندي محسوس نه كري سنڌي عوام پاڻ کي اقليت ۾ تبديل ٿ

اڄ سنڌين جي اها حالت ٿي آهي ته سندن جي ئي شهرن ۾ . ها

سنڌ جي موجوده حكمرانن کي . تعليم پرائڻ جو به حق ناهي

. اڳ ۾ جيكو كم كرڻو هو اهو هاڻ كرڻ وڃي رهيا آهن

وزيراعلي افغانين مان اڄ خطرا محسوس كري رهيو آهي،

هن ساڳي وزيراعلي اهي خطرا تنهن وقت به موجود هئا جڎ

انهن جي آجيان كئي هئي، پر هاڻ به جيكڎهن سنڌ سركار

اهڑو كم كيو آهي ته ان جي سنڌي عوام آجيان كري ٿي،

ڌارين جي آبادكاري فقط نمائشي نه ٿيڻ گهرجي، پر ان کي

جيكڎهن سنڌ ۾ كنهن به هيلي . تكميل تي رسايو وڃي

وئي ته اهو بهاني سان ٻيا ڌاريا آباد كرڻ جي كوشش كئي

.عمل سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتي هوندو

)ع2015مارچ 2: ڇپيل(

Page 174: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

Ruk Sindhi

رڪ سنڌي

سنڌ جو مشهور

آگسٹ 5ليکك رڪ سنڌي

ع تي تعلقي كنڈياري 1961

ضلع نواب شاهه جي ڳوٺ

پاڻ سنڌ . حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو

يونيورسٹي مان گريجوئيشن

كرڻ بعد صحافت جو پيشو

پاڻ روزاني سنڌ . اختيار كيو

سجاڳ جي ايڈيٹر ۽ روزاني جاڳو كراچي جي ايڈيٹر ۽ پبلشر

جڎهن ته روزاني عوامي آواز . طور خدمتون سرانجام ڏنيون

كراچي، روزاني سچ كراچي، روزاني سوڀ كراچي،

روزاني تعمير سنڌ كراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز

پاڻ . ون سرانجام ڏنيونايڈيٹر ۽ اسسٹنٹ ايڈيٹر طور خدمت

رڪ سنڌي سنڌ . مختلف صحافتي تنظيمن ۾ شامل رهيو آهي

جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ به

سالن کان 20هو گذريل . سرگرم كردار ادا كندو رهيو آهي

ادب، پاڻ. سنڌ جي قديم تاريخ تي تحقيق كري رهيو آهي

سياست ۽ صحافت سان الڳاپيل هجڻ سميت كيترن ئي

جن ۾ كيترائي كتاب شايع ٿيل . كتابن جو خالق رهيو آهي

جڎهن ته سندس سوين مقاال ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ . آهن

رڪ سنڌي جي شايع ٿيل . رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن

Page 175: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani

ٹوڙي ڦاٹك جو “، ”قومون ۽ قومي تحريك آزادي“كتابن ۾

سنڌ جي سياسي “، ”سنڌي قوم جو مقدمو“، ”وسانح

قاضي “، ”تاريخ جي الٽ“، ”سنڌ آزادي ۽ انقالب“، ”صورتحال

اڄ “، ”سنڌ جي قومي تحريك ۽ سنڌين جو اتحاد“، ”فيض محمد

. كتاب ڳڻائي سگهجن ٿا” سنڌو سڀيتا جي اوسر“۽ ” جي سنڌ

رڪ سنڌي كيترائي كتاب ترجمو كري سنڌي ٻولي جي

پاكستان “جن ۾ بينظير ڀٹو جو كتاب . ا آهنجهولي ۾ وڌ

جڎهن ته كيئي كتاب . به هك آهي” طوفان جي گهيري ۾

بابا سنڌ كامريڈ حيدر بخش “جن ۾ . مرتب به كيا آهن

.۽ ٻيا شامل آهن” سنڌي ٻولي رت رتولي“، ”جتوئي

كتاب

)تاريخ، تحقيق(سنڌو سڀيتا جي اوسر .1

)سوانح، تحقيق(سنڌو سڀيتا جا محقق .2

قومون ۽ قومي تحريك آزادي .3

ٹوڙي ڦاٹك جو سانحو .4

سنڌي قوم جو مقدمو .5

سنڌ جي سياسي صورتحال .6

سنڌ آزادي ۽ انقالب .7

تاريخ جي الٽ .8

قاضي فيض محمد .9

اتحاد سنڌ جي قومي تحريك ۽ سنڌين جو .10

اڄ جي سنڌ .11

سکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو .12

ڏتڑيل ديس جي كهاڻي .13

Page 176: Ruk Sindhi-Ddutrial Dess ji Kahani